ڪالم / مضمون

اداس شهر جي لُٽيل تاريخ

هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي. همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي.
Title Cover of book اداس شهر جي  لُٽيل تاريخ

  پوليس اداري جي ڪارڪردگيءَ جو سوال

ڪنهن به ملڪ جي بهتر حڪمراني ۽ مثالي سياستن کي سمجھڻ لاءِ ان ملڪ جي اندر قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي تقاضائن کي سامهون رکي پرکبو آهي، ته اتي انصاف وهندڙ نديءَ وانگر صاف ۽ شفاف آهي ۽ هر ڪنهن کي سيراب ڪندو رهي ٿو، منجھس ڪابه رنڊڪ بند ٻڌي قبضو نه ٿي ڪري سگھجي ۽ ڪوبه قانون جي نظر ۾ ادنيٰ ۽ اعليٰ ناهي هوندو، هن ملڪ جو قانوني ڍانچو ڪيترو اثرائتو آهي، اهو ته هر روز ٿيندڙ غير انساني واقعن مان پسي سگھجي ٿو، ڪارو ڪاري، اغوائون ۽ ملڪيتن جي معاملن تي ٿيندڙ قتل و غارت گيري هاڻي حسبِ معمول بڻجي ويا آهن، ٽيڪنالاجي جي عام ٿيڻ سان جنسي ڏوهن تي آسانيءَ سان قابو پائي سگھجي ٿو ته اتي ساڳي وقت ڏوهارين پڻ ان مان ڀرپور فائدو وٺندي پنهنجي ڏوهن کي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هو قانون جي ڪمزورين ۽ ان تي عمل درامد ڪرائڻ واري فورس جي ڪوتاهين جي ڪري مضبوط نيٽ ورڪ تحت ڪارروايون ڪن ٿا ۽ ڪٿي ته پوليس خود ڏوهارين کي فري هينڊ ڏئي قانون جي سنگين پائمالي ڪري پئي.
سنڌ جا وڏا شهر ته وڏي عرصي کان دهشتگردن جي نشاني تي رهيا آهن، اتي پوليس جي رٽ قائم نه ٿيڻ جو سبب خود پوليس ڊپارٽمينٽ رهيو آهي، جنهن ۾ اڪثريت اهڙن وردي پوشن جي رهي آهي، جيڪي محافظن جي شڪل ۾ ڏوهاري گينگ هلائيندڙ ۽ ڀتي خور مافيا جا مُهندار بڻيل رهيا آهن. سنڌ جون ٻهراڙيون غير محفوظ هجڻ جون وڏي تاريخ رکن ٿيون، هتي جھنگ جو قانون (ڏاڍ مڙسيءَ وارو نظام) ڊگھي عرصي کان هلندو رهيو آهي. اتي پوليس ۽ ڌاڙيلن جي روش ۾ ڪو خاص فرق نظر نه ايندو، پهرين ڌاڙيل ڳوٺ وارن ۽ رستن وارن کي ڦريندا آهن ۽ بعد ۾ بچيل ڪثر وري پوليس پوري ڪندي آهي، ته توهان جي ڳوٺ جو فلاڻو ماڻهو ڌاڙيلن سان مليل آهي، ان ڪري ڌ وهه ۾ توهان به برابر جا شريڪ آهيو، پوءِ ويچارا ڳوٺاڻا پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ سرنهن جي داڻن وانگر پيسبا رهيا آهن، ڪوئي انهن جي دادرسي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڏوهه جو ٿيڻ ۽ ڏوهارين تائين پوليس جي انصاف ۽ قانون موجب رسائي ڪيتري بهترين آهي؟ اهو درد جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺاڻي کان معلوم ڪجي ته هُو ان جي ظلمن جا داستان کولي ڇڏيندو، ڇوته سنڌ جي ٻهراڙين مان گذريل اڍائي ڏهاڪن ۾ جيڪا لڏپلاڻ ٿي آهي ۽ حسين منظر رکندڙ ڳوٺ ويران وسنديون بڻجي ويا آهن ۽ زرخيز زمينون ٻوڙن ۽ ٻيلن ۾ تبديل ٿي ويون آهن، انهن جو درد تمام ڊگھو آهي، اڄ انهن وسندڙ ديرن تي دونهي دکائي سوجھرو ڪندڙ ماروئڙا ماڳ مٽي ڇڏي شهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ گمنام زندگي گذارين پيا. پر پوليس جي ڪارروائي حسبِ معمول اڃا به اها ئي آهي.
