سهڻي شڪارپور- هٺيلو همير...!!
سنڌ لاءِ آئون هميشه چوندو آهيان ته اها مون کي مٺڙي ماءُ کان به وڌيڪ پياري آهي. سچ هي آهي ته هنن لفظن ۾جنم ڏيندڙ جيجل ماءُ جو ٿورڙو شايد اپمان به ٿئي ٿو، پر آئون هي لفظ سوچي سمجهي ڳالهائيندو آهيان، جنهن جو مقصد هي هجي ٿو ته ماءُ سان هڪ انتهائي پاڪيزه ۽ رت جو رشتو هوندو آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ به ڏکيو آهي، پر هڪڙو وقت ايندو آهي جو هڪ ٻار کي به آخرڪار ماءُ کان جدا ئي ٿيڻو پوندو آهي!
ماءُ جڏهن موڪلائي ويندي آهي ته ان کي سپرد خاڪ ڪيو ويندو آهي، ۽ جڏهن اهو ٻار به وڏو ٿي زندگيءَ جي ڪنهن ورهيه تي وڇوڙو اختيار ڪري آخرڪار بقا جي ڏيهه روانو ٿي ويندو آهي ته ان کي به مٽي ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو ويندو آهي. شيخ اياز ڌرتيءَ لاءِ تمام ڏکيا لفظ استعمال ڪيا هئا، پر مون لاءِ ڌرتي ان ڪري به وڌيڪ اُتم آهي ته اها نه صرف زندگي ڏئي ٿي، پر گهڻو ڪجهه ڏئي ٿي. ماءُ ٻن ورهين تائين ٿڃ پياري ٿي، پر ڌرتي پنهنجي پيٽ مان اناج اپائي زندگي ڀر کارائي ٿي، پنهنجي سيني تي هر ڏک سهي ٿي، ۽ آخر ۾ هڪ انسان جڏهن لاش بڻجي وڃي ٿو، ۽ ان کي گهر وارا به رکڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن ته ان وقت به ڌرتي ماءُ ئي ڀرجهلي بڻجي ويندي آهي، ۽ پنهنجي گود ۾ سمهاري ڇڏيندي آهي!
هڪ ماڻهو جڏهن ڄمندو آهي ته سهرا ۽ ڳيچ ڳايا ويندا آهن، ۽ ان جي زبردست آجيان ٿيندي آهي، پر جڏهن اهو ساڳيو ماڻهو موت جي ڪاري وادي ۾ هليو ويندو آهي، ۽ هڪ لاش جي صورت اختيار ڪري ويندو آهي ته ان کي گهر وارا به رکڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن، ۽ هر ڪو دانهون ڪري اهو چوندو آهي ته بس! کڻوس… گهڻي دير ٿي چڪي آهي… بس! هاڻي کڻوس… ته ڪٿان وري اها ڪوڪ به ايندي آهي ته بس! مائٽ پهچڻ وارا آهن، باقي 5 منٽ صبر ڪريو، ۽ پوءِ آخرڪار ان مڙهه کي ماتم سان گڏ جنهن مقام تي نيو ويندو آهي، اهو مٽيءَ جو مقام آهي ۽ هيءَ اها ئي ڌرتي آهي، جيڪا هڪ لاش کي به پنهنجي هنج ۾ سمهاري ٿي، ۽ ان جي هڏڙن کي شايد صدين تائين سهارو ڏئي ٿي.
هر ماڻهوءَ کي پنهنجو وطن پيارو هوندو آهي. سنڌ امان اسان کي بيحد عزيز ۽ مٺڙي آهي، جنهن جي هر رنگ ۽ روپ سان بي انتها محبت آهي، ۽ ان محبت عيوض جيڪڏهن سسي ۽ ساهه به کسيو وڃي ته سودو مهانگو ناهي. ڳالهه جڏهن سنڌ جي ذري ذري جي ڪجي ٿي، ۽ پوءِ ذڪر شڪارپور جو اچي ٿو ته دل باغ و بهار ٿي وڃي ٿي. سنڌ جو هر شهر سهڻو ۽ خوبصورت آهي. سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ انسانيت جي سڳنڌ آهي، پر شڪارپور ته بي مثل آهي، جنهن کي ماضيءَ جو پئرس سڏيو ويندو آهي. تازو ئي منهنجو شڪاپور وڃڻ ٿيو، جنهن کي ڏسي اکيون ٺري پيون. مسئلا لازمي طور موجود آهن، پر محنتون دائم ۽ محبتون قائم هجن ته اهو پنڌ پري ناهي جو شڪارپور کي جديد دور جي پئرس بڻائي ڇڏجي- ان لاءِ ٿورڙي محنت ۽ محبت جي ضرورت آهي. جيڪا اسان سڀني کي ڪرڻي پوندي. هن وقت شڪارپور شهر ۽ سڄي ضلعي سان کوڙ سارا مسئلا درپيش آهن، ۽ اهي سڀ مسئلا ساڳيا آهن، جيڪي ڄورن وانگر سنڌ جي وجود سان چهٽيل آهن. پيپلز پارٽي کي هڪ تمام بهترين موقعو مليو، پر ان جي باوجود پيپلز پارٽي سنڌ جي شهرن جي ۽ واهڻ وستين جي مالڪي ڪري نه سگهي. سنڌ جي شهرن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت هئي. ٺٽي ۽ سجاول کي دبئي ۽ شارجا جهڙو روپ ڏئي سگهجي پيو، پر اهو جائز ڪم ڪرڻ بدران هڪ ميگا