ربا! تيري جنت خاطر لوڪان ني دنيا دوزخ بنا دتي هي!
شڪارپور جي شعور ان وقت ڇرڪ ڀريو هو، جڏهن افغانستان ۾ انساني تهذيبن جي دشمنن ۽ سرمائيدارن جي ايجنٽ بنياد پرستن جي حڪومت قائم ٿي هئي ۽ ان جي حمايت لاءِ 1998ع ۾ گهنٽاگهر چوڪ تي هزارين ماڻهن جي هجوم بيهي بيعت ڪئي هئي ۽ انساني تهذيب ۽ تمدن جي بکيا اُڊيڙيندڙن کي پنهنجو مرشد مڃي هتي هلان ڪرڻ جو گذارشون پئي ڪيون ته سنڌ توهان جي تاريخي ڪالوني رهي آهي ۽ اچي ان تي والار ڪريو ۽ پنهنجي وڏڙن جي ڌنڌن کي نئين نعري سان جيئرو ڪريو. ان وقت اهڙي سوچ جي اصلي مالڪن اکيون ٻوٽي سندن ثوابن جي ڀائيواري ۾ برابر جي شرڪت جا دستاويز ٺهرائي ڇڏيا هئا ۽ ائين ڏسندي ڏسندي پوري شڪارپور اندر هڪ اهڙو ڄار وڇايو ويو، جنهن کي بارودي سرنگهن سان تشبيهه ڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، اتي درس ۽ تدريس گهٽ، جنونيت جي جنن کي انسانيت جو دشمن وڌيڪ پئي بڻايو ويو ۽ انهن جي ذهنن ۾ دنيا جون هڙئي تهذيبون هيچ، مڙئي مذهب ڪافر ۽ فقهي اختلاف رکندڙن کي ڪافر ڪوٺڻ، جمهوريت مغربي ڪافرن جو شيطاني نظام ۽ دنيا جا انساني ترقين جي متعلق هڙئي فلسفا حرام سمجهيا پئي ويا، جيئن فرانس جي مشهور فلسفي ڊٽرائٽ چيو آهي ته “فلسفن ڪڏهن به ڪنهن مذهبي کي ناهي ماريو پر تاريخ ۾ مذهبين تمام وڏن فلسفين کي ماريو آهي”. موسيقي کان ويندي، حجامن جي دوڪانن تائين اهي سڀ ان سوچ ۾ واجب القتل رهيا آهن، جيئن ڪنهن شاعر تنقيد ڪندي چيو آهي:
فن ڀي اور فنڪار ڀي ڪافر
جينز اور گٽار ڀي ڪافر
برگر، ڪافي، ڪوڪ ڀي ڪافر،
فيض، اياز، منٽو ڀي ڪافر،
طبلا ڪافر، ڍول ڀي ڪافر،
پيار ڀري دو بول ڀي ڪافر!
اهڙي سوچ کي هن رياست جا مقتدر حلقا نه صرف ڏسندا رهيا، پر انهن جي ڪاميابي دعائن ۾ پنهنجا هٿ اُڀا پڻ ڪيا ۽ ان سوچ مخالف هٿن کي روڪيندا ۽ ٽوڪيندا رهيا. اڄ اها ڳالهه جيڪي حڪومتي حلقا ڪن ٿا، ڪالهه هن ملڪ جي روشن خيال رهنمائن ۽ ڪارڪنن ڪئي پئي ته باهه سان نه کيڏو، سڙي ڀسم ٿي ويندئو! جنن ۽ ڀوتن کي محفوظ مرڪز ٺاهي نه ڏيو، سڀاڻي اوهان جا گهر محفوظ نه رهندا ۽ ايئن ئي ٿيو، اڄ ان سوچ اسان جي سفيد اڱڻن تي موت جي ڪاري چادر اڇلائي ڇڏي آهي. سنڌ جو روح رتورت آهي ۽ سنڌ جي هزارها سال صوفياڻي تاريخ زخمي بڻيل آهي، جيڪا سنڌ پنهنجي من ۾ هزارها سال جو صوفياڻو ۽ رواداري وارو فڪر سمائي ويٺل آهي، اڄ ان سنڌ جي مُٺ مان اهو فڪر واريءَ وانگر ڇڏائجي رهيو آهي، ابتدا ته ان وقت به ٿي هئي جڏهن شڪارپور جي فقير منش انسان، انسانن جي خدمت لاءِ اسپتال اڏي شڪارپور جي تاريخ کي انسان جي اعليٰ ظرف جو رتبو ڏياريو هو، ان اوڌو داس جي مجسمي کي جڏهن چپلن جي مالها وجهي ڀڳو ويو هو، تڏهن شڪارپور جو شعور گهري ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو ۽ سندس دل مستقبل جي حادثن کي پروڙي تيز ڌڙڪي رهي هئي، ان وقت دل جي الڪي کي ڪنهن به نٿي ڄاتو ته سڀاڻي جي تاريخ ۾ سندن تڏو لکيل آهي، ان وقت گندي سياست جي تلاءَ ۾ تُڙڳڻ لاءِ هرڪو لَٽا لاهيون ڪناري تي پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺو هو ته ٽُٻي هڻي پنهنجي عيبن کي لِڪايون! عيب ته شڪارپور جي ان سياستدان جا به لڪل ناهن، جنهن شهر جي ناظمي جي سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخي گڻيش باغ جو سمورو مهاڳ ان مسجد لاءِ حوالي ڪيو هو، جنهن کي اڄ لعل قلعي سان مشابهت ڏني وڃي ٿي، ان بعد جي مهاڳ جي ڇٻر تي ويهي بي بي سي ريڊيو جون خبرون ٻُڌي آڌيءَ رات تائين ملڪ ۽ جهان تي تبصرو ڪندڙ اهي جهونا اڄ اسان وٽان مهمان پکيءَ وانگر اڏامي هميشه لاءِ ڏور هليا ويا آهن پر انهن جي اکين جو اونو اسان جي ڪنهن نوجوان يا سياستدان نه ڄاتو، هو بي بي سي ٻُڌي بنياد پرست حڪومت تي هيئن تبصرو ڪندا هئا ته: سنڌ چاليهه سال اڳ...۽ اسان شڪارپوري سنڌ کان چاليهه سال اڳ...؟؟
