ڪالم / مضمون

اداس شهر جي لُٽيل تاريخ

هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي. همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي.
Title Cover of book اداس شهر جي  لُٽيل تاريخ

  اچو ته خوف ختم ڪريون!

ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ڪروڙين ماڻهو مذهبن ۾ ڏٺاسين، پر چند ماڻهو انسانيت ۾ ڏٺاسين، اهي لفظ ڪنهن عقيدي جي نفي نه پيا ڪن، پر! عقيدن جي اندر وڃائجي ويل انساني قدرن جي ڳولا پيا ڪن. انسانيت سان پيار دنيا جي مڙني مذهبن جو منشور آهي، ڇو ته دنيا جو بچاءُ ڪنهن مخصوص عقيدي جي بچاءَ ۾ هرگز ناهي، پر انسانيت جو هئڻ ئي دنيا جي بقا جو سوال آهي. ڪائنات جو موضوع انسان آهي، نه ڪي ڪو خاص عقيدو!۽ جڏهن ته عقيدا انسانذات جي سڌاري ۽ واڌاري جو هڪ پيچرو آهن، جنهن ۾ انسان جي ارادن تي ڇڏيل آهي ته هو هن جي پوئيواري ڪن ٿا يا نه؟؟ پر لازمي طور انسانن کي هڪ سوچ تحت عقيدن کان ماورا انساني جذبي تحت ٻئي انسان جو احترام ڪرڻ ضروري آهي. هڪ عقيدو ٻئي عقيدي جي نفي ڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر هڪ انسان جيڪڏهن ٻئي انسان جي نفي ڪري اڳتي وڌندو ته اها فطرت جي قانون ۽ ڪائنات جي نفي ڪرڻ برابر ٿيندي، جنهن سان انسان جو مورال نه صرف گهٽجي وڃي ٿو، پر انسانيت خود سواليه نشان بڻجي رهجي وڃي ٿي. عقيدن جي اندر ٽڪراءَ سان نرگسيتي سوچ کي هٿي ملي ٿي ۽ اعتدال ختم ٿي شدت پسندي جنم وٺي ٿي. اهو ڪيڏو نه الميو چئبو ته هڪ انسان ان بنياد تي قتل ڪيو وڃي ته ان جو عقيدو قاتل کي نٿو وڻي ۽ وري قاتل پنهنجي سوچ يا عقيدي تي ڪنهن بيگناهه کي قتل ڪري پاڻ کي جسٽيفاءِ ڪري، اها خود ان عقيدي جي نفي آهي، جيڪو پنهنجي سوچ کي بندوق يا بم جي ذريعي لاڳو ڪري ٿو. معاشرا عقيدن جي آزادي ۽ اعتدال جي راهه تي هلي انساني قدرن ۽ ڀائپي جي اصول تحت وڌندا رهندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن عقيدي جي اندر غير سائنسي سوچ ۽ بناوٽ تمام گهڻي آهي (توڙي جو عقيدو گهڻي ڀاڱي فوڪل عقل شين جو ڀنڊار هوندو آهي) ان ۾ منطق گهٽ جذباتي قبوليت وڌيڪ هوندي آهي، اهو عقيدو ان جديد دور ۾ اڳتي هلي پنهنجي افاديت ختم ڪري ويهندو ۽ اهو مدي خارج رسمن مان نڪري سائنسي ۽ منطقي آڌار تي پاڻ ۾ ارتقائي تبديلي ضرور آڻيندو- پر جيڪڏهن ڪنهن به عقيدي کي اڻوڻندڙ قرار ڏئي ان ئي بارود سان ختم ڪجي ته اها ختم ڪندڙن جي جنونيت يا حيوانيت سڏبي ۽ اهڙي سوچ انساني تباهيءَ جو ڪارڻ بڻبي ۽ معاشري ۾ خوف ۽ بربريت کي جنم ڏئي قومن جي هزارها سال شناخت کي اڏوهي وانگر کائي ختم ڪري ڇڏيندي.
