مڙهيون اداس آهن رستا پيا پڪارن
هاٿيدر جون اهي مڙهيون جيڪي وقت جي بي رحم دز ۾ لٽجي سج جي اولڙي وانگي الوپ ٿي ويون آهن، جتي شام جي وقت ۾ گلنار ۽ گلزار ( خواجه سِراءِ) دنيا جي چٿرن کان بي نياز زائفاڻي ڪاري وڳي ۾ ملبوس ٿي ٻانهن ۾ رابيل جا گجرا پائي، ايندڙ ويندڙ جي نظرن جي اشارن تي مست ٿي ٿڦڪي وڄائي زندگيءَ ۾ رنگ ڀرڻ لاءِ اهڙي ته ادا سان گھمندا هئا، جو سندن پاتل ڇير جي آواز ۾ سڀئي سُر هڪ ئي آواز ۾ ڇڙي پوندا هئا. دنيا جي ٽيون نمبر ساڳ جي ڪاٺي مان ٺهيل ڊگھي بازار ۾ جڏهن گھڙندا هئا، تڏهن دڪاندار احترام ۾ اٿي آڌرڀاءُ ڪندا هئا، ڄڻ ڪو خاص مهمان آيو هجي! نشاط ٽاڪيز مان ڦري بڻيل افشان سئنيما، هري ولڀ مان ڪيپيٽل ٽاڪيز ۽ بعد ۾ بڻيل پلازه سئنيما ايئن گم ٿي ويون، جيئن شڪارپور مان ڪپڙن جا آڏاڻا! سئنيمائن تي ڪيئي هفتا لڳل فلم ڏسي جڏهن رات جي وچئين پهر ۾ شوقين رستن تان موٽندا هئا، تڏهن بک ۽ رستن تي لٽجڻ جي احساس کان بي نياز فلم جي هيروئن جي مرڪ کين بستري تي به بي قرار ڪري ڇڏيندي هئي، ۽ پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر فلم ڏسڻ جي احساس هيٺ ننڊ جي ٽٻي هڻي خوابن جي ساگر ۾ گم ٿي ويندا هئا، اڄ اهي سئنيمائون پن ٻيڙين جي مانڊڻين ۽ کٽاڻ جي گودامن ۾ گم ٿي ويون آهن. جڏهن ته ناز سئنيما کي اسٽيٽ ايجنسي جي اڏوهي لڳل آهي ۽ اتي به هڪ ڏينهن آخرڪار ڪنهن ڪرپٽ ڪاموري ۽ اناڙي سياستدان جو گھر، عطائي ڊاڪڙت جو شفاخانو ۽ مئل ڍور ڪهندڙ ڪاسائيءَ جو دڪان قائم ٿيندو ۽ ايئن تاريخ جي صفحن ۾ تاريخ ٻن سٽن جي تاريخ بڻجي گم ٿي ويندي! ڪاٺ جي لالچ ۾ ڊاٿل شڪارپور جون تاريخي عمارتون نسيم مغل جي لکيل تصويري ڪتاب ۾ فن جو شهپارو بڻجي البم ڏسندڙ کان ڇرڪ ڪڍرائي وجھن ٿيون، پر اهو فن جڏهن باهه ۾ سڙي ڪوئلا ٿيو هوندو، تڏهن ان رنبي وارن استاد امير بخش بابلاڻي ۽ محمد منير بابلاڻي جي روح ضرور رڙ ڪئي هوندي، جن سالن جي محنت ۾ عبادت جي حد تائين پنهنجي فن جي پوڄا ڪئي هئي ۽ انهن معاوضي کان وڌيڪ محنت ڪري فن جي اهميت کي عام ڪيو هو!.