ڪاش! ان وقت ڪو انهن پوڙهن جي اداسي پڙهي وٺي ها ته سنڌ جو صوفي منش الهه لوڪ بزرگ سيّد حاجن شاهه ان وحشت جو نشانو نه بڻجي ها، هُن جا مُريد اڄ ان جي غير موجودگيءَ ۾ اُڀ جيڏيون رڙيون ڪري هنجون نه هارين ها ۽ ان وقت به شڪارپور جي سياست زرداري حڪومت جون مذمتون ڪري ماٺ ٿي ويئي ۽ شڪارپور جو شعور به ماٺ ۾ عافيت سمجهي ڪجهه ڏينهن نجي ڪچهرين ۾ افسوس جا اظهار ڪري سانحي کي وساري حڪومت جي هيڻن حالن تي ڳوڙها ڳاڙي سمهي رهيو! پر هتان جي سياست اقتدار ۽ پئسي جي مست گهوڙي تي چڙهي مستقبل ۾ ٿيندڙ حادثن تي ڪجهه سوچڻ کانسواءِ مزا وٺڻ لڳي! سياست جي اهڙي روش نيپيئرآباد جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچائي ڇڏيو ۽ ان حادثي ۾ انساني جانين جي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ زخمي ٿيل پوليس جي محافظن جو علاج اڄ به ڪيڙن پئي ڪيو ۽ ادارن ويٺي لقاءُ پئي ڏٺو آهي، اڄ اهي پوليس جا محافظ حياتيءَ جي بستر تي موت جا ڏينهن پيا ڳڻن. ڊاڪٽر ابراهيم جتوئيءَ تي ٿيل خودڪش حملي کي ذاتي نوعيت جو جهيڙو سمجهڻ ۽ خانپور جي مولوي شفقت مظهريءَ جي سفاڪ قتل کي ان جي تقرير ٻولي ۾ ڳولڻ ۽ خانپور جي ڳوٺن مان، شهر مان قاتلن جو ڀڄي وڃڻ، ان مان رياست جو رويو سمجهي سگهجي ٿو ته هيءَ رياست مقتولن کي انصاف ۽ قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ ڪيئن پهچائيندي آهي، اهو هتي هڪ وڏو تاريخي سوال رهندو آيو آهي، هتان جي سياست اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن بنياد پرست سوچ جي اقراري رهي ته ڪڏهن انڪاري. جيڪڏهن ڪو پُڇا ڪندو ته چوندا سياست جا رنگ هزار پيا بدلبا رهندا آهن، ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا!!
شڪارپور ۾ ٿيل موجوده سانحي کي ڪو ڪيئن به ڏسي، پر مان هن سانحي کي موجوده گندي سياست جي نااهلي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناڪامي چوندس، ڇا مقتدر حلقا اهو ٻڌائڻ جي زحمت ڪندا ته جڏهن واقعو ٿيو ته هُو ڇا پيا ڪن؟ هن عوام جي جان جي تحفظ جي پگھار کڻن پيا، ان جي ادائيگيءَ جو حق ڪيترو ادا ڪن ٿا، اهو ان واقعي مان پسي سگھجي ٿو، باقي سياست پنهنجي موجوده صورت ۾ عوام دوست نه پر عوام دشمن وڌيڪ ثابت ٿي آهي، شهر ۾ موجود لاقانونيت ۽ انتشار هتان جي نااهل سياست جي ڪُک مان نڪتل آهن. ڪالهه شڪارپور جو تعارف ڦر، ڌاڙا ۽ اغوائون هو، اڄ ان جو تعارف دهشتگردي به بڻجي ويو آهي. ڇا سياست جي مقدس ڪتاب ۾ اقرباپروري ۽ لُٽ مار لکيل آهي، يا ڪوڙ ٺڳي، قبضا خوري ۽ بي ايمانيءَ جو باب به آهي؟ سياست جو ناڪام ٿيڻ معاشرن جي ابتريءَ جو اظهار چئبو آهي، اڄ دهشت جي حوالي ٿيل شڪارپور انهن سياستدانن کي محفوظ سڀاڻي جي ضمانت هيٺ معافي نامو لکي ڏئي ٿي، يا اهڙي سياست کي مڪمل طور رد ڪري پنهنجي پوري ذميواريءَ سان شهر جي مالڪي ڪندي؟.