شڪارپور گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ پوليس طرفان ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪا نئين ڳالهه ناهي، ماضيءَ ۾ پوليس جيڪي به ڪارروايون ڪيون آهن، انهن جو رڪارڊ شاهد آهي ته پوليس ڪچي ۾ وڏي فورس گھرائي پڪي تي ڪئمپون قائم ڪري ڪچي مان شهرن ڏانهن خريداري يا علاج لاءِ ايندڙ ماڻهن سان جيڪي جٺيون ڪندي آهي، انهن کي واڙي ڌاڙيلن جو مائٽ هجڻ جي سزا بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ۽ عورتن جي تذليل ڪري کين نئون ڏوهاري ٺاهڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي آهي ۽ جيڪڏهن پوليس پڪي جي ويجهو ڪنهن ڪچي جي ڳوٺ ۾ جديد هٿيارن ۽ پوليس گاڏين سان پهچي به ويئي ته پهرين گهر جي ڀتين کي پنهنجي گولين جي نشاني تي آڻي، ان ۾ موجود مڏي کي لڪائي ۽ بيجل چوپائي مال کي تازن ڄاول ڦرن سميت ڪاهي ڪارناما سرانجام ڏيندي آهي ۽ پوليس جا اهڙا ڪارناما ته کوڙ آهن پر ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور ۾ مينهن جي لالچ ۾ ڏوهارين خلاف ڳوٺن ۾ آپريشن ڪراچيءَ جي تمام وڏي واڙي جي مالڪ، هڪ اڳوڻي ايس ايس پي ڪئي هئي، جنهن ڪچي سميت ٻهراڙيءَ جا واڙا ۽ ويڙها ويران ڪري ڇڏيا، مسڪين ڳوٺاڻن جون ڪُنڍيون مينهون ۽ وڇيريون سَون جي تعداد ۾ ڪاهي ڪلاچيءَ جي ڪُن گم ڪري ڇڏيون ۽ ايئن هُن ڪجهه ”فل فراءِ“ ۽ ”هاف فراءِ“ جي ڪيسن ۾ پنهنجي قانون کان مٿاهين ڪارڪردگي ڏيکاري پئسن تي نوڪريون پڻ تين وال ڪري ڇڏيون ۽ هينئر سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ قانون جي اهڙي خدمت ڪندو هوندو پر ان خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، اهي مسڪين ڳوٺاڻا ته مينهنِ جو درد لِڪائي خاموش ٿي ويا پر اهي پوليس وارا ته اڃان تائين دربدر آهن، جن پنهنجا گهر گروي رکي ۽ وياج تي پئسا وٺي نوڪريون ورتيون.
