ڪالم / مضمون

اداس شهر جي لُٽيل تاريخ

هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي. همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي.
Title Cover of book اداس شهر جي  لُٽيل تاريخ

  شڪارپور جي ڀوتارڪي سياست جو ڪلچر

جمهوريت جو بنيادي مقصد مساوات ۽ آزادي هوندو آهي، جنهن ۾ فرد جي آزاديءَ کان ويندي معاشري جي سائنسي بيهڪ تهذيبي لقاءَ کان اعليٰ نموني جو ڏيک ڏيندي آهي، جمهوريت يا جمهوري قدر ايستائين اڻ مڪمل يا اڻ چِٽا ٿين ٿا، جيستائين سياسي مخالف کي مساوي بنياد تي برداشت نٿو ڪيو وڃي يا کيس سياسي حق جي کُلي ڇوٽ نٿي ڏني وڃي! جيڪڏهن سياسي مخالفت کي ذاتي مخالفت سمجهيو ويو ته اها مخالفت سياسي نتيجا گهٽ ذاتي پروپيگنڊا کي وڌيڪ اهميت ڏئي سماج اندر جمهوري قدرن جي پائمالي جو سبب بڻجي ويندي ۽ پوءِ سماج جمهوري قدر وڃائي هڪ غير سياسي سوچ ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندو. مخالفت کي سياسي انداز ۾ سمجهڻ ۽ سياسي طريقي سان ان جي تشريح ڪرڻ ۽ سياسي فارم سان مخالفن کي جواب ڏيڻ ئي جمهوريت جو بنيادي روح آهي. يورپ جي ملڪن اندر مخالفن ۽ مخالفت کي قبول ڪرڻ ۽ سياسي انداز سان مخالفت جو مقابلو ڪيو وڃي ٿو، اهوئي سبب آهي جو سڌريل ملڪن اندر جمهوريت جي گاڏي ڊي_ريل ناهي ٿيندي ۽ سياسي ادارا ارتقا جا هڙئي مرحلا طئي ڪري تهذيب جي اعليٰ مقام تي رسيا آهن، اڄ اهي ترقي پذير ملڪن لاءِ ماڊل آهن. جمهوري روايتن ۾ پوئتي پيل ملڪ انهن مان انسپائريشن حاصل ڪري رهيا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جو سياسي نظام مدي خارج ۽ جمهوري قدرن کان خالي وڏيرڪي پنجوڙ ۾ ڦاٿل نيم سرمائيداري آپيشاهي جو شڪار آهي، جيئن ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: “انساني نسل کي نون طبيبن ۽ پراڻن حجمن کان خبردار رهڻ گهرجي”، پر بدقسمتي سان هن ملڪ جي اقتدار جي مسند تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سياسي حجمن جو قبضو آهي، جيڪي عوام جي ترقي ۽ شعوري واڌ ويجهه تي پاڪي گهمايون ويٺا آهن. جن ملڪ ۾ سياسي مخالف کي ابتو ٽنگڻ يا دربدر ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ايتري قدر جو قومي احتساب جي نالي تي قائم اداري کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ ۽ مخالفن کي سيکت ڏيڻ لاءِ مست هاٿي وانگر استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جي شاهدي ملڪي تاريخ جي پنن ۾ ڀري پئي آهي. جيتوڻيڪ ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ورهيه کان جمهوريت جي ديوي اکيون پَٽيون آهن پر جمهوريت جي ديوي جي سوچ اڃا روايتي سياست واري ئي آهي، جنهن جو مثال گذريل ڪيترائي ڏينهن کان ن_ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جا بيان هڪٻئي کي حيثيت ڏيکارڻ ۽ آمريت جي پيداوار جا مهڻا ڏيڻ آهي. پاڻ پري ڇو وڃون، ڪجهه ڏينهن اڳي ئي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ شڪارپور ۾ حڪومتي ڪاروهنوار جي ڪرتا ڌرتا آغا سراج دراني پنهنجي روايتي مخالفن غوث بخش مهر، همت ڪماريو ۽ امتياز شيخ تي ذاتي حوالي سان جيڪي ڇوهه ڇنڊيا، جنهن ۾ هُن غوث بخش مهر کي غوثل ڪمپني ۽ امتياز شيخ جي مرڪزي صلاحڪاري کي چانهه پڪوڙن جي نوڪري سڏيو، کين حيثيت ۾ رهڻ جي ڳالهه ڪئي، ان مان ان جي سياسي سوچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهو سندس گذريل حڪومتي دور جي ڪارگذاري ۽ مڪاني نظام جي ڪاري قانون تي سنڌ جي دانش ۽ عوام تي ڪيل چٿر مان ئي معلوم ڪري سگهجي ٿو، ان کانسواءِ سندس کاتي ۾ جيڪي ڪارستانيون ٿيون، اهي به سنڌ جي شهرن جي تباهيءَ جي لقاءَ مان پسي سگهجن ٿيون، بئنڪ جا مئنيجر، استاد ۽ ڪلارڪ وغيره ٽي.ايم.او بڻجي ويا ۽ انهن سنڌ جي تاريخي شهرن سان جيڪا ويڌن ڪئي، اها ڪيئن وسارجي؟ ان ڪري ئي شهرن جي ترقي، فقير جي چَتيون لڳل ٽوپي مثل رهي....! سندس منظورِ نظر ماڻهن جي ترقي کانسواءِ باقي سنڌ خصوصاً تڪ تنزليءَ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا، ٻيو ته ٺهيو پر آغا سراج صاحب پنهنجي حلقي جا اسڪول ۽ اسپتالون به سنڀالي نه سگهيو، اسڪول اڪثر بند ۽ اسپتالون دوائن کان محروم رهيون، هڪ ماڊل يُو.سي ته ٺهيو پر ڳڙهي ياسين شهر جو هڪ ماڊل پاڙو به نه ٺاهي سگهيو.
شڪارپور ۾ غوث بخش مهر جي سياست ميڪاولي نظريي وانگر آهي، جيڪا هميشه اقتدار ۾ رهڻ جو ڏس ڏئي ٿي. غوث بخش مهر به هميشه اقتدار جي بستري تي آرام ڪندو رهيو آهي ۽ سياسي پَتا کيڏڻ جو ماهر سمجهيو ويندو آهي، ضلعي ڪائونسل شڪارپور شروع کان وٺي سندس سياسي جاگير سمجهي ويندي آهي، هن دفعي هن جو تير نشاني تان گُسي ويو آهي پر ان جي باوجود پنهنجي حامي وڏيرن کي ساڻ کڻي هلڻ ڪو هن صاحب کان سِکي. غوث بخش مهر شڪارپور کي ڇا ڏنو آهي؟ اهو سندس حامي ئي ٻُڌائي سگهن ٿا. بهرحال شڪارپور ۾ وڏي عرصي کان ساڳي قسم جي ڊرٽي پاليٽڪس هلندڙ آهي، جنهن شڪارپور جي تاريخي جوڙجڪ ۽ خوبصورت تعارف کي آلوده ڪري ٻوڙي ڇڏيو آهي. شڪارپور شهر سان شيخ صاحبان جيڪا جُٺ ڪئي آهي، تنهن کي به وساري نٿو سگهجي. تاريخي شاهي باغ جي نيلامي کان ويندي ڪوس گهر، صدر مارڪيٽ ۽ لکيدر ٿاڻي جي پويان سرڪاري ڍڪ وڪڻڻ ڪري شيخ صاحبان مٿان تاريخ جو فرياد داخل ٿيل آهي، ڏسون ته هو ڪڏهن ٿا ضمانت ڪرائين ۽ عوام آڏو سرخرو ٿين. شڪارپور ۾ پٺاڻن جي سياست به ڏاڍي عجيب آهي، آغا تيمور پنهنجي وڏڙن جي روايت کي برقرار رکندي شهر سان جيڪا پريت نڀائي، اها عوام کيس اليڪشن ۾ وياج سميت واپس ڪري ڇڏي ۽ هاڻ ان جي سياست جو ٽائٽينڪ ٻُڏي رهيو آهي. سومرن جي سياست جو لٿل سج وري اڀرندي نظر نٿو اچي ۽ ڪمارين لاءِ ڪهڙا ڪمينٽس ڏجن؟ اهي پنهنجي ابڙا قبيلي کي سنڀالين سوته وڏو مسئلو آهي پر جيڪڏهن پنهنجي تڪ مان ٻروچ_ڄاموٽ وارو فتنو ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا، تڏهن به هُنن گهڻو ڪمايو. جتوئي ڀائرن جي سياست منطقي انجام تي پهچي چڪي آهي، جنهن جو تازو مثال خانپور جي صوبائي تڪ تي ضمني چونڊ ۾ مليل شڪست آهي پر انهن جي مخالف ڀين جي سياست کي به متبادل نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اها سياست به ساڳئي سياست جو حقو آهي، ٻيئي هڪ ٻيڙيءَ جا سوار آهن، فرق رڳو ونجهه کسجي وڃڻ جو آهي. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائين ٿيون ته عوام جو احتساب ڪيترو نه ڪڙو ۽ سخت هجي ٿو، جيڪو وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي سياست کي پنهنجي اصل حيثيت ياد ڏياريندو رهي ٿو. شڪارپور هڪ تاريخي شهر ۽ انتهائي اهم ضلعو آهي پر روايتي ڊرٽي پاليٽڪس هن شهر ۽ ضلعي جو جيڪو حشر ڪيو آهي، تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. استاد بخاريءَ چيو آهي ته:
”هي قوم اُٿي پئي ته محشر کان تِکي آ“
چوڻ جو مقصد هڪٻئي کي سياسي طريقي سان شڪست ڏيڻ ۽ پنهنجي مٿان ڪيل تنقيد کي ذاتي نه پر سياسي سمجهڻ ئي هڪ بهتر جمهوري قدرن جي ٻوٽي کي سائو رکڻ ئي سٺي سوچ جواڀرڻ آهي، باقي ڀوتارڪي سياسي مان عوام کي ڪيترو فيض مليو آهي، اهو معاشري ۾ موجود سماجي ترقي ۽ سهپ مان لڳائي سگهجي ٿو. نظرين ۽ مقصد کان خالي سياست کان سمورو معاشرو غير سياسي ۽ بيزاريءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، موقعي پرست سياست چند گروهن کي ته فائدو ڏئي سگهي ٿي پر معاشري جي مثالي اُڻت نٿي ڪري سگهجي. ويهين صديءَ جي عظيم انقلابي ليڊر نيلسن منڊيلا بي بي سي جي پڇيل هڪ سوال، سياستدان ۽ ليڊر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جي جواب ۾ چيو هو ته سياستدان ايندڙ اليڪشن لاءِ سوچيندو آهي، ليڊر ايندڙ نسلن لاءِ سوچيندو آهي. شيخ اياز خوب چيو آهي ته:
“سانگ سياست جا سمجهي، ٺاهه ٺڳيءَ جا ڊاهي،
ڪوئي آهي ڪوئي آهي، جيڪو سچ چوي.“