تمهيد ٻڌڻ جو مقصد ماڻهن کي عقيدن جي ٻرندڙ بٺين مان سڙڻ کان بچائڻ آهي. جذبات ۾ اچي هڪٻئي کي قتل ڪرڻ سان انسانيت کي ڪيڏو شديد نقصان رسي ٿو ۽ ان سان معاشري ۾ خوف مستقل طور حاوي رهي ٿو، جيڪو زندگي کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏي ٿو. 30 جنوري شڪارپور جي تاريخ جو سياهه باب آهي ئي، پر اهو ڏينهن سنڌ جي بدنامي ۽ سنڌي ماڻهن جي اتحاد ۽ رواداري جي خون ڪرڻ مثل آهي، جنهن ۾ سيڪيولر ۽ اعتدال پسند سنڌ جي وجود تي ان بم جو حملو هو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ کان دانهن نڪري وئي. لطيف جي تنبوري ۾ پوري سنڌ ڪيڏارو ڳائڻ لڳي، شاهه عنايت جي عظيم فلسفي مان رت ٽمڻ لڳو ۽ سڄي سنڌ غم جو ڪارو ويس اوڍي انسانيت ۽ رواداري جي تاريخ جي خون ٿيڻ تي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. اها سنڌ، جنهن جي صوفين جي درگاهن تي ڪوئي سني، شيعو، يا هندو نه هوندو هو، سڀ سنڌي تصوف جي گيت تي محو رقصان ٿي نچندا رهيا آهن ۽ انهن درگاهن جو عقيدو انسانيت جي خدمت، رواداري ۽ هيڪڙائي اتم فلسفو رهي آهي- جيئن سنڌ جي عظيم صوفي مزاحمتي شاعر سچل جو فلسفو ته ”دوئي ئي دور ڪجي“ يا وري عظيم انقلابي شاعر شڪارپور ڄائي شيخ اياز جي شاعري ۾ ته ”او انسان او انسان ڪنهن کي ٿو مارين....“ اهي انسانيت جا مثالي ۽ جٽادار خيال آهن. اهي خيال سنڌ جي صوفي شاعرن کان ويندي جديد انقلابي شاعرن جي شاعري ۾ به فن جي ڪمال سان جڙيل نظر ايندا. سنڌ ڌرتي جو عقيدو تاريخ جي تناظر ۾ پڙهڻ سان دنيا جي عقيدن کان مختلف ۽ نمايان نظر ايندو ته اهو عقيدو ”ڪُل جو خير- پوءِ پنهنجو خير‘‘ انسانيت عظيم، ڌرتيون قديم ۽ ڌرتي وارا پيار جي شڪل جا پرچارڪ ڪل ۾ سڀ ۽ سڀ ۾ ڪل چوڻ وارا....!انهن جي ڌرتي تي ايڏو وڏو سانحو سوين ڳڻتين ۽ خوف کي جنم ڏئي ويو آهي. ان سانحي کان پهرين ئي سنڌي معاشرو انيڪ سياسي ۽ اقتصادي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو پيو هو، ويتر هن قسم جي واقعي هن پرامن معاشري کي لوڙهي ڇڏيو آهي.
هن سانحي کي هڪ سال پورو ٿي ويو، پر هن شهر جي ماڻهن اندر خوف ختم ناهي ٿيو. هر وقت بي يقيني جي باهه انهن جي جسمن کي ساڙيندي رهي ٿي ۽ شهر جي چچريل تاريخ مان اڃا تائين رت ٽمي رهيو آهي. شهر ۾ ٿيندڙ مذهبي يا خوشي جي تقريب ۾ انتظامي سطح جي غير معمولي حرڪت ڏسندي ڳڻتي ۾ ويتر اضافو اچي وڃي ٿو. هن شهر جي معيشت ته تباهه آهي ئي، ويتر خوف سبب شهري هن شهر سان عهد وفا ٽوڙي کيس ڏهاڳ به ڏئي رهيا آهن. ڇا شهر يا ماتر ڀومي ڪنهن سانحي سبب ڇڏي وڃبا آهن؟ ڇا شهر سان رشتو رڳو خوشين جو ٿئي ٿو ۽ تڪليف جي حالت ۾ ان شهر کي ڇڏي ڏجي؟ جنهن شهر ۾ انهن جي تاريخ جون پاڙون آهن ۽ ان شهر تي شدت پسندن کي ديرا ڄمائڻ ڏجن ته هو اچي پنهنجي ايجنڊا تي شهر مٿان حڪمراني ڪن ۽ هن شهر جي تاريخ کي بيگناهه انسانن جي رت سان رڱين ۽ عظيم شهر جي فنپارن کي ڪٻاڙ خاني ۾ ڦٽو ڪري پنهنجي انسان ۽ شهر دشمن سوچن کي معصوم ماڻهن مٿان زوري مڙهي انهن تي مستقل طور حاڪميت ڪن؟؟ هن شهر جي هر گهٽي ۾ بيگناهن جو رت اسان کان انصاف جي گهرجائو آهي، هو انصاف گهرن ٿا هن ملڪ جي وڏي عدالت انساني ضمير جي عدالت کان! ته اسان جي بيگناهه خونن سان ڪير انصاف ڪندو؟؟ ڪنهن مخصوص عقيدي جي بنياد تي حياتي کي رت سان وهنجارڻ ڇا اها ڪنهن مخصوص نظريي جي تڪميل آهي يا انسانيت جي تذليل؟؟ ڇا ڪنهن ماءُ جي ڳوڙهن جو به عقيدو هوندو آهي يا ڪنهن ڀيڻ جي ارمانن جو به ڪوئي مذهب هوندو آهي؟! انهن بيگناهه خونن سان انصاف هن وقت جي حڪومت چند ڏوڪڙ ڏئي ڪيو آهي ۽ جيڪا رات جي تاريڪين ۾ قاتلن سان گڏ ويهي ٿي ۽ ڏينهن جو مظلومن جو راڳ آلاپي ٿي، انهن بيگناهه خونن جو پلاند هن شهر جي ماڻهن جي همٿ ۽ حوصلن ۾ رکيل آهي ۽ اهي ئي شهيدن جي قاتلن کي شڪست ڏئي سگهن ٿا. سانحي جا شهيد حوصلو ڏيندي چون ٿا ته اسان جي رت سان ٻريل ڏيئا امن ۽ رواداري جي صبح اڀرڻ تائين نه وسامڻ کپن. شهر جي ماڻهن جي اندر خوف انهن دشمن قوتن جي ڪاميابي آهي، جن هن شهر کي پنهنجي مخصوص عقيدي جي بٺي ۾ ساڙي رک ڪرڻ جو رٿيو آهي. اهڙين سوچن جو عقيدو انسانيت جو خاتمو ۽ تهذبين جي تباهي تي مبني هوندو آهي. اچو ته! خوف کي ختم ڪريون ۽ انهن قوتن سان وڙهون، جيڪي اسان جي ايندڙ نسلن جي رت ۾ انسانيت دشمن ۽ عقيدن جي نفرتن جون سيون هڻي کين بيهوش ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. اچو ته! پنهنجي علمي درسگاهن ۾ جملي انساني عقيدن جي احترام جا سبق پنهنجي ايندڙ نسل کي پڙهايون ته جيئن هو دنيا جي امن جي اڳواڻي ڪن ۽ رواداري جي فلسفي کي ڦهلائي دوزخ بڻايل دنيا کي جنت جهڙي جهان ۾ تبديل ڪريون. عقيدا رڳو داڻن کي ڦيرائڻ جو نالو ناهن، پر انسانيت جي برابري ۽ ماڻهوءَ جي من جي قبوليت جو نالو آهن. خوف ۾ ڪيل عبادتون يا قبوليل عقيدا جٽادار ناهن هوندا، ڇو ته انساني تاريخ عقيدن جي رت سان وهنتل آهي، ان ۾ خوف مستقل بادشاهتون ڪري انساني عظمت کي داغدار بڻايو آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجي مخصوص عقيدن جي پيروي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. اهو خوف جيڪڏهن معاشري اندر مستقل رهندو آهي ته اتي چوطرف انساني رت جي بوءِ ڦهليل هوندي آهي ۽ ماڻهپو موڪلائي ويندو آهي. انسانيت کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته اهڙين سوچن جي نرسري کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪرڻ جي لاءِ مظلومن کي ڪٺو ٿي هڪ دائمي جنگ جوٽڻي پوندي ۽ انساني تاريخ مظلومن جي اتحاد سان ڀري پئي آهي- انهن مظلومن عقيدن جي ڄار ۽ جاگيردارن جي شڪار مان پنهنجي جان آجي ڪرائي فرانس جهڙي انقلاب جي صورت ۾ انساني تاريخ کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن.
اڄ هن شهر جو ماڻهو جبر واري زندگي جيئي پيو، جتي عقيدن جي عقوبت خانن ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي ۽ هن شهر جو ماڻهو خوف جي بيماري کان ڇوٽڪاري لاءِ ساڃهه وندن جي اڳتي وڌڻ جي انتظار ۾ آهي. جڏهن به ساڃهه جو ڪو سڏ ٿيو، تڏهن هن شهر جو ماڻهو خوف کي ختم ڪري آزاد فضا جي چائنٺ چمندو. هي شهر امن ۽ رواداري جي آزاد هوا ۾ رابيل جي مهڪ جهڙا ساهه کڻندو ۽ انهن جي ٽهڪن جا چنگ هر وقت ٻُرندي نظر ايندا ۽ شهيدن جي مزارن مان مبارڪن جي مهڪ ايندي ۽ انهن جو خون خوشبو بڻجي هن تاريخ جي ورقن ۾ اچو ته! خوف کي ختم ڪريون وارو گيت بڻجي گونجندو رهندو. ياد رکڻ کپي ته تاريخ انساني عقيدن تي نه جيئندي آهي، پر انساني قدر تاريخ کي هميشه زندهه رکندا آهن. اچو ته! خوف کي ختم ڪري پنهنجي نسلن جا محافظ بڻجون. اسان جو آئيندو اعتدال ۽ انسان دوستيءَ واري سنڌ ۾ آهي، جنهن ۾ هر ماڻهوءَ کي عقيدي جي آزادي هجي، انڌي تقليد ۽ شدت پسندي سوچ تاريخ ۾ انسان جي عظمتن جون انڪاري رهيون آهن. سنڌ ڌرتي جو قديم فلسفو انسانيت ۽ ان جو رتبو ئي رهيو آهي. اچو ته! سنڌ جي پرامن شهرن کي شدت پسندي جي بک ٿيڻ کان بچايون ۽ پرامن سنڌ کي انساني تهذيب جو مثالي مرڪز بڻايون.