ڪالم / مضمون

اداس شهر جي لُٽيل تاريخ

هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي. همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي.
Title Cover of book اداس شهر جي  لُٽيل تاريخ

زهر جو ڪاروبار ڪندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ڪڏهن ايندا؟

هن سماج اندر انسان جي فطرت ۾ ذاتي ظالماڻو رويو ايڏو ته وسيع آهي جو ان کي جيستائين قانون ٻنجو نه ٿو ڏي، تيستائين سندس خاتمو ناممڪن آهي، بي ايماني سان ڀريل سياسي معيشت ۽ ڌوڪي بازيءَ جي پڙهايل درسن معاشري جي عام ماڻهوءَ کي سوچڻ ۽ ڪجھ ڪرڻ جي سگھ کان محروم ڪري رکيو آهي، هر روز معاشري جي اندر ٿيندڙ انسانيت دشمن واقعن سنڌي سماج کي لوڏي رکيو آهي ۽ ان جي اندر ڪا اهڙي سياسي لهر يا منظم شعوري سگھ اڻ لڀ نظر اچي پئي، جيڪا انسان دشمن واقعن تي ردعمل طور ٻاهر نڪري سگھي ۽ ڪا ڀرپور قسم جي مهم هلائي معاشري اندر وڌندڙ انسان دشمن واقعن جي بنيادن کي لوڏي وجھي، ۽ ان جي سببن تي ڪم ڪري معاشري مان نراجيت کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪري انسان دشمن ڪاروبار کي نيڪالي ڏئي پنهنجي معاشري کي لالچي ۽ سماج دشمن عنصرن کان محفوظ رکي سگھي.
سنڌي سماج جي لاتعداد براين جي ور چڙهڻ جو سبب به ويجھي ماضيءَ ۾ عوامي سگھ جو منظم انداز ۾ نه گڏجڻ ۽ سڀن ڏانهن عام ماڻهوءَ جو رويو پنهنجائپ وارو نه هجڻ ئي آهي، اهو ته هڪ تمام وڏو الميو آهي ئي نه! اسان جي روز مرهه زندگي اڪارج بڻجندي پئي وڃي ۽ ٿورڙو گھڻو وقت فضول ۾ ضايع ٿيندو پيو وڃي، پر جڏهن ڪو حادثو يا واقعو مجموعي معاشري جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ٿو ته ان تي ردعمل نه ڏيکارڻ نه صرف تاريخي گناهه هجي ٿو، پر خود پنهنجي مستقبل کي تاريڪي ۾ ڌڪڻ برابر پڻ آهي، معاشري جي مجموعي خاموشي وڌيڪ واقعن کي جنم پڻ ڏئي ٿي ۽ ان سان انسان دشمن ڪاروبار ڪندڙ قوتون وڌيڪ مضبوط ٿين ٿيون ۽ اهي منظم بڻجي معاشري ۾ پنهنجي ڪُڌن ڪرتوتن کي جواز مهيا ڪرڻ لاءِ ڪرپٽ سياسي نظام جو سهارو پڻ وٺن ٿيون.