رات جي آخري پهر ۾ جڏهن ريلوي اسٽيشن تان مسافر ٽرين مان لهندا هئا، بگي گھوڙو، جيڪو هڪ دور ۾ شاهي سواري ليکيو ويندو هو ۽ شڪارپور جا ٽانگي وارا پنهنجي سڀاءَ ۾ رستي ويندڙن کي ادا، مٺڙا، منڙا، پيارا، او ڀائو ۽ پيٽو چئي سڏ ڪندا هئا، تڏهن ايئن لڳندو هو ڄڻ مغل شهنشاهه جي سواري ٿي وڃي. اڄ تيز رفتاري جي ٽائر هيٺ اهي ٽاپن جا آواز دٻجي ڌنڌلا ٿي ويا آهن، حسب معمول اڄ به خان محمد جڏهن ٽانگي کي رات جو لکي در تي بيهاريندو آهي تڏهن کيس ٽيهه سال پراڻا ڏينهن ياد ايندا آهن، جڏهن کيس ڀرپور جوانيءَ ۾ سڄي رات گھوڙي جي ٽاپن تي ننڊ جو احساس به نه ٿيندو هو ۽ هاڻي کيس گھوڙي جي داڻي جي پئسن جيتري به سواري نه ٿي لڳي، ۽ ٻين بگي گھوڙن وانگر هي به هڪ ڏينهن لکي در تان چنگچين جي شور ۾ هميشه لاءِ گم ٿي ويندو! لکي در جيڪو شڪارپور جو سنڌو درياءُ آهي، جنهن ۾ شهر جا هڙئي رستا ملي گم ٿي وڃن ٿا، وڌندڙ بيروزگاري ۽ بدانتظامي، حددخلين جي صورت ۾ سيلاب بڻجي رستن کي ٻوڙي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، حد دخليون شهرن جي خوبصورتيءَ تي رانڀوٽن واگر هونديون آهن، جنهن ۾ شهرن جون صورتون بگڙجي بدصورت ب ڻجي وينديون آهن. رابيل ۽ گلاب جي عرقن سان ڌوپجندڙ رستا گندي پاڻيءَ سان روز پيا ڌوپجن، ميوسيپل نالي ڪا شيءَ شهر ۾ نظر نه ايندي، پوري دنيا ۾ ميونسپل شهرن جي ترقي ۽ واڌ ويجھ جي ذميوار هوندي آهي، پر اسان وٽ ميونسپل شهر جي تباهي جي تاريخ رقم ڪئي آهي، سياسي بنيادن تي آيل آفيسر آفيسن ۾ ايئر ڪنڊيشنون هڻائي ۽ ڪنن ۾ هيڊفونون لڳائي عوام جي اهنجن کان آجا لڳا پيا آهن، شهر حد دخلين جي والار هيٺ سوڙهو ٿي ويو آهي، ڪنهن دور ۾ شهر جا شاهي رستا هاڻي پيادل هلڻ جي قابل به ناهن، گھٽيون گندگي جون پيٽيون بڻيل آهن ۽ عوام ساهه وارو جانور بڻيل آهي، جيڪو زندگيءَ کي چاڪيءَ ۾ ڏاند وانگر گهلي پيو! ماضيءَ ۾ سنڌ حڪومت کي قرض ڏيندڙ ميونسپل هن وقت پنهنجي ملازمن جي مقروض آهي! شهري شعور ايترو آهي جو گھر گھٽين ۾ ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ رستن تي دڪان ٺاهي ڪنهن سياسي ڌر جو پينا فليڪس هڻي ماڻهن جاگيرون قائم ڪري ڇڏيون آهن، عاليشان رستا گھٽيون بڻجي ويا آهن، ۽ گھٽيون وري بند ڳلين ۾ تبديل ٿي رهيون آهن.
اوڌو داس جي اسپتال واپاري مرڪز بڻجي وئي آهي، جتي غريب انسان لاءِ آيل بجيٽ ڀوتارن جي ٽجوڙين ۾ منتقل ٿي رهي آهي، صحيح نموني نبض نه ڏسي سگھندڙ ڊاڪٽر ايم ايس جي ڪرسيءَ تي ويهي زڪوات جي پئسن جون پتيون پيو ڪري، ٻيو ته ٺهيو پر اوڌو داس جي اسپتال جا گارڊر به وڪرو ڪرڻ لاءِ فڪرمند آهي، جنهن اسپتال لاءِ اوڌو داس ٽڪو ٽڪو چندو وٺي بي سهارا ماڻهن جي دردن تي پهو رکڻ لاءِ پوري هندستان ۾ پئي پنيو ۽ هو هڪ خواب جي تڪميل کان اڳ هندستان جي شهر ۾ چندو گڏ ڪرڻ دوران فوت ٿي ويو! اڄ اها اسپتال منڊي بڻجي وئي آهي، جتي وڏي واڪ ۾ ڊاڪٽرن جي عهدن جي ٻولي لڳي ٿي! اسپتال ۾ نه سرجن ۽ نه ڪا گائناڪالوجسٽ آهي، هتي وڏي مشڪل سان پونسٽان ٽڪي ملي ٿي، بيڊن جون چادرون هڪ مرض ۾ آيل مريض کي بي شمار مرضن ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿيون، اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرياڻيون ذاتي ڪوس گھر قائم ڪري دولت جون ديواريون ٺاهن پيون! هي اهو اوڌو داس جو خواب، جنهن کي بي رحم ۽ دقيانوس سياست، ڪرپٽ ڪامورن عذاب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
