ڪالم / مضمون

اداس شهر جي لُٽيل تاريخ

هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي. همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي.
Title Cover of book اداس شهر جي  لُٽيل تاريخ

  شڪارپور جي تباهي تي ٿيندڙ سياست جو انت ڪڏهن ايندو؟؟

ان ڏينهن شايد شڪارپور جي ماڻهن ڇرڪ نه ڀريو هجي، جنهن ڏينهن عدالتي ڪميشن جي رپورٽ ۾ هن شهر جي کير جهڙي پاڻيءَ کي 79 سيڪڙو خراب قرار ڏئي ماڻهن جي پيئڻ تي حيرت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو هو! ان ڏينهن انتظامي نااهليءَ جي بدترين شڪل ظاهر ٿي پئي هئي، پر ان ڏينهن کان اڄ تائين هن شهر جي ماڻهن خسيس شڪايت به پنهنجي سياسي بنگلن کي ڪرڻ مناسب نه سمجهي۽ نه منهن تي پريشانيءَ جا آثار آڻيندي ڪا ميار ڏني هوندي ته اوهان جي سياسي واعدن جي ڪڍ لڳي اسان جي ڪوثر جهڙو شفاف پاڻي بدبودار بڻجي ويو! جنهن پاڻيءَ جي ڪري هتان جي اڪ جون ڦلڙيون به مٺيون هيون ۽ هن شهر جي سڃاڻپ کٽاڻ به هتان جي پاڻيءَ ۾ رسجي ايڏي ته لذيذ ٿي ويندي هئي، جنهن جو ذائقو زبان تان نه لهندو هو ۽ کٽاڻ کائڻ بعد ترياق بڻجي هاضمو ڪندي هئي- ان شهر جي سياست جو اهڙو هاضمو خراب ٿي پيو، جنهن جي ”کٽي اوڳرائي“ جهڙي ورڪرن کان ويندي ليڊرن تائين سڀ ڪرپشن جي عارضي ۾ وڪوڙجي ويا ۽ پوءِ هن شهر جي سڃاڻپ ۽ خوبصورتي کي کائي ناس ڪري ڇڏيائون! هي شهر هڪ اهڙي سياست جي صليب تي لٽڪيل رهيو، جنهن تي پنهنجي ماڻهن ئي غليظ مفادن جو پٿراءُ ڪيو ۽ پنهنجي گناهن تي پشيمان ٿيڻ بدران رات جي اونداهين ۾ تباهيءَ جا پئمانا ٽڪرائيندا رهيا، جنهن ۾ هن شهر جي ڳوڙهن ۽ رت جي بوءِ به محسوس نه ڪئي وئي- هن شهر جي ڳوڙهن ۽ رت کي بيرحم بنگلا سياست ته سمجهيو ئي نه، بلڪه اهي ته هن نهج تي پهچائيندڙن مان آهن، پر هتان جي عام ماڻهوءَ جي پنهنجي ادارن ڏانهن روش به افسوسناڪ آهي. اکين جي هالينڊ اسپتال ته قبرستان بڻيل آهي ئي، پر ورهاڱي کان پهرين ميونسپل ڪميٽي جي ماتحت هلندڙ ناظميءَ جي دور ۾ قبضي جي نيت سان ڊاٿل ڍونگ واري اسپتال اڃا تائين ان ڪري نه ٺهي سگهي آهي جو اها وچ شهر ۾ ڪروڙن جي پراپرٽي آهي، جنهن کي مفادي سياست جي قبضي جي گرهڻ لڳل آهي ۽ هڪ ڏينهن ڪنهن سياسي بنگلي جي ملڪيت جو بورڊ لڳل هوندو، جيئن ميونسپل جي ٻين ملڪيتن تي سياسي بنگلن معرفت قبضا ٿيل آهن...!!