شڪارپور ۾ قانون جي خدمت ته ان وقت جي ايس ايس پي به واهه جي ڪئي هئي، جيڪو صحافين ۽ ڏوهارين کي هڪ ئي لفظ ”جاني جاني“ چئي سڏيندو هو ۽ ان جي ڊرائيونگ به شڪارپور جا مڃيل ڏوهاري ڪندا هئا ۽ ان جي سوچ هئي ته ڏوهارين سان ياريون رکي پنهنجي مقرريءَ جي مُدي تائين کانئن ڏوهه نه ڪرڻ جي ضمانت وٺجي ۽ ان کان به اڳتي هو ڏوهارين جي گولي دڙي ٻيلي ۾ مچايل ڪبابن جي محفل ۾ صحافين سان گڏ موجون ڪندو هو ۽ هُن جي مقرريءَ جي مُدا تائين ڪا وڏي واردات ته نه ٿي، باقي ڏوهارين کي محفوظ پناهگاهون ڏيئي هن قانون جي سنگين لتاڙ ضرور ڪئي ۽ ڏوهارين کي پوليس سان واسطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددي ڪردار ادا ڪيو، جيڪو وساري نٿو سگهجي. ڏوهارين کي ختم ڪرڻ ۾ هاڻوڪي ايس ايس پي ڪيترو مضبوط ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ان جو ته گذريل ڪافي ڏينهن کان ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جتي پوليس ڪچي ۾ اندر گهڙڻ بدران پڪي تي ديرا ڄمائي ويٺي آهي. هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ڪرائي چئن ڌاڙيلن جي مارجڻ جي دعويٰ ته ڪئي وئي آهي پر انهن مارجي ويل ڌاڙيلن کي پنهنجا چند ساٿي ته کڻائي ويا پر سَون جي تعداد ۾ جديد هٿيارن سان ليس فورس انهن جيئرن ڌاڙيلن کي ته ٺهيو پر مُئلن کي به نه پڪڙي سگهي! ان مان ئي سندس دعويٰ واري ڪارڪردگيءَ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، واقعي ڪيترا ڌاڙيل مارجي ويا آهن؟
شهيد پوليس اهلڪار جي مارجي وڃڻ جي ڪهاڻي ۾ اهو به ٻُڌايو پيو وڃي ته پوليس اهلڪار به پوليس جي غفلت سبب حياتي وڃائي ويٺو، جو هُن سان گڏ پوليس جو پاسبان ٻڪرين جي ڌڻ ۾ اک وجهي ويٺو ۽ لڪل ڌاڙيلن کين آسانيءَ سان نشانو بڻائي ڇڏيو ۽ پوليس جي آپريشن جي پَت وائکي ڪري ڇڏي. گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪچي ۾ موجود پوليس بيگناهه ماڻهن جون ملڪيتون ساڙي ۽ انهن جا مال ماري اڌ رقم ۾ وڪڻي ڪمائي ڪرڻ ۾ پوري آهي ته اهڙي آپريشن جا نتيجا ڪهڙا ايندا!؟ اهو ته آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ڇوته هن وقت تائين پوليس پڪي جي محفوظ پِڪٽن ۾ ويهي وقت پيئي پاس ڪري ۽ آپريشن جيترو ڊگهو ٿيندو، اوترا خرچ جا چيڪ به وڌيڪ نڪرندا ۽ جيڪي بنا آڊٽ اعتراضن جي آفيسرن جي اڪائونٽ ۾ ماضيءَ وانگر هليا ويندا ۽ ڌاڙيل پنهنجي محفوظ پناهگاهن ۾ ويهي اغوائون ۽ ڦرون ڪري عام ماڻهوءَ کي غير محفوظ بڻائيندا رهندا ۽ پوليس جي نالي ماتر آپريشن ۾ انهن جو من وڌي ويندو ۽ هو بي خوف ٿي ڏوهن جو ڪارروايون ڪندا رهندا.
سائنس جي اصول مطابق سڀ کان پهرين ڏوهن جي سبب کي جاچڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ حڪومتن جي ذميواري هوندي آهي پر هتي هڪ ڏوهه ۽ ڏوهاريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي نون ڏوهارين ڄڻيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ هيٺ آڻڻ لاءِ ايتريون ته قانون جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون وڃن ٿيون، جو ڏوهارين جي پيدا ٿيڻ جا ڪيترائي جواز ٺهي پون ٿا، پوليس سان عام ماڻهن جو رويو نفرت ڀريل نگاهن وارو ئي آهي، ڇوته اڪثر ڪري ٿاڻن جي هر ڏوهه جي قلم جي رقم مقرر ٿيل آهي، جتي عام ماڻهو جي انساني حقن کي ٿاڻيدار جي ٽيبل هيٺان پيل ڪچري جي دٻي ۾ ڦِٽو ڪيو ويندو آهي، ٿاڻن تي موجود صوبيدار اڪثر ڪري پنهنجي اها لاچاري ۽ لالچ ڏيکاري هر ڪيس جا پئسا گهرندا آهن ته اسان کي اسٽيشنري کان ويندي گشت جي تيل ۽ آفيسن جي فٽنگ تائين سڀ ڪجهه پنهنجي کيسي مان ئي ڪرڻو پوي ٿو ته پوءِ اسان کان انصاف جي تقاضا ۽ ڏوهارين خلاف موثر ڪارروائي جي طلب ڪرڻ جي توقع رکڻ خود ناانصافي آهي.
