پنهنجي پاران
هن ڌرتيءَ جي گولي تي وسندڙ شهرن سان اتان جي رهواسين جو يقينن گهرو سٻنڌ هوندو آهي ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجي ذات جو تعارف پنهنجي شهرن سان ڳنڍيندا آهن ۽ هو ان تي انتهائي فخر محسوس ڪندا آهن، جيئن ايران جي حافظ جو شيراز سان، قومي شاعر نذر السلام جو بنگلاديش سان، شمس جو تبريز سان، شاهه لطيف جو ڀٽ سان ۽ شيخ اياز جو پنهنجي ماتر ڀومي شهر شڪارپور سان! هن شهر جي سحر مان شيخ اياز ڪڏهن نڪري نه سگهيو ۽ هن جي ذات کان ويندي ڏات تائين شڪارپور ڇانيل رهيو. ائين ئي جڏهن غير فطري طور ٿيل ورهاڱي سبب گهائجي پنهنجا گهر ڇڏيندڙ هن شهر جا ديوان پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ وڇڙيل ڪونج وانگر پٽيندا پار ڪڍندا رهيا ۽ شمشان گهاٽ تائين هن شهر جي وڇوڙي جو درد کڻي خاڪ ٿي ويا پر پنهنجي پنر جنم جي عقيدي موجب هو خاڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ وري جنم وڍي انهن آستانن تي موٽي ايندا، جنهن مٽيءَ کي هو خاڪ شفا سمجهي تبرڪ طور شرنار ٿي وڃڻ مهل گڏ کڻي ويا هئا.
هن شهر جي محبت ۾ نند جويري نوحي جي انداز ۾ لکيل نظم کي هر روز ڌرمي پستڪ وانگر چمندو هوندو ۽ ان سمي سندس ميرانجهڙين اکين ۾ لهي آيل ڳوڙهن کي هو سنڌوءَ جو جل سمجهي پيئندو هوندو. هنن جي روحن ۾ ويٺل شڪارپور اها ناهي رهي، جنهن شڪارپور جي شام لاءِ هوا به خوشبوءِ کي کڻڻ لاءِ ترسندي هئي، ۽ جتي سنجها ٽاڻي مندرن ۾ ديوداسين جا ڏيئا آسمان جي ستارن کي سمهاري ڇڏيندا هئا ۽ ساري رات ٻرندڙ ڏيئا مورتين کي جيئندان ڏئي ڇڏيندا هئا. هن شهر جي سانوڻيءَ جي رت ۾ رابيل ٽڙندا هئا ۽ پوري رات خوشبوءِ جي ديويءَ جو عڪس بڻجي پوندي هئي، ائين لڳندو هو ڄڻ ڪوهه قاف جون پريون پنهنجا آستانا ڇڏي هن شهر جي خوشبوءِ جو واس وٺڻ آيون هيون. سانوڻيءَ جي وسڪاري ۾ جڏهن سنڌ واهه جي ڪپرن تي ميلا مچندا هئا. انبن جا ٽوڪرا، کارڪن جا پنڊ ۽ ڏنگ ڏوڪن جا کاڄ هوندا هئا. شام جي وقت لکيدر تي موتيءَ جي مٽ جي قلفيءَ جي لذت بهشتي کاڌي جي برابر هئي. پٽاٽي جي چاپ جو سواد هاڻوڪي ڪي ايف سي ۽ مئڪڊونلڊ جي کاڌن کان وڌيڪ لذيذ هو. هاڻوڪي چائني، افغاني يا ايراني ڊش کان وڌيڪ دوسوءَ جي ڀُڳي جو مزو ڀلو هو، هوءَ دوني ۾ ملندڙ مڱ، ماش جي دال پنهنجو مٽ پاڻ هئي جنهن کي هن شهر جو ماڻهو نيرن ۾ ماکيءَ وانگر کائيندو هو.
هن جادوئي شهر جا ماڻهو کائڻ، پائڻ ۽ گهمڻ ۾ ڏاڍا نرالا هئا، هنن جي ڳالهائڻ جا انداز به نرالا ته پيار جا اظهار به انوکا!! اهڙا ڪيئي حوالا پنهنجي وجود ۾ رکندڙ هي جادوئي شهر هتان جي ڀوتارن جي بک جو شڪار ٿي ويو، هن شهر جو اهو جوڀن اجڙي ويو، جنهن جي ڪيفتي رومانس جا قصا اڄ جي تاريخدانن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏين ٿا. سياست جڏهن اقتدار ۽ پئسي جي حوس بڻجي ويندي آهي تڏهن وسندڙ شهر ويران ۽ بيابان ڪري ڇڏيندي آهي. هڪڙي دور ۾ هن شهر جي ڪلچر وانگر امن به مثالي هيو پر ورهاڱي کانپوءِ هن شهر جي خالي چمن ۾ ڇڏيل آکيرن تي اهي چٻ چڙهي ويٺا جن جي فطرت ۾ قبرستان سان هم آهنگي هئي ۽ هوريان هوريان هي شهر امن جي چمن بدران زندهه ماڻهن جو قبرستان بڻجي ويو. هن شهر ۾ اهڙي ته بدامنيءَ جي باهه لڳي، جنهن هتان جي معيشيت، تهذيب ۽ ڪلچر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ هتان جي ماڻهن مان ڪجهه باهه لڳائيندڙ ڀوتارن سان گڏ هئا ته ڪجهه وري خوف ۽ لالچ جي چادر اوڍي سمهي پيا ۽ ائين هڪڙي دور جو وڏو واپاري مرڪز رهندڙ هي شهر روم وانگر سڙي خاڪ ٿي ويو. تهذيبون فنا ناهن ٿينديون اهي علائقا، ملڪ يا خطا تبديل ڪنديون آهن جتان جي ماڻهن ۾ ماڻهپو ۽ وطن يا شهر سان بي پناهه محبت هوندي آهي، اتي اهي وڌنديون ۽ پروان چڙهنديون آهن.
هن شهر جي تهذيب ته تاراج ٿيل آهي، جنهن کي ڪنهن ٻاهرين يلغار نه پر اندروني اقتداري حوس چيريو ڦاڙيو آهي ۽ اها موجوده سياسي گُهٽ ۾ ڪڏهن به ٻيهر ساهه کڻڻ واپس نه ورندي! پر اهو ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ عوام جي مڪمل شعور ۽ مزاحمت سان جڙيل سياسي نظام هن شهر جي تهذيب ۽ تمدن کي ٻيهر جيئندان ڏئي وجهي ۽ هي شهر پنهنجي وڃائجي ويل تشخص کي واپس ساڳي حالت ۾ پسي ۽ تاريخ جي هڪ سنهري راهه تي هلي ايندڙ وقت تاريخ رقم ڪري وجهي. اهو چوندي مان وڌاءُ محسوس نه ڪندس ته منهنجي قلم ڪڏهن ڪمپرومائيز لاءِ تصور ناهي ڪيو ڇو ته جيڪي قلم يا تخليق حالتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سگهه نه ٿا رکن اهي رديءَ جي ٽوڪريءَ حوالي ٿي وڃن ٿا. دنيا اندر جيڪي تبديليون آيون آهن يا ترقيون ٿيون آهن انهن جو سهرو جنگين ڏانهن نه ٿو وڃي پر انهن جو تاج قلم تي سجائي سگهجي ٿو. تخليق وقت ۽ حالتن جي محتاج ناهي ٿيندي البت ماڻهو وقت ۽ حالتن هٿان شڪست خورد ٿي هٿيار ڦٽا ڪندا آهن، تخليق ته قومن جي لاءِ آب حيات مثل هوندي آهي، جنهن مان جدوجهد جا سرچشما ڦٽي ڌرتين کي جل ٿل ڪري وجهندا آهن. اڄ جيڪڏهن هي شهر انتهاپسندي، مفادي سياست جو مرڪز ۽ سماجي اڻبرابريءَ جو شڪار بڻيل آهي اهو ايستائين بهتر نه ٿيندو، جيستائين هتان جو ماڻهو پنهنجي سياست جو قبلو درست نه ڪندو. ايستائين رياست جو سمورو قانون فضول ۽ بي معنيٰ هوندو جيستائين معاشري مان سماجي اڻبرابريءَ جو خاتمو نه ٿو اچي. اڻبرابري اهو جهنگ آهي جنهن ۾ طاقتور جانور ڪمزور جانور جو پيٽ چيري پنهنجو بک بڻائي ٿو. هن شهر کي سنوارڻ لاءِ انفرادي طور وقت به وقت ڪوششون ٿينديون رهيون آهن پر انفرادي ڪوشش دانهن ته بڻبي آهي پر بهتريءَ جا گهربل نتيجا ناهي ڏئي سگهندي. نتيجا وري گڏيل ڪوششن سان ملندا آهن. هن شهر جي برباديءَ جا پيرا ڪٿان نه ڪٿان شروع ٿي بنگلن جي دروازن تي کٽن ٿا ۽ انهن بنگلن ۾ ويٺلن کي شايد اهو معلوم ناهي ته تاريخ نه بخشيندي ڪنهن شهر جي دشمن کي!
هن ڪتاب لاءِ اتساهڻ تي مان انهن سڄڻن کي نه ٿو وساري سگهان جن مونکي حوصلو ڏنو، جن ۾ خالد ڀٽي، عبدالجبار عاجز منگي، اياز ابڙو، نذير شاڪر بروهي جي ڀرپور اتساهڻ تي منهنجي ڪنهن ڪنڊ ۾ پيل محنت هڪ جاءِ تي ٿانيڪي ٿي ڪتاب جي شڪل ۾ اوهانجي سامهون آهي پر مان پنهنجي همسفر کي به نه ٿو وساري سگهان جنهن مونکي پنهنجي داخلي محبت مان قلم جي صورت ۾ ڪجهه سٽون ارپيون آهن جن مونکي اڃان وڌيڪ حوصلو ڏنو آهي. ساڳئي وقت مان ساجد جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن جي محنت سان هي ڪتاب جهڙو ڏکيو ڪم صفا سؤلو ۽ سڻائو ٿي ويو. پر مان ’ڪوشش‘ اخبار ۽ ان جي روح روان نعمت کهڙو جو خلوص نه ٿو بيان ڪري سگهان، جنهن جي اخبار ۽ پيار منهنجي عزت افزائي ۽ سڃاڻپ ۾ ڀرپور نڀايو آهي.
همير چانڊيو
شڪارپور
03013483983
hameersindhi@gmail.com