هن شهر جي سياست جا به عجيب ڍونگ آهن. ڪالهه تيمور خان جي سياست جو سد باب ڪرڻ لاءِ امتياز شيخ جي ماڻهن ميونسپل جي معرفت جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو هن شهر جي رستن ۽ رهواسين نه وساريو هوندو ۽ اڄ وري سياسي رقابتن سبب ساڳي ريهرسل ٿئي پئي. چون ٿا ته تيمور خان جي ڌر جو سٽي چيئرمين سني سنجراڻي امتياز شيخ جي سياست کي انجام تي رسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. حڪمران جماعت پ پ سان ٻئي ڌريون لاڳاپيل هجڻ باوجود هڪٻئي کي سياسي طور ڪٽڻ لاءِ شهر کي سزائون ڏين پيون. مڪاني نظام جيڪڏهن اختيارن ۽ وسيلن ۾ انصاف ڀريو هجي ته عوام جا بنيادي مسئلا رستن تي ٺوڪرون کائڻ بدران حل ٿيل نظر اچن- پر هتي ته هر نظام ڀوتار جي انانيت هٿان لتاڙجي پيسجندو رهي ٿو. هتان جي سياست ميونسپل جي گٽرن ۽ گندگيءَ جي ڍيرن ۾ ساهه کڻندي آهي. مثال طور شهر ۾ تيستائين ڪراس يا نالي نه ٺهندي، جيستائين بنگلي جي پرميشن ۽ تختي نه لڳندي ۽ اهو تختي لڳڻ وارو رواج ايڏو ته عام ٿي ويو آهي جو اقتدار کان ٻاهر موجود ڀوتار جي نالي جي به تختي ٺهرائي لڳائي وڃي ٿي، جيئن ناظميءَ واري دور ۾ ميونسپل جي ڪيل ڪمن تي تختيون وري مقبول شيخ جي نالي سان لڳيون، جيڪو نه ايم پي اي هو، نه وري کيس ان وقت حڪومت طرفان ڪو عهدو مليل هو. بس! عوام جي پئسن مان ٿيل ڪمن تي تختيون ڀوتارن جون لڳنديون رهيون، جيئن هن وقت ميونسپل جي پئسن مان ٿيندڙ اڌو گابري ڪمن تي آغا تيمور پٺاڻ جي نالن جون تختيون لڳن ٿيون ۽ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي جي اسڪيمن جا افتتاح وري پ پ ايم پي اي امتياز شيخ ڪري رهيو آهي. جي يو آءِ اميدوار کان آخري ساهن ۾ کٽيل اليڪشن ۾ پ پ ايم پي اي امتياز شيخ پنهنجي سياسي ساک بهتر ڪرڻ لاءِ شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ضرور هٿ پير هڻڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ ساک بچائي اليڪشن مهم هلائي سگهي، پر هن جي سياست جي جيئندان سان تيمور خان پٺاڻ جي سياست سواليه بڻجي وڃي ٿي. ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ پڪي ڪرڻ لاءِ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته امتياز شيخ ملندڙ منسٽري تان هٿ کڻي ويو، پر ڪجهه ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته امتياز شيخ کي منسٽري نه ملڻ جو سبب وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي ناراضگي آهي ۽ ان ناراضگي جو سبب اهو ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته پ پ ايم پي اي امتياز شيخ وزيراعليٰ پاران سندس ڪم نه ڪرڻ جون شڪايتون پارٽي جي ڌڻيءَ کي ڪيون هيون، جنهن تي سندس منسٽري وارو مامرو رڪجي ويو ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته پ پ اندر لابيون هجڻ ڪري کيس ڊويزن لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري شپ نه ملي سگهي ۽ اهڙين لابين جي ڪري سياسي طور امتياز شيخ ۽ بابل ڀيو سان گڏ بيٺل غوث بخش مهر پ پ کان پاسيرو ٿي ٻئي طرف اڏام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي، ڇو ته بابل ڀيو جي سياست کي ڳڙهيءَ جي درانين جي نظر لڳي وئي ۽ هن وقت ته پ پ جي صدارت ڀيو فيملي وٽ هجڻ باوجود پارٽيءَ ۾ بابل ڀيو جي سياست جو باب ڪجهه عرصي لاءِ بند آهي! ممڪن آهي ته سياسي ناتجربيڪاري جي ڪري ايم پي اي عابد ڀيو وٽ پارٽي جي صدارت گهڻو عرصو جٽاءُ ڪري نه سگهي. بهرحال! شڪارپور جي سياسي چرخ جا ڦيرا ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن ڦرندا رهيا آهن ۽ اڳتي به ائين ڦرندا رهندا، پر هن وقت شڪارپور جي ميونسپل اندر هلندڙ سياست ايندڙ اليڪشن 2018ع جي جيت جو فيصلو ڪندي ۽ ان ڪري ئي