معاشرن اندر پوليس انصاف جي شروعاتي پيچرن کان وٺي آخري ڇيڙي تائين ٻڌل هوندي آهي، پر پوليس جي روش انصاف ڏانهن غيرمنصفاڻي ۽ آزاريندڙ رهي آهي. هتي پهرين ڏوهاري پيدا ڪيو، پوءِ ڏوهن کي جنم ڏيو ۽ بعد ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون کان مٿانهان قدم کڻي انصاف ۽ قانون جي سنگين پائمالي ڪري پوليس اداري جي ڀوائتي شڪل ٺاهي ڇڏي آهي، جنهن سان معاشري جي عام ماڻهوءَ کي ڊيڄاريندي رهي ٿي، اهڙي عمل سبب پوليس لاءِ عام ماڻهوءَ جو رويو احترام جهڙو ناهي رهيو. پوليس ٿاڻن ٻاهران ڀتين تي لڳل انساني حقن جي بورڊ تي جيڪڏهن اضافو ڪري هي لکيو وڃي ته ”اسان وٽ انساني حقن سان روزانو جُٺ ۽ مذاق ڪئي ويندي آهي“، ته اهو غلط نه آهي، جيستائين پوليس جي اعليٰ آفيسرن ۾ پئسي ڪَٺي ڪرڻ جي حوس جو سري کان خاتمو نٿو اچي، تيستائين قانون جي حڪمراني ۽ انصاف ڀريو معاشرو ممڪن نه آهي ۽ نه وري معاشري اندر پوليس خلاف موجود اڻ وڻندڙ روش کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ پوليس خلاف ٺهيل پهاڪو ته ”پوليس نه دوست، ڦڦڙ نه گوشت“ کي حقيقي عوامي دوستيءَ جي مثالي محاوري ۾ تبديل ڪري عوام اندر مضبوط تعلق کي جوڙي سگهجي ٿو پر هن ملڪ جي ادارن کي سياستن ۽ آفيسر شاهي جي تباهه ڪرڻ واري ”ايڪسرسائيز“ وڏي عرصي کان جاري آهي. انصاف ۽ قانون جي بالادستي هن ملڪ جي حاڪم طبقي ۽ آفيسرشاهيءَ جي ايجنڊا نه ڪڏهن رهي آهي نه وري رهندي. پوليس ته هميشه حاڪم طبقي جي ونگار وهندي رهي آهي ۽ ان ڪڏهن به پاڻ کي فرض ادا ڪرڻ واري کنيل قسم سان وفا ناهي ڪئي. انفرادي طور جيڪڏهن ڪو آفيسر پنهنجي ضمير آڌار امن ۽ انصاف لاءِ شهيد به ٿي وڃي ٿو ته ان جي شهادت اداري اندر مثال گهٽ خوف ۽ لالچ کي وڌيڪ پروان چاڙهي ٿي. مسئلو فرض دوران پوليس جي شهادت جو ناهي، ڇوته پوليس جي پنهنجي کنيل قسم ۾ ئي فرض تان قربان ٿيڻ جي ڪمٽمينٽ موجود هوندي آهي پر مسئلو وري به ڏوهن ۽ ڏوهارين جي سبب کي ختم ڪرڻ ۽ اداري جي وڃائجي ويل ساک جو آهي، جيڪڏهن ڌاڙيلن خلاف اهڙا انوکا آپريشن جاري رهيا ته پوليس اداري جي ڪارڪردگي هميشه سواليه نشان بڻيل رهندي، ڇوته تاريخ شاهد آهي ته بدنيتي ئي ادارن جي زوال جو ڪارڻ آهي.