اسان جو موجوده سياسي سرشتو سڌي يا اڻ سڌي طرح اهڙن ڪاروبار ڪندڙ گروهن کي پناهون پڻ ڏيندو رهيو آهي ۽ انهن جي سيڙپ تي پنهنجو سياسي نظام قائم ڪيون ويٺو آهي، جيئن شڪارپور مان ڪجھ ڏينهن اڳ انسان دشمن ڪاروبار ڪندڙ (نقلي دوائن جو ڪاروبا) پ پ پ جو ڪائونسلر شهباز آرائين جو اصل چهرو جڏهن ميڊيا جي معرفت لکين ماڻهن جي سامهون آيو ته نه پارٽي قيادت ان خلاف ڪارروائي ڪئي ۽ نه وري اهو ماڻهو خود پوليس جي پڪڙ هيٺ اچي سگھيو، انساني حياتي جو قيمتي هجڻ ڪيڏي معنيٰ رکي ٿو، اهو انصاف تي قائم معاشرن ۾ ئي سمجھي سگھجي ٿو ته ماڻهو ڪيترو اهم آهي ۽ ان جو بچاءُ ڪائنات ۽ زندگيءَ کي ڪيڏو مانائتو بڻائي ٿو، پر ان معاشري اندر انسانيت ڪابه معنيٰ نه ٿي رکي، جنهن معاشري جو سياسي سرشتو چوري، ٺڳي ۽ بي ايمانيءَ تي دارومدار رکندو هجي ۽ جڏهن سياسي ليڊرشپ پنهنجي چالاڪين سان عوام کان غلاميءَ جو احساس به کسي ان کي ووٽ جي چڪيءَ ۾ لالچ جا داڻا وجھي پيسيندي رهي ٿي ۽ عوام ”اٽي، لٽي ۽ اجھي“ جي نعري تي پنهنجي سياسي حقن کان محروم رهي ويڳاڻپ واري زندگي بسر ڪري رهيو آهي.
پ پ پ جي ڪائونسلر جي انسان دشمن ڪاروبار نقلي دوائن تي جمهوريت لاءِ قرباني جي دعويدار پارٽيءَ جي خاموشي ڪيتري جمهوري ۽ عوام دوست آهي، اهو اُن مان ئي ثابت ٿئي پيو ته اڃان تائين ڪائونسلر ڀوتار جي بنگلي ۾ بي خوف ٿي بستر تي آرامي آهي ۽ کيس ڪوبه ڊپ نه آهي، ته هن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ اکين تي پٽيون ٻڌل انصاف جي ديوي مجرم ثابت ڪري انسان دشمن ڏوهه ۾ ڪا سزا ٻڌائيندي! ڇوته ڪيس ۾ موجود گواهيون ۽ ليبارٽري رپوٽ ڪيتري ايمانداريءَ سان اثر ڏيکارينديون، ته اهو هن ملڪ جي ڪيسن جي تاريخ شاهد آهي جو چرس ۽ آفيم جي ٻوري مان صابڻ، سرف ۽ پائوڊر ملندو آهي ۽ ڪيس جا شاهد رات جي اونداهيءَ ۾ نوٽن جي چمڪ ۾ ضميرن جا سودا ڪري مجرم سان گڏجي انصاف جي نڙيءَ تي لت رکي آزاد ٿي ويندا آهن.
هن ملڪ جو قانون ڪرپٽ سياسي ڄار ۾ اهڙو ڦاٿل آهي جو هزارين حياتيون موت جي بستر تي انصاف جي اوسيئڙي ۾ تڙپي تڙپي دم ڏين ٿيون ۽ هي ڪيس به ناانصافيءَ جي تاريخ ۾ اڻ وسرندڙ باب بڻجي رهجي ويندو، پر انسان دشمن ڪاروبار ڪندڙ قوتون پنهنجي ڪُڌي ڪاروبار کي اڃان وڌيڪ ڦهلائي رهيون آهن، ان ڦهلاءَ جو سبب عام ماڻهوءَ جو خاموش رهڻ ۽ ڪجھ به نه ڪرڻ واري سوچ آهي، غير معياري شين جو ڪاروبار هن ملڪ جي هر پاڙي، وسندي ۽ ڳوٺن ۾ بنا ڪنهن روڪ جي جاري آهي ۽ اهڙو ڪاروبار ڪندڙن کي قانون جو خوف نه پر ان جي ڀرپور حمايت حاصل آهي، ڇوته قانون مروج ڪرپٽ سياسي سرشتي ۾ قيد آهي ۽ اهو سياسي لقائن جو محتاج بڻيل آهي، جنهن ۾ جاگيرداراڻي جمهوريت جا ڏانوڻ عام ماڻهوءَ کي غلام بڻايو ويٺا آهن ۽ عام ماڻهو ماٺ جهڙي مصيبت کي برداشت ڪري غير معياري شين جو زهر پنهنجي جسم اندر ڦهلائي وقت کان پهرين موت جي چادر اوڍي ته سمهي پوي ٿو، پر پنهنجي ذميواريءَ کان پري بيٺل نظر اچي ٿو، هڪ طرف سرمائيدار سندس ڪمائيءَ جو وڏو حصو دوائن ۽ ٻين ضرورتن جي صورت ۾ کسيون بيٺو آهي ته ٻي طرف ڀوتار سندس ترقيءَ جي راهه ۾ کڏا کوٽي رڪاوٽ بڻيل آهي.