موجوده چيئرمين شيخ ڀائرن سان ڪنهن به ريت گڏ هلڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري ائين محسوس ٿئي پيو ته شهر جي اندر ٿيندڙ ڪجهه ترقياتي ڪمن تي هي ڪو اڳڀرو نظر اچي پيو. اڃا ائين به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ترقياتي ڪمن کي روڪرائڻ لاءِ ڊرينيج جو نظام درست ڪرڻ جو بهانو ڄاڻائي چيئرمين عدالت تائين به پهچڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر ڪجهه ماڻهن کيس صلاح ڏني ته وڏي عرصي بعد شهر ۾ اڌو گابري ڪمن جي خلاف جيڪڏهن تون عدالت ويندين ته ان سان تنهنجي لاڳاپيل سياسي بنگلي جي ساک خراب ٿيندي، جنهن ڪري چيئرمين ماٺ ڪري ويهي رهيو. پنهنجي آفيس ۾ چور دروازي کان ايندڙ چيئرمين شهر جي ماڻهن سان ملڻ به گوارا نٿو ڪري. پهرين ڏينهن کان وٺي سي ايم او ۽ انجنيئر سان سندس قرب جو ناتو قائم نه ٿي سگهيو آهي ۽ انهن طرفان هڪٻئي جي پٺي تي اعتراضن جي ڀرمار لڳي پئي آهي. چيئرمين هڪڙي بنگلي جو، سي ايم او ٻئي بنگلي جو ۽ وري انجنيئر جو پيچ ڪنهن ٽئين بنگلي سان اٽڪيل آهي. اهڙين حالتن ۾ هن شهر سان ڇا پيو ٿئي ۽ ڇو پيو ٿئي؟؟ اهو تمام اهم سوال آهي- جنهن جو هڪ جواب هي به آهي ته اهو صرف هتان جي ماڻهن جي لاپرواهي ۽ لاعلمي جو نتيجو آهي، جو سياسي جنگ ۾ هي شهر ٺهڻ بدران ڊهندو ۽ اجڙندو پيو وڃي. نساسڪ جي دور ۾ کنيل 167 ماڻهن مان هر ملازم جي پگهار ماهوار 7 هزار هئي ۽ انهن کي هٽائي 14 هزار ماهوار تي ڪائونسلرن جي مٽن مائٽن ۽ چيئرمين جي صوابديد تي 190 ماڻهن کي خلاصين ۽ سوئيپرن جي پوسٽن تي ڀرتي ڪيو ويو آهي. اطلاع آهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ 50 جي لڳ ڀڳ بنگلن جي ماڻهن کي ميونسپل ۾ ڀرتي ڪيو ويندو. ارباب رحيم جي دور ۾ 37 ڪروڙن جي بجيٽ سان شهر جي 50 ورهين جي وڌندڙ آباديءَ جي پلاننگ سان ڊرينيج جو نظام جوڙيو ويو هو، جيڪو علي بابا جي چاليهه چورن ٺيڪيدارن کي ڏنو ويو ۽ ان ڊرينيج جي نقشي سان وري اهڙي جٺ ڪئي وئي، جو رڳو نانگ جي ليڪن مثل نالا ٺاهيا ويا، جنهن کي 11 سال گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين پي سي ون تيار ناهي ٿي ۽ هاڻي وري ڊرينيج لاءِ رکيل 57 ڪروڙن جو ٺيڪو ”پارٽي ڌياڻي“ جي خاص ماڻهوءَ کي ڏنو پيو وڃي، اهو جيڪا حالت ڪندو، سو کڻي ايندڙ وقت تي ڇڏيون پيا، پر رات جي پيٽ ۾ سرڪاري آفيسن ۾ ٺيڪن جي واڪن بدران بنگلن جي نوڪرن کي مليل شهر جي ٺيڪن سان جيڪا جٺ ٿئي پئي، ان تي ڪنهن جي نظر ناهي. شهر ۾ روڊن جي بجاءِ پوندڙ پيور سرن جو فرش ناتجربيڪار ٺيڪيدار ۽ اڻڄاڻ مستري بنا ليول رکڻ جي ڀت جي اوساري وانگر ڪري رهيا آهن، پر مقامي سياستدان رڳو نالي جون تختيون هٽائڻ ۽ ڪمن جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ لوڪل ميڊيائي مهم ۾ پورا آهن. حد ته اها ٿي وئي جو هڪڙي ئي ايمرجنسي وارڊ جو ٽي ٽي ڀيرا افتتاح ٿئي پيو، پر اهو نه پيو ٻڌايو وڃي ته اسپتال ۾ صحيح نموني بخار کي ڊائگنوز ڪرڻ وارو ڊاڪٽر به ناهي، پر بنگلا سياست جا پيروڪار ۽ نام نهاد انساني حقن جا سماجي اڳواڻ اهڙن سياستدانن کي آئيڊيل قرار ڏئي پنهنجي ذات جا فائدا وٺڻ ۾ پورا آهن. اليڪشن ۾ جهمريون پائيندڙ غير سياسي ذهن بنگلن جي روش کان مايوس ٿي وري اليڪشن جي ڏينهن ۾ انهن ئي سياستدانن جا ترانا ڳائڻ ۾ لڳي وڃن ٿا، ڇو ته هتان جو ماڻهو سياسي واعدن تي ووٽ ڪندو آهي، ڪم جو حساب ناهي رکندو- گندو پاڻي ۽ گندگي هتان جي سياست جا ڏنل تحفا آهن، جيڪي هن وقت هن شهر جو تعارف بڻيل آهن. ان تعارف کي تبديل ڪرائڻ ۾ آغا سراج به ڪو ڪردار ادا نه ڪيو، جيڪو ڊگهو عرصو مڪاني ادارن جو منسٽر پڻ رهيو. هاڻي هن جو ڀاءُ آغا مسيح ضلعي چيئرمين آهي- پر هن وٽ به شڪارپور لاءِ ڪو پلان نظر نٿو اچي.