هي شهر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، رستن تان ڌوڙ اڏامي پئي، البرٽ ڪاميو پنهنجي جڳ مشهور ناول ”پليگ“ ۾ شهر کي ڳولهڻ يا دريافت ڪرڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته ” ڪنهن به شهر کي دريافت ڪرڻ جو بهترين طريقو هي هوندو آهي ته ان شهر جا ماڻهو ڪيئن ڪم ڪندا آهن ۽ ڪيئن پيار ڪندا آهن“. هن شهر جا ماڻهو اونهاري جي موسم ۾ رابيل جون ڪنڍيون پائي شام جي پهر ۾ جڏهن لکي در تي جوڙا ٿي گھمندا هئا، تڏهن هنن جو پيار جھولن ۾ به پرهه جي ٿڌڙي هير بڻجي پوندو هو ۽ هڪ عجيب طلسم جو سمان هوندو هو، هڪ مڪمل ڪيفيتي شهر، جنهن جي ماڻهن جي ڳالهائڻ جا انداز به انوکا ته ڪم ڪرڻ جا طريقا به پنهنجا هوندا هئا! هن شهر سنڌ جي جديد تهذيب جي امامت ڪئي آهي، واپار کان ويندي فن تائين ايئن محسوس ٿيندو، ڄڻ ڪا فڪشن سان ڀرپور ڪهاڻي پئي پڙهجي، حيرت ۽ تجسس سان ڀرپور! اڄ هي شهر ڪهاڻيءَ جي ڪلائيميڪس وانگر انتهائي دردناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ پڄاڻيءَ طرف وڃي رهيو آهي. هر ڪردار افسانوي صورت وٺي وڃائجي ويو آهي، مڙهين ۾ ماٺ ڇانيل آهي، شهر شهر خموشان جي تصوير بڻجي ويو آهي، رستا گم ٿي ويل ڪردارن کي سڏي رهيا آهن، انهن ڪردارن ديوانگيءَ جي حد تائين هن شهر سان پيار ڪيو، جن هن شهر کي ٺاهيو، هن جي گھٽين سان محبت ڪئي، فن سان بي پناهه محبت جي اظهار ۾ پنهنجي جاين ۽ ڌرمشالن تي چٽساليءَ سان ڪم ڪرايا، عاليشان عمارتون ۽ تاريخي ماڳ ٺاهي تاريخ کي ئي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون. اڄ اها طلسماتي تاريخ سياست جي بي رحم راند ۾ ڀڄي ڀُري رهي آهي ۽ هن شهر جا ماڻهو مايا جي موهه ۾ عظيم تاريخي شهر جي هجڻ جا نظارا ڏسي رهيا آهن، جيئن ڪو بادشاهه شهر ساڙڻ جي شوق ۾ پنهنجي ئي شهر کي باهه ڏئي ويٺو هو، تيئن هن شهر جا ماڻهو ڪمائيءَ جي حوس ۾ رستن ۽ گھٽين تي قبضا ڪري شهر جي سونهن کي ساڙي رک ڪري رهيا آهن.
يورپ جي ڪنهن تاريخدان کي شڪارپور شهر جي طلسماتي تاريخ پڙهڻ کان پوءِ شوق جاڳيو ته شڪارپور کي هر صورت ۾ ڏسجي، تڏهن هو ڪنهن دوست جي معرفت شڪارپور شهر گھمڻ آيو هو، سڄو ڏينهن شهر جي گھٽين ۾ دوست سان گڏ در ۽ گھر گھميو، عمارتن جي ڪاٺ جي رنبي، ساڳ، چيل، ديال جي ڪاٺين ۾ ٺهيل گھر، بازار، اسپتال، اسڪول ۽ ڪاليج ڏسي شام جي پهر ۾ دوست کي چيائين ” جڏهن ماڻهپو موڪلائي وڃي ٿو، تڏهن تهذيب ڀڄي ڀورا ٿي وڃي ٿي، ۽ شهر کنڊر ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا، ڪيڏي بي رحميءَ سان هن شهر جي تاريخ ڱي هتان جي حڪمرانن ۽ ماڻهن تاراج ڪيو آهي، پوءِ به هيءُ شهر جوانيءَ جو جوڀن نه سهي پر پڇاڙيءَ ۾ به سونهن ۽ سوڀيا جو شهپارو آهي“. اڄ به اهي پوڙها جن هن شهر جي سونهن کي پنهنجي جوانيءَ جي شروعاتي ڏاڪي ۾ ڏٺو، تن جي اکين جي ماڻڪين ۾ هيءُ شهر جادوءَ جي نگريءَ مثل نقش ٿيل آهي ۽ ميرانجھڙي شام جهڙي عمر جي پوئين حصي ۾ هو شهر جي انهن وارثن کي ڳولهين ٿا، جن کي وقت جي تيز طوفان ڪک پن ڪري ڇڏيو آهي.