سٽي ذوالفقار آباد جو پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو ائين آهي، جيئن بلوچن لاءِ گوادر سٽي، جنهن مان اها بوءِ اچي ٿي ته اهي شهر اسان جا نه هوندا، پر اهڙين هچائن ۽ بلائن جا شهر هوندا، جيڪي اسان کي سڻڀي گرهه وانگر ڳهي وينديون. اسان هڪ قوم جي صورت ۾ آهستي آهستي انهن جو ٻارڻ بڻجي وينداسون. سچ هي آهي ڄامشوري کي به تمام خوبصورت روپ ڏئي سگهجي پيو، جيڪو علم جو شهر آهي، پر هن شهر جي به حالت تمام خراب آهي. ڄامشوري جي حدن ۾ ڪوهستان به شامل آهي، جيڪو ڌرتي تي قدرت جو خوبصورت ڪئنواس آهي. جڏهن برساتون پونديون آهن ته بولا خان کان غيبي ديري تائين بهار اچي ويندي آهي ۽ سون ورنا ساوا جبل هڪ اهڙي صورت پيش ڪري رهيا هوندا آهن، جيڪا سوئٽزر لينڊ جو ڏيک ڏيندي آهي، پر افسوس جو بدمست ۽ ڌرتي کان ڪٽيل حڪمرانن هنن اصلوڪن شهرن ۽ ٻهراڙين کي ٺاهڻ بدران بحريه ٽائون جو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ اهڙو خوفناڪ پراجيڪٽ آهي، جنهن سان مقامي ماڻهن جو وجود ئي ميسارجي ويندو. هنن ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته پهاڙن جي ڪهڙي اهميت آهي. هي سڀ پهاڙن کي ڪٽي پلازه ٺاهي رهيا آهن، جيڪي مون کي جديد دور جا ڊائنوسار لڳندا آهن.
ها! ڳالهه پئي ڪيم شڪارپور جي... جيڪا منهنجي محبوبه جهڙي سندر ۽ شوخ چنچل آهي. همير چانڊيو هن شهر جو هڪ هٺيلو انسان آهي، جنهن جي سرڪشي مظلومن جي مٿان نه پر انهن ڏاڍن جي مٿان ڪڙڪي پوي ٿي، جيڪي خدا جي خلق کي پيرن جي پڻي سمجهندا آهن. هي شخص هن شهر جي ڇانوَ ۾ پليو آهي، جيڪا پنهنجي حالتن جي آڌار اس کان به تکي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته شڪارپور جهڙي علائقي ۾ پنهنجو عشق ۽ ايمان سلامت رکي هلڻ ڪيڏو نه مشڪل هوندو، ۽ ان مرحلي مان رڳو همير کي ئي گذرڻو نه پوندو هوندو، پر هر باضمير ماڻهو وک وک تي ٽانڊن جو ماتم ڪرڻ تي مجبور ٿيندو هوندو! همير تمام زبردست لکندڙ آهي ۽ هي خوامخواهه جي تعريف ناهي. همير جڏهن به لکندو آهي ته اهو رڳو ”تجزياتي“ نه هوندو آهي، پر ان ۾ فلسفي ۽ فڪر جي اهڙي ته ڳر هوندي آهي جو ان جي لکڻي ڪڏهن ڪڏهن سنڌڙي انب جهڙي مٺي لڳندي آهي، ۽ جڏهن هو سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ۽ استبداد تي پنهنجون ڪاوڙون ڪڍندو آهي ته سندس ڪالم ٽوهه جهڙا ڪڙا محسوس ٿيندا آهن. خبر ناهي شڪارپور ۽ ڊکڻ جي هنن چانڊين سان منهنجي روح جو اهڙو رشتو ڪيئن جڙي ويو آهي، جيڪو جدا ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. هي ماڻهو پنهنجي طبيعتن ۽ مزاجن ۾ ڏاڍا تلخ پڻ آهن، پر هنن جي پنهنجائپ ۽ پيار به انمول آهي. همير سان ڪڏهن ڪڏهن جهيڙو ۽ جهڙپون به ٿينديون آهن. اها وري اخباري دنيا جي ڌار ڪهاڻي آهي. بهرحال! اسان کي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻي پوندي. لطيف سائين رحه فرمايو آهي:
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو!
سچ پچ ته شڪارپور جهڙي علائقي ۾ همير جهڙا ڪردار مزاحمت سان گڏ ان هير وانگر آهن، جيڪا تاشقند ۽ جنت جي هوائن جهڙي آهي. ضرور هي ننڍيون ننڍيون مزاحمتون رنگ لائينديون، ۽ هڪ اهڙو ڏينهن به ايندو، جو شڪارپور محبوب جي چهري وانگر چمڪي رهيو هوندو. ظلم جي ڪاري رات ختم ٿيڻي آهي ۽ اهڙو اجرو صبح اچڻو آهي، جيڪو ڪنهن معصوم ٻار جي مرڪ جهڙو هوندو، ۽ جنهن سان اسان جا صدين جا سور ڪافور ٿي ويندا.
نعمت کهڙو
نيوز ايڊيٽر
روزاني ”ڪوشش“
حيدرآباد
08 نومبر 2017ع