وڏي عرصي کان گندو پاڻي واپرائيندڙ هن شهر جي ماڻهن کي شهاب اوستو جو احسان مڃڻ کپي، جنهن هن شهر جي ماڻهن کي گندو پاڻي پيئڻ جي آگاهي ڏني ۽ ذميوارن کي متحرڪ ڪيو- اڃا اهو واضح ناهي ٿيو ته ورهين کان پيئندڙ گندي پاڻي ڪيترين انساني جانين کي ضايع ڪيو آهي ۽ ان جي ذميوار انتظاميا کي ڪهڙي سزا ملندي؟؟ پر هن شهر جي سياست ڪڏهن به نه سڌرندي. ڀوتارڪي سياست جا مزاج عوام جي سگهه کانسواءِ تبديل ناهن ٿيندا. هن شهر سان سياستدانن پاران ڪيل ڪلورن کي هتان جو ماڻهو ويسر ۾ وڪوڙيل هئڻ ڪري اليڪشني ڏينهن ۾ وساري ويهي ٿو، جنهنڪري مسئلا لاعلاج مرضن جي صورت اختيار ڪري ويا آهن. اختيارن جي نه ختم ٿيندڙ جنگ ۾ هن شهر جي سونهن ته سڙي رک ٿي وئي آهي ۽ هاڻي اها باهه شهر جي پاڻيءَ کي لڳي وئي آهي، جو پتاشي جهڙو پاڻي سينکئي ۾ تبديل ٿي زهر بڻجي زندگيون ڳڙڪائي رهيو آهي- وري به ڪورٽ جي وقتي خوف سبب انتظاميا ڪجهه تحرڪ ۾ آئي آهي، پر حددخلين خلاف هلندڙ ڪارروائي مان ائين لڳي پيو ته شهر جا سياسي بنگلا ۽ انتظاميا نٿا چاهين ته ناجائز قبضا هٽن ۽ شهر جي حالت ڪجهه بهتر ٿئي، جيڪڏهن هن شهر جا مسئلا حل ٿيا ته ايڪڙن ۾ قائم بنگلن تي ڪير ويندو ۽ بنگلن تي موجود ”بچو ملن“ جي روزگار جو ڇا ٿيندو؟؟ هن شهر جي ماڻهن کي ان ڏينهن جو انتظار آهي، جنهن ڏينهن شڪارپور جي بنگلن تي ويٺل ”بچو ملن“ ۾ نيب هٿ وجهندي، جن هن شهر جي بجيٽ تي ڪوڙن ٺيڪن جي نالي تي ايترو ڪمايو آهي جو انهن جا ايندڙ ست نسل وڏي مزي واري زندگي گهر ويٺي گذاري سگهن ٿا. شڪارپور شهر جي سياست نه ڪالهه صحيح رستي تي هئي، نه اڄ، نه وري سڀاڻي هوندي. هتان جي سياست جڏهن گندن نالن کي بند ڪرائي شهر کي ٻوڙي جيئري ٿيندي رهي آهي، اها ڪيئن چاهيندي ته فضيلت واري انداز ۾ شهر کي ترقي وٺرائي زندهه رکجي؟؟ هن شهر جي ماڻهن کي اهڙي سياست جو انت آڻڻ لاءِ اڳڀرو ٿيڻو پوندو، نه ته ٿيندڙ سياست ماضيءَ وانگر هن شهر کي تباهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏيندي.