ڪالم / مضمون

اداس شهر جي لُٽيل تاريخ

هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي. همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي.
Title Cover of book اداس شهر جي  لُٽيل تاريخ

هو جيڪي خواب ناهن ڏسندا

ميرن ۽ پراڻن ڪپڙن جي ڍير ۾ سٿيل وجود تي غربت ۽ لاچاري جا پاڇا گهرا ۽ چٽا نظر ايندا ۽ سندن زندگي بيٺل ۽ صدين کان وچڙيل غم هنن جي ارمانن ۽ خواهشن کي هنن جي ئي ڪرت گند جي ڍير ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي، هنن جو هر خواب گندگي جي ڍير تي ئي ڦتڪي ڦتڪي دم ڏئي ڇڏي ٿو، هنن جو نسل سنڌ جي هزارين سال قدامت جو اولڙو محسوس ٿيندو جنهن ۾ سنڌ ڌرتي مٿان ٿيل سوين حملن، ڪاهن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل انساني ڪوسن جا نشان چٽا ۽ نمايان نظر ايندا ته ڪيئن سنڌ ڌرتي ڌارين جي دهشت هيٺ ڌرتي ڌڻين جي وهايل بيگناهه خونن ۾ رنگبي رهي!! پوءِ هي نسل ڌارين جي دهشت ۽ وحشيت جو شڪار بڻجي خانه بدوش نسل بڻجي پنهنجي ئي ڌرتي تي بي گهر ٿي مفلسي واري زندگي جيئندو رهيو آهي. جان جي امان جي بدلي ۾ هي نسل پنهنجي حقن تان دستبرداري ڪري پنهنجي ئي ڌرتي تي ڌاريو بڻجي سماجي پستي ۾ رهڻ لڳو!. ائين ناهي ته سنڌ جي هن اصولوڪي رهواسين حملي آورن سان ڪا مزاحمت نه ڪئي هئي، هنن جي مزاحمت جي پوري تاريخ آهي پر سنڌ ڌرتي مٿان حملن ۽ حملي آورن جي عددي اڪثريت وڌيڪ هجڻ ڪري هنن جي مزاحمتي سگهه اثرائتي نه بڻجي سگهي ۽ ان سان گڏوگڏ هي خوشحال ڏيهه جا امن لوڪ رهواسي هيا جيڪي جنگي حرفتن کان ڏور ويدن ۽ پراڻ ۾ انساني ابتدائن جا پاٺ پڙهندا هئا سي ڪيئن ڪٽڪ لشڪرن سان ويڙهاند ڪري انساني لهو سان تاريخ کي رنڱينٰ ها!! هنن جا هنر مند هٿ ته هوليءَ جي فطري رنگن سان رنڱيل هئا ۽ هي پنهنجي کيتن کي کيڙي ڌرتيءَ جي پيٽ مان سون ڪڍي خوشحالي جي دهلن تي رقص ڪندا هئا. پوءِ اها خوشحالي ئي هنن جي دشمن بڻجي وئي، عروج بخت کي اڏهي لڳي وئي ۽ ڌارين جي ڪاهن جي صورت ۾ هنن جو زوال شروع ٿي ويو ۽ پوءِ سنڌ جو هي اصلوڪي رهواسي ٻاليشاهي پنهنجي ئي ديس ۾ اجنبي بڻجي خانه بدوشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويو. هنن لاءِ آسمان ته ڇت بڻجي ويو پر پنهنجي ڌرتي تي ئي زمين جي ٽڪري لاءِ ترسندا رهيا آهن. هنن جا گهر اڄ به ڪکاوان آهن، ڪانن، ڪکن ۽ کجين جي ڦرهن سان ٺهيل هنن جي گهرن ۾ ڪا به چوديواري نه آهي، سماجي اڻبرابري جو شڪار سنڌ جو هي اصلوڪو رهواسي زندگيءَ لاءِ ڀٽڪندو رهي ٿو پر ڪٿي به ٿانيڪو نه ٿو ٿئي. خانه بدوشي سندن نسلن لاءِ مقدر بڻجي وئي آهي ۽ شايد ڌرتي به هنن کان پلاند وٺي رهي آهي ته جيڪي نسل ڌارين جي حملي ۾ ڌرتي جو تحفظ نه ڪري سگهندا آهن اهي نسل صدين تائين ڀٽڪندا رهندا آهن ۽ ڌرتي انهن کان رٺل هوندي آهي ۽ رولاڪيون انهن جو پيڇو ناهن ڇڏينديون ۽ انهن جو نه ڪوئي قبرستان هوندو آهي نه وري سماجي زندگي!! بس! هو هڪ ڀٽڪندڙ نسل هوندو آهي جيڪو ڀوڳنائن جي ڊگهي عذاب ۾ پني پيٽ پاليندو آهي، ائين ناهي ته رولاڪين جي طويل مدتن ۾ هنن پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، اڄ به هو ڌرتي سان محبت جي اظهار ۾ غير معمولي جذبا رکن ٿا، ڌرتيءَ سان محبت هنن جي رت ۾ ڊوڙي ٿي ۽ هنن جي هڏن جي مک ۾ به موجود آهي. بس هنن کي شڪايت آهي ته پنهنجي ڌرتي ڌڻين سان جيڪي هنن کان نفرت ڪن ٿا ۽ کين سماج ۾ عزت جي نگاهن سان نه ٿو ڏٺو وڃي. هو مذهبي جنونيت ۽ جهيڙا ڏسي پنهنجي چوطرف غير مسلم کي ڪافر ۽ واجب القتل جون فتوائون ٻڌي خوف ۽ دهشت ۾ پنهنجي هزاره سال شناخت تان هٿ کڻي ڌنو ٻاليشاهي مان سليم ته سڏائي ٿو ۽ پنهنجي تاريخي شادي غمي جي رسمن تان به دستبردار ٿي ڦيرن ۽ نکيٽن بدلي نڪاح پڙهائي ٿو پر پوءِ به هن جي صديون پراڻي شناخت پيچو نه ٿي ڇڏي ۽ اڄ به هي ٻاليشاهين جي سماجي شناخت هيٺ سڏجي ٿو، سماج جي سوچ کي هي اڻپڙهيو مکي سليم اڄ به سمجهي ناهي سگهيو ته رڳو مذهب تبديل ڪرڻ سان سماجي رتبو تبديل ناهي ٿيندو ان لاءِ جهوپڙي واري زندگي کي ڪنهن پڪي گهر ۾ بدلائڻو پوندو آهي ميرن پراڻن ڪپڙن کي ساڙي عمدي پوشاڪ پائڻي پوندي آهي ۽ گندگي جي ڍير تان ماني ناهي تلاش ڪرڻي پوندي پر انهن ڍيرن تي عمده ۽ لذيز تعام هارڻا پوندا آهن ته جئين سماج کي خبر پوي ته هو بکايل سماج جو ڍواڳو خاندان آهي. هي سڀ ٻاليشاهي مان بڻيل نئين مسلمان لاءِ لازمي آهن نه ته هو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه پوندو ڇو ته طبقاتي سماج اندر مذهب جي تبديلي کي دل سان نه قبوليو ويندو آهي، ان لاءِ لازمي آهي ته هو ڏيک ويک به رکي ۽ سماجي رتبو حاصل ڪري، يقين ڏياري ته هاڻي هو زماني جي شبيهه ۾ مڪمل مسلمان لڳي پيو!!
شڪارپور شهر جو ئي هڪ اهڙو ته المياتي واقعو آهي ته ڪئين هڪ هندو مسلمان دوستي ۾ پنهنجي مذهب کان دستبردار ٿي اسلام قبوليو هو ۽ پوءِ هو فقهن جي ترار هٿان زخمي ٿيندو پنهنجا نالا ۽ فقه بدلائيندو رهيو ۽ هو مذهب جي اصل ٺيڪيدارن جي شڪ هيٺ هميشه رهيو ته هن دل سان دين ناهي قبوليو ۽ انهن شڪ جي نگاهن کان ڀڄي هو پنهنجي ڌرم طرف موٽي ويو ته اتان به هو پهرين ڏينهن ئي نيڪال ٿي چڪو هيو ۽ پوءِ هو پنهنجي ڀيڻ جي گهٽي ۾ گهر ٺاهي ويهي رهيو ۽ هو زندگي جا آخري پل هر وقت ان خوف ۾ رهيو ته ڪٿي ڪنهن مرتد جي الزام هيٺ ڪسجي نه وڃي، خوف ۽ مفلسي نيٺ هن جي زندگي کي اضطرابي حالت ۾ پڄاڻي تي رسايو ۽ پوءِ هن جو لاش سڄو ڏينهن گهٽي ۾ مکين جي هجوم ۾ پيل رهيو...!! دنيا جي جهيڙن جهٽن کان دور سنڌ جو هي اصلوڪو رهواسي ٻاليشاهي پنهنجي ذات ۾ سراپا امن پسند نسل آهي هي ڪنهن به سازش جو حصو ناهي بڻجندو، نٽهڻ اس ۾ اڏيل هن جي جهوپڙن ۾ هنن جا معصوم ٻار ٿڌي ڇانو لاءِ ترسندا آهن ۽ سياري جي پوهه سردي ۾ به ڦاٽل چولي ۾ پيرين اگهاڙي سنڌ جي مستقبل وانگر ڏڪڻي ۾ گذاريندا آهن. هنن جي چلهه به اٺين پهر ٻرندي آهي جنهن ۾ ڍيرن تان لڌل مانيءَ جا ٽڪر يا گهٽين ۾ اڇلايل اميرن جي اوڀر کي باهه تي گرم ڪري پاڻ ۽ پنهنجي ٻارن جي بک کي ڪجهه پهرن لاءِ ماٺو ڪندا آهن. هنن ٻاليشاهين جي ٻارن جي ڦاٽل قميصن ۾ کيسا ناهن هوندا ۽ اهي ان احساس ۾ ڪڏهن به ناهن رهندا ته هنن جا کيسا خالي آهن ۽ هو ڪا به شيءِ کائڻ لاءِ خريد نه ٿا ڪري سگهن. بک ۽ بيوسي جو ڏيک ڏيندڙ هنن چهرن جي غم ۾ ڪو به شريڪ ناهي ٿيندو ۽ نه وري ڪو تڏي تي سندن روايتي عذر خواهي ڪرڻ ايندو آهي. ڪوئلي جي رنگت جهڙو هي نسل صدين کان پنهنجي اصليت برقرار رکندو پيو اچي. سنڌ ۾ رهندڙ هر قبيلو پيوندي نسل جي پيداوار آهي اتي هي نسل ساڳي ئي رنگت کي برقرار رکڻ ئي سندن پويترتائي جو مثال آهي. جڏهن شڪارپور شهر ۾ رات جي وقت رستن، گهٽين ۽ گهرن ۾ روشنيءَ جا جديد فانوس ٻرندا آهن اتي هنن جي گهرن ۾ گهگهه اوندهائي هوندي آهي ۽ زندگي خاموشيءَ جي ڪاري چادر اوڍي آهستي آهستي ستي ساهه کڻندي آهي ۽ هي ننڊ جي تاريڪيءَ ۾ ڪي سندر سپنا ناهن ڏسندا. خواب جن ۾ آزادي هوندي آهي ۽ ان ۾ صدين جي مسافتن جا ٿڪ ڀڃبا آهن ۽ ڀوڳنائن جي ڊگهي تاريخ جي پڄاڻي هوندي آهي، خواب جن ۾ رات جي پونئين پهر جي ماڪ ڀنل خوشبو هوندي آهي جنهن ۾ زندگيءَ جي پراسراريت جا پردا کڄندا آهن ۽ موت جن کان ڇرڪي پوندو آهي پر هنن هاڻي خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. سنڌ جي صدين جي اهڃاڻ هن نسل کي نام نهاد سرڪاري شناخت به نه آهي ۽ ڪو به مستقل رهائشي سرٽيفڪيٽ نه آهي ۽ پنهنجي ئي ديس ۾ اوپرا بڻجي شناخت لاءِ ڀٽڪندا رهن ٿا. سرڪاري ادارن ۾ ملندڙ ڇڙٻون ۽ پليتيت جا طعنا ملڻ کان پوءِ هاڻي ته هو شناختي ڪارڊ جهڙي ڪوڙي شناخت تان به هٿ کڻي ويا آهن هنن جو جيءَ ته تڏهن جلي ٿو جڏهن رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي اوباش هنن جي اونداهي جهوپڙين جو رخ ڪن ٿا ۽ هنن جون مرداڻو مزاج رکندڙ عورتون مزاحمت ڪري پنهنجي لڄ جو تحفظ ڪن ٿيون پر هنن جو فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪو به سرڪاري عملدار تيار ناهي هوندو. هي جيڪي هميشه ان طعني هيٺ زندگي جيئندا آهن ته هي پليت مئل ڍورن جو گوشت کائيندا آهن توڙي جو ان الزام کي هنن جو مکي سليم ته مڃڻ لاءِ تيار ناهي پر شايد هن کي اها خبر نه آهي ته هن ملڪ جي اڪثر امير هوٽلن ۾ هلندڙ گوشت به حرام جانورن جو هوندو آهي جنهن کي امير طبقي جو ڊيڊي نسل مصالحن جي چاشني ۾ وڏي مزي سان کائيندو آهي. اڌو گابري ٺهيل شناختي ڪارڊن تي داخل هنن جو ووٽ به ڀوتارن جي پيتين ۾ ان آسري تي ويندو آهي ته بدلي ۾ هنن کي مستقل رهائش ۽ ڪچن گهرن کي سرڪاري پئسن سان پڪو ڪرائي ڏنو ويندو ۽ اها آس هنن جي اڃان به ٽنگيل آهي ۽ ڪو به ڀوتار هنن کي پڪا گهر ٺاهي نه ڏيندو ڇو ته ڀوتار اڃان به ووٽ جي صورت ۾ خيرات وٺي پيو ۽ ان وقت الاءِ ڇو انهن ڀوتارن کي هنن جي ووٽن مان بدبوءِ نه ايندي آهي جڏهن هي ڀوتارن جي پيتين ۾ ووٽن جي خيرات وجهندا آهن. هي سنڌ جي اصلوڪي نسلن مان پيوندي بڻجي مهذب سڏائيندڙ ڀوتارڪو نسل ڪڏهن پنهنجي اصل کي سڃاڻيندو ۽ انهن جي زندگي تي ترس کائي کين ووٽ ۾ ڪجهه پڪا گهر ۽ مستقل زمين جو ٽڪرو هنن حوالي ڪندو. في الحال ته سنڌ جو هي حاڪم طبقو سنڌ جي مجموعي ماڻهن آڏو پنهنجي آسودي جهولي ڦهلائي ووٽ جي خيرات وٺي پيو ۽ سنڌ جو ماڻهو انهن جي جهولي ۾ ووٽن جي خيرات وجهي پنهنجي ترقي کي تاريڪيءَ ۾ تبديل ڪندو رهي ٿو ۽ هي سفر ممڪن آهي اڃان ڪجهه ڏهاڪا جاري رهي ۽ سنڌ جو ماڻهو ڀوتارڪي سياسي داءَ پيچن کي ايترو جلدي نه سمجهي سگهي ۽ روايتي نعرن ۾ جذباتي بڻجي دهل وڄي ۽ دوسو نچي جي محاوري کي برقرار رکندو اچي باقي خوابن کان خالي سنڌ جو هي ٻاليشاهي نسل خانه بدوش زندگيءَ جا عذاب سهي ساڻو ٿي پيو آهي، اکين مان کسيل خوابن کي هاڻي هو واپس ورائڻ جي سگهه نه ٿو ساري ۽ ڪٿي ائين نه ٿئي جو هو مايوسي زندگيءَ جي اجتماعي موتن جو تحفو نه ڏين.