ماضي جي خوشبوءِ ۾ ويڙهيل شهر!
اهڙو تاريخي گناهه گهڻي ڀاڱي اسان شڪارپور جا ماڻهو به ڪريون ٿا ته شڪارپور ماضيءَ جو پئرس آهي. پئرس خاص ڪري خوشبوئن جي نسبت سان ڪوٺيو وڃي ٿو. شڪارپور جي شناخت رابيل جي گل سان ڪئي وڃي ٿي ته هن شهر جا ماڻهو رابيل جي رت ۾ اڇن پوپٽن جهڙي ململ جي پهراڻ تي گلن جون ڪنڍيون پائي گهمندا هئا. ڪاٺ جون فن سازيءَ سان جڙيل عمارتون ۽ ڪجهه صاف اڌ ڪچا اڌ پڪا رستا هئا، جتان اڪثر ڪري بگي گاڏيون گذري گذر سفر ڪنديون هيون. هڪڙو بجاج گهنٽا گهر ديوان جي فليٽ ۽ افغان دور جي ساڳ جي ڪاٺي جي ٺهيل ڍڪ بازار آهي، جنهن کي شاهي بازار سڏيو وڃي ٿو ۽ پوءِ بس! اهو پئرس جهڙو ناهي ته ٻيو ڇاهي؟؟ اهو آهي اسان وٽ پئرس جو تعاون...!! پئرس جتي ڪڏهن رات جو تصور به ناهي رهيو، سون سالن جي تاريخ ۾ مذهبي ڪليسائن جي بادشاهتن ۾ به هي شهر هڪ اهڙو جزيرو رهيو آهي، جتي حيرت جي به حاجت ناهي رهي. هن جي چوڪن تي بيگناهه انساني لاشن کي ته ابتو ٽنگي لٽڪايو ويو ۽ زندهه انسانن کي انساني بد تهذيب جي تاريخ ۾ ساڙيو به ويو پر هي شهر پوءِ به مرڪندو رهيو. انساني تهذيب جي اتساهه جي علامت هجڻ ڪري هن کي پوري پڪ هئي ته تهذيبون انساني اقتداري وحشتن هٿان ڀلي تاراج ٿينديون رهن. عقيدن جي غفائن ۾ ڀلي انسانن کي قيد ڪيو وڃي، پر پئرس جي تهذيب تاريخي انسانيءَ جي پير ۾ پازيب بڻجي رقص ڪندي رهندي ۽ تهذيب جي دشمنن کي گلوٽين ۾ وجهي ڪنڌ ڪپيندي رهندي ۽ پنهنجي سفر کي جاري رکندي نظر آئي. تهذيب جو هجڻ ئي انساني ترقيءَ جي ضمانت آهي، جيڪڏهن بد تهذيبي جو سايو تهذيب مٿان غالب پئجي ويو ته اها تهذيب ۾ لذتون، بدمستيون، حرص، حد کان وڌيڪ نفعا ۽ چور بازاري جهڙيون بيماريون پيدا ٿي بدڪاريءَ جي صورت اختيار ڪري وينديون آهن ۽ اتي ڪنهن اعليٰ انساني معاشري جي جڙڻ جا امڪان اڻلڀ ٿي ويندا آهن. لذتن، حرص ۽ بدمستين جهڙيون برايون هن شهر شڪارپور جي تهذيب جي بانڀڙا پائيندڙ ٻار کي گهٽي ماري رکيو آهي. اهو ٻار اڃا جواني جي شباب ۾ آيو ئي نه ته ان کي ٽوڙي ٽڪر ڪيو ويو.
اڄ ان ننڍڙي معصوم تهذيب جي حالت سياسي مڪارين جي ور چڙهي بدبوءِ جي پٽين جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي آهي، انهن گند جي پٽين ۾ هن شهر جا ماڻهو پنهنجي حصي جي گندگي وجهي رهيا آهن. پورو شهر گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. سياسي ۽ انتظامي نااهليءَ جي ڪري ميونسپل ڪميٽي جي شهري ملڪيتن تي ته سياسي گروهن جا قبضا آهن ئي، پر هن شهر جون اهي عمارتون اڌ کان وڌيڪ ڪاٺ جي لالچ ۾ ڊاٺيون ويون آهن، جن کي ورلڊ هيريٽيج ورثو قرار ڏنو آهي. سياسي نااهلين ڪري بدانتظامي جي ڀنڀٽ ۾ ململ جي چولي ۽ رابيل جي ڪنڍيءَ جهڙي نفيس تهذيب سڙي خاڪ ٿي وئي آهي، پر هن شهر جو ماڻهو بد تهذيبيءَ جون شڪايتون ته ڪري ٿو، پر انهن شهر دشمنن سياسي ڪردارن کي ڪجهه به نٿو چوي ۽ انهن آڏو سر تسليم خم ڪيو ويٺو آهي. شهر جي بد تهذيبي جي ذميوارن کي پنهنجي گهرن ۾ گهرائي سندن ڀرپور خاطر توازن ته ڪري ٿو، پر انهن سياسي چالاڪن کي پنهنجي شهر جا چاڪ ٿيل گريبان نٿو ڏيکاري ته هيءَ معصوم تهذيب اوهان جي اقتداري حوس جو نشانو بڻجي وئي آهي ۽ ان مان خون جا آخري قطرا ٽمي رهيا آهن... اڃا ڪيستائين سياسي قلابازيون کائي هن تهذيب جو ڪنڌ ڀڃندو رهندو؟؟ هن شهر جي تهذيب ته اڃا اسرڻ جي شروعاتي ڏاڪن تي هئي ۽ ان کي پئرس جي پٺيان هلي مڪمل تهذيب جو شاهڪار بڻجڻو هو ۽ ان تهذيب کي عقيدن جي جنون ۾ اچي هتان جي ان وقت جي دور واري سياست اهڙي ته زهريلي خنجر سان وار ڪيو جو هن جي سموري وجود ۾ مذهبي نفرتن جو زهر ڀرجي ويو ۽ تهذيب جي منهن مان خون ٽمي ڌرتيءَ تي خشڪ ٿيندو رهيو، پر ان وقت جي بيرحم سنڌ جي سياست ڌرتيءَ تي ٽمندڙ تهذيب جي خون تي خوش ٿيندي رهي ۽ پنهنجي وطن دشمن ۽ تهذيب جي قاتل ڪردار کي تاريخ جي آئيني ۾ ڏسڻ کان لاتعلق رهي ۽ پاڻ کي انساني تاريخ ۾ تهذيبن جي قاتل طور شامل ڪري ايندڙ وقت کان پنهنجو چهرو لڪائيندي رهي، جنهن چهري ۾ انهن سياستدانن جي منهن تي طاعون جا داغ نمايان آهن، جن تهذيب کي پنهنجي شخصي مقصدن لاءِ لهو لهان ڪيو...!! انهن جي نقش قدم تي هلندي اڄ جو سياستدان بچيل تهذيب کي به مفادي سياست جي ڪتر مشين ۾ آڻي ذريون ذريون ڪري مهذب معاشري تي رانڀوٽا پائي رهيو آهي، پر هن شهر جو ماڻهو اڃا به مفادن جي لاءِ مشڪرن واري ماٺ ڪيو ويٺو آهي. ڪلچر قومن يا مقامي ماڻهن جي رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جو نالو آهي، جيڪا تهذيب مان ڦٽي نڪرندي آهي ۽ وڌندي ويجهندي آهي ۽ هن شهر جي تهذيب زواليت کانپوءِ بد تهذيبي اهڙي ته نيچ ۽ خسيس ڪلچر کي جنم ڏنو آهي جو پنهنجي اوسر ۾ محدود تهذيب ۾ ايڏو ته بگاڙ آيو آهي جو پورا پڙهيل لکيل ۽ اڌ گابري ۽ ادبي يا سياسي شعور رکندڙ ڏسڻا وائسڻا ڪردار به گلا ۽ غيبتن جا پيرڊ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلائي پاڻ ئي جج ۽ پاڻ ئي جلاد بڻجي پنهنجي مخالفن جو مڻڪو ڀڃن ٿا، پر هو اهو هڪ لمحي لاءِ به نٿا سوچين ته ٻين کي الزام ڏيڻ يا قصور وار ڪوٺڻ کان پهرين هنن جي پنهنجي ڪردار تي معاشري کي ڪهڙا تحفظات آهن يا معاشرو هنن جي روين جي ڪري پاتال ۾ پوندو وڃي ٿو!! ان قسم جي ڪردارن جو مثال ڏيڻ جو بنيادي سبب اهو آهي ته جڏهن تهذيب کي جوڙڻ وارا ذهن ذهني ڏيوالي جو شڪار بڻجي ويندا آهن ته اتي پورو معاشرو ڍونڍ جهڙي ڌپ ڪري ويل ڍنڍ وانگر محسوس ٿيندو آهي، جيڪا ڌپ مستقل طور ذهنن ۾ رهي کستوري جهڙي خوشبوءِ مثل دماغ کي ڀاسيندي آهي، جيڪا خود فريبيءَ جهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي مالي خوليا ۾ ورتل ماڻهن کي پيدا ڪري انهن جي وجود ۾ سائيءَ جهڙو مرض عام ڪري ڇڏيندي آهي ۽ انهن کي رڳو پيلاڻ ئي پيلاڻ نظر ايندي آهي. انهن پِيلن ماڻهن جو مقصد رڳو عيب جوئي ڪرڻ هوندو آهي. اڄ جيڪڏهن شڪارپور شهر جي روڊن تي گندو پاڻي هر جاءِ، هر محلي ۾ بيٺو آهي ته ان جي اصل وجهه به اسين آهيون ته اسان اڃا پاڻ مهذب ناهيون ٿيا ته مهذب معاشري جي ضرورت ڪيئن محسوس ڪريون؟؟ جنهن به ڏينهن هن شهر جو ماڻهو اهو احساس کڻي اٿي پيو ته هاڻي بد تهذيبي گهڻي ٿي، ان ڏينهن کان وٺي هن شهر جي رستن تي گندو پاڻي ۽ گندگي ڪٿي به نظر نه ايندي ۽ بگڙيل سياست رستي تي اچي ويندي. شهر کي بيوقوف بڻائڻ وارا اتحاد خود بخود ٽٽي ويندا. غير مهذب سياست جو خاتمو ماڻهن جي مهذب پڻي ٿيڻ ۾ ئي آهي. هن شهر جي تهذيب جي حسن ۾ هتان جي مقامي ماڻهن جون محنتون هيون، جن تهذيب ۾ حسن آڻڻ لاءِ ان کي ايڏا ته ڳهه ڳٽا پارايا جو هوءَ ڪچڙي وهيءَ ۾ به مڪمل جوڀن واري عورت نظر اچڻ لڳي ۽ هن شهر جي ماڻهن پنهنجي معصوم تهذيب کي گندي سياست جي گرهڻ لڳڻ کان محفوظ رکيو، پر حالتن جي گرڙ پکي پنهنجي ٻچن کي کائڻ شروع ڪيو ۽ تهذيب به انهن حالتن جو کاڄ بڻجي پنهنجي سونهن وڃائي ويٺي.
شڪارپور شهر جي تهذيب کي پئرس سان ڀيٽڻ کان پهرين اهو ته سوچيون ته واقعي هن شهر جي ڀيٽ ان جادوئي شهر سان ڪري سگهجي ٿي، جنهن جا رستا به فليش هڻي ڪئميرا وانگر ماڻهن جو عڪس جهٽي وٺن ٿا، جتي رڳو ٽهڪ ئي ٽهڪ آهن، خوشبوئن جا ڪڪر آهن، جيڪي سرد راتين ۾ مينهن ڪڻين جهڙي ماڪ ۾ ڪنهن دوشيزا جي وجود تي لڪيرون پائين ٿا ۽ انهن جي ململي وجود تان ترڪي ٿيڙا کائيندا رهن ٿا. خيال جي وسعت کان به ويڪري پئرسي تهذيب کي اهڙي تهذيب سان ڀيٽا ڏيڻ جنهن جي دامن ۾ ڪجهه ساڳ جي ڪاٺين جا فن پارا، مخصوص ڪلاس جي رهڻي ڪهڻي، ڪجهه رابيلن جي ڀنل خوشبوءِ ۽ ململي پهراڻ آهن، جن کي پئرسي تهذيب سان ڀيٽي اسان ڪٿا رسيس ڪندا آهيون. الائي ڪڏهن ان کيپ مان نڪري هڪ زندهه تهذيب جا بنياد وجهي مذهبي معاشري جا ماڻهو سڏائباسين. تهذيب کي انسان ٺاهيندا آهن ۽ تهذيب ڄمندڙ انسانن جي پرورش ڪري انهن کي مهذب بڻائيندي پنهنجي سفر کي جاري رکندي آهي. هرو ڀرو ڪنهن شهر جو قد وڌائڻ لاءِ ان جي ڀيٽ ڪنهن اهڙي تهذيب سان ڪجي، جنهن جي همسري ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي نسل جي ضرورت آهي، جيڪو تاريخ کي ڏندين آڱريون ڏئي صدين جي مسافتن کي سالن ۾ تبديل ڪري برق رفتاري سان سفر ڪري ان منزل تي رسي، جيڪا اسان جي تهذيب کان گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو سال اڳي آهي، پر اسان کي خام خيالي ۾ نه رهڻ گهرجي. اسان جي رفتار اڃا گڏهه گاڏي جي زماني جي آهي، اتي تهذيب جي تڪڙي تبديليءَ جي خواهش به اڃا ان خواب ۾ ڍلجي نه سگهي آهي، جنهن جي ساڀيان لاءِ سپنن واريون اکيون تلاش ڪبيون آهن. اسان جو حال به ان چوڻي وانگر آهي ته ”ڇا آهي هيءُ انسان اڌ فرشتو اڌ حيوان.“