اڪثر ماڻهو ڪمائيءَ جو وڏو حصو گھر جي مسواڙن ۽ صحت جي ضرورتن تي خرچ ڪري پنهنجا کيسا خالي ڪري ويهن ٿا، بيوسي ۽ بي حسي هن جي سوچڻ جي سگھ کي تالا هڻي ڇڏيا آهن ۽ هو زندگيءَ کي زهر سمجھي بنا ڪنهن ردعمل ڏيکارڻ جي ماٺ ميٺ ۾ وڙهندو رهي ٿو. حڪومت جون اولين ذميواريون عوام کي تحفظ ڏيڻ ۽ ان جي صحت کي سلامت رکڻ لاءِ معاشري ۾ موجود هاڃيڪار اثرن تي ڪم ڪرڻ هوندو آهي، پر هتي حڪومتون هاڃيڪار عنصرن کي پناهه ڏينديون رهيون آهن ۽ حڪومتي ڪارندا پنهنجا حصا پتي ڪڍڻ ۾ پورا آهن، اڪثر ڪنهن دڪان تي چڙهبو ته هڪڙي شيءَ جون ڏهه ورائٽيون ملنديون، جيڪڏهن دڪاندار کي چئبو ته ڪمپني ساڳي ۽ ورائٽيون ڏهه! ته ڏاڍو اعتماد سان وراڻيندو ته هر شيءَ جو ملهه پنهنجو آهي ۽ حيثيت آڌار هر ماڻهو خريد ڪندو، ڪيڏي نه ستم ظريفي چئبي جو طبقاتي سماج جون جڙون ايڏيون مظبوط آهن، جو اميرن ۽ غريبن جي وچ ۾ لڪير واضع ڇڪيل آهي، امير جو پٽ مهانگي ۽ ...... لاءِ ٺهيل اسڪول ۾ پڙهي ٿو، ۽ پوءِ هو پبلڪ اسڪول ۽ اعليٰ يونيورسٽين ۾ پڙهائي پوري ڪري مراعت يافته طريقي سان سندون حاصل ڪري ٿو، هو غريب ٻار جي پيٽ ۾ تاريخ جا وڏا ڪوڙ ۽ زٽ پڙهي موقعا حصل ڪري ٿو ۽ پاڻ کي اعليٰ انسان سمجھي عام ماڻهوءَ کي جيتامڙو سمجهي ويهي ٿو.
عام ماڻهو ان جي ڀيٽ ۾ سڄي حياتي ظلمت جا بار پنهنجي ڪُلهن تي کڻي ريڙهيون پائيندڙ جاندار وانگر چرندو پُرندو رهي ٿو ۽ ساڳيو فرق انهن جي صحبت ۾ پڻ آهي، وڌيڪ مراعت يافته هئڻ ڪري امير ماڻهو مهانگين اسپتالن مان علاج ڪرائي جلد صحتياب ٿي وڃي ٿو، عام ماڻهو غير معياري دوائن ۾ تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏي ٿو، ايئن مهانگا لباس، عاليشان گھر ۽ قيمتي گاڏيون خريد ڪرڻ ان امير طبقي لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر ان جي ڀيٽ ۾ غريب ماڻهو بنا ڇت واري گھر ۾ رهي ٿو، ۽ تن تي سادو لباس اوڍي پيادل سفر ڪري زندگيءَ مان گھڻي ڀاڱي مايوس نظر اچي پيو، پر ان مايوسيءَ مان نڪرڻ ۽ عام ماڻهوءَ جو هڪ ٻئي سان جڙڻ مان ئي انهن طبقن مان جند ڇڏائي سگھجي ٿي، هي شيون جيڪي هر هنڌ غير معياري نظر اچن پيون اهو سڀ غير معياري سياست سبب آهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ پهاڙ جيڏي وڇوٽي محض ان ڪري ڊگھي ٿيندي پئي وڃي، جو عام ماڻهن ۾ سهپ تمام گھڻي آهي ۽ اها سهپ نج نفسياتي مسئلو آهي، ته مراعت يافته طبقو طاقتور آهي ۽ هو هيڻا آهيو، انهن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگھن، بس ! خاموش رهڻ ئي زندگي بچائڻ جو واحد حل آهي، عام ماڻهو هڪ پل لاءِ به نه ٿو سوچي ته انهن قوتن جون طاقتون هنن جي منتشر هئڻ ڪري آهن، جيڪڏهن اسان جو رويو شين ڏانهن ذميوارانو هوندو، ته نتيجا به ملندا ۽ ماٺ ۾ ئي برداشت ڪنداسين ته اڃان الائي ڪيترا حادثا جنم وٺندا، جيڪي انسانيت کي لڄائيندا رهندا ۽ ڪرپٽ سياستن کي مضبوط بنياد فراهم ڪندا رهندا، جيڪڏهن اڄ اسان جي سياست فضيلت ڀري هجي ها ته شايد شڪارپور ۾ سال اڳ ايڏو وڏو سانحو نه ٿئي ها، ۽ نه وري سياست جي لبادي ۾ لڪيل پ پ پ ڪائونسلر انسانيت دشمن ڪُڌي ڌنڌي ۾ ملوث ٿي هزارين لاچارن جي بيوسي کي ڪيش جي صورت ۾ ڪمائي ها ۽ نه وري ڪُڌي ڌنڌي جي ڪا سياسي پُٺ ڀرائي ٿئي ها.
سڄي سنڌ ۾ انساني موت جو ڪاروبار ڪندڙ هزارين شهباز آرائين آهن، جيڪي انساني حياتين کي ڳڙڪائي رهيا آهن، مسيحائن جي روپ ۾ ڊاڪٽر دوائن تي ڪميشن وٺي ٻاهرين ملڪن جا ٽوئر، عمري جي سعادت ۽ گھرن جي سجاوٽ جي عيوض انسان دشمن ڪاروبار ڪرڻ ۾ سڌي ريت ملوث آهن، پر انهن مان انسانيت غائب آهي ۽ مريض انهن جي لالچ جي ڌنڌ ۾ تيزيءَ سان موت جي ان کوهه ۾ ڪري حياتيءَ تان هٿ کڻي رهيا آهن، انساني فطرت ۾ موجود ذاتي ظلم پڻو قانون جي ڪمزور حڪمرانيءَ ڪري مختلف شڪلين ۾ نروار ٿي ڪارو ڌن ڪٺو ڪرڻ ۾ رڌل آهي ۽ بي ايمانيءَ جي بنياد تي قائم سياسي معيشيت مراعت يافته طبقي کي مالامال ڪري رهي آهي، اهڙي ڌوڪي بازيءَ تي قائم سياسي سرشتي کي ختم ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن کي پنهنجي سياسي حقن جو تحفظ ڪرڻو پوندو، ۽ پنهنجي بنيادي حق شخصي آزاديءَ کي هڪ ئي صورت ۾ حاصل ڪندو ۽ اها آزادي جدوجهد جي صورت ۾ حاصل ٿيندي ۽ اها جدوجهد پنهنجي ايندڙ نسل کي بيمار ۽ لاچار مرڻ کان نجات ڏياري سگھندي.