جنهن شهر شهيد الهه بخش سومري، شيخ اياز ۽ سامي کي جنم ڏنو، جنهن شهر ۾ ڏهين محرم جي ڏينهن تي ڇاجو سُني؟ ڇاجو شيعو؟ مڙئي محبت ۾ حضرت امام حسين جي غم ۾ صدائون بلند ڪري اشڪبار ٿي عشق جي مام کي سمجھڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا، ۽ بازارن ۾ هندو پنهنجون باسون پوريون ڪرڻ لاءِ سبيلون ۽ چڻا ورهائيندا هئا، اڄ اتي دهشت جي ننگي ناچ سنڌ جي تاريخ کي سڪتي ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو آهي، ان خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ شڪارپور ۽ سڄي سنڌ جي شعور کي غير مشروط طور تي اڳتي اچي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته ڀٽائي ۽ اياز جي ڀونءِ سنڌ ۾ مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ٿيندڙ سازش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي، پنهنجي صوفي منش صورت کي موقعا پرست سياست ۽ انتهاپسندن جي ايجنڊا تي تبديل نه ڪندي، سنڌ پنهنجي مٽيءَ ۾ اها شڪتي رکي ٿي، جنهن سان انسانيت جا علاج ٿين ٿا، هي پاڳلن جا چڪ هُن جي وجود کي زخمي ته ڪري وجھن ٿا، پر سندس وجود مٽائڻ جي سوچ رکندڙن کي شڪست نصيب ٿيندي، ڇوته قومون هزارين سالن جي ارتقائي عمل مان گذري هڪ صورت وٺن ٿيون ۽ ان جي صورت مٽائڻ ايڏو سولو نه آهي، پر ناممڪن آهي، سنڌ جي شعور ۾ ايتري سگھ آهي جو هو پنهنجي وجود کي بنياد پرستي ۽ مذهبي نفرت کان پاڪ ڪري! سنڌ جي وجود تي هزارين سال حملا ٿيا آهن، پر اڄ جو سيڪيولر وجود قائم آهي، جنتون انسان لاءِ آهن ۽ ڌرتي ماءُ کان وڌ ڪا جنت ناهي، جيئن ڪنهن شاعر جون سٽون آهن ته:
ربا! تيري جنت خاطر لوڪان ني
دنيا دوزخ بنا دتي هي!
سنڌ جي قومي شعور کي ڪٺو ٿي هن ڀونءِ تان بنياد پرستيءَ جو خاتمو آڻڻو پوندو ۽ سنڌ جي سيڪيولر تاريخ جو تحفظ ڪرڻو پوندو، سنڌ تاريخ ۾ پوري عالم اندر امن جو استعارو بڻيل رهي آهي، ان ڌرتيءَ تي ههڙا هاڃا مذهبن کان وڌيڪ انسانيت جا بنياد لوڏي وجھن ٿا ۽ ڌرتي انسانن جي هجڻ سان آباد رهندي آهي، نه ڪي مذهبن جي صورت اختيار ڪري! هيءَ جنگ مذهبن جي نه پر انسانيت جي انڪاري آهي ۽ انسانن کان خالي دنيا ايئن آهي، جيئن جڳهه ته خوبصورت هجي پر انسان نه رهندا هجن، ته اها ڀوت بنگلي جي مثل هجي ٿي، ڇوته گھر جي عظمت گھر ڌڻين سان هوندي آهي، جيئن غالب چيو آهي:
حاصل مڪان ڪو شرف هي غالب مڪين سي،
مجنون جو مرگيا تو جنگل اداس هي!!
اڄ هي شهر پنهنجي محبوبن جي وڇوڙي تي اداس آهي ۽ هر وقت ان الڪي ۾ گذاري ٿو ته ڪٿي سندس تاريخ سنڌ جي ڪنه ٻئي شهر ۾ نه ورجائي وڃي، ڇوته سياست ۽ رياست جي روين هڪ اهڙي مايوسي کي جنم ڏنو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو پاڻ کي هر وقت غير محفوظ ۽ لاوارث سمجھي ٿو!