هي شهر به جهڙو بابل آ
افراتفري ۽ انارڪي سڄي سنڌي سماج کي ويڳاڻپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، روين ۾ اڻ سهپ ۽ سماجي ڪارج نه هجڻ ڪري سنڌي سماج هڪ رجعت پسند ۽ تشدد پسند سماج ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، تاريخي شهر ۽ مثالي ڳوٺ تاريخ جي بي رحم شڪنجي ۾ جڪڙجي پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺا آهن، پاڻ رڳو شڪارپور جو ئي جائزو وٺون ته ڪيئن اهو شهر سياسي سماجي انتشار ۽ معاشي افراتفري سان گڏ مذهبي ڪٽرپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي ته سموري حقيقت سامهون اچي ويندي. شڪارپور جيڪو ماضيءَ جو پئرس سڏبو رهيو آهي، جنهن ۾ اعليٰ قسم جي فن سازي، دنيا جي ٽين وڏي ڍڪيل بازار، رودن رستن جو ڪشادو هجڻ، انهن جو ڌوپجڻ، ڳلين مان عطر ۽ ماڻهن ۾ رابيلن جي خوشبو هجڻ، سال جا ٻارنهن ئي مهينا بازارن ۾ ميلي جهڙو سماع، بنا تفريق جي عبادتگاهن ۾ سڄي سڄي رات عبادتون ڪرڻ ۽ خير سان رات جي ڪهڙي به ٽائيم گهر پهچڻ ڪا افسانوي ڪهاڻي رومانس سان ڀرپور پئي لڳي پر اهي ماضيءَ جو هڪڙيون حقيقتون آهن، هاڻي جنهن ڪهاڻيءَ جا ڪردار ته گهڻي ڀاڱي مري چڪا آهن پر پلاٽ اڄ به موجود آهي.
اهو شڪارپور جتي موسيقيءَ جا وڏا هانڊا موجود هوندا هئا، اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ منڊليون ته برصغير ۾ شڪارپور جي سڃاڻپ هيون، هاڻي ڀلي نوجوان موسيقي جي بڙودي، ڀوپالي ۽ جئيپوري راجائن جهڙي ڄاڻ نٿا رکن پر دهل جي ٿاپ ۽ باجي مان نڪرندڙ سُر آواز کي ڪئٿارسس ضرور محسو ڪن پيا. استاد بڙي غلام علي خان ۽ الهه رکيو خان کي ڀلي نه سمجهن پر شمن ميراليءَ جي آواز ۾ “منهنجي شڪارپور دل ۾ ڪندءِ گهر” ٻُڌي مدهوشيءَ جي ننڍڙي عالم ۾ سرمست ٿي ضرور نچي پيا، افسوس هاڻي اهو ڀي ٻُڌڻ تي پابندي آهي. اڃا ڪالهه جي ئي ڳالهه آهي ته شڪارپور جي فتح محمد اوستو جي اسڪول ۾ سنڌ جي هاڻوڪي اسپيڪر ۽ مڪاني ادارن جي اڳوڻي وزير جي موجودگي ۾ جڏهن اسڪول جي معصوم ڇوڪرين ٽيبلو پيش پئي ڪيو ته مخصوص سوچ جي مالڪن اهو ٽيبلو پيش ڪرڻ نه ڏنو ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ٽيبلو پيش ڪيو ويو ته اسان حملو ڪنداسين، حملو ته هنن ٽرڪ اڏي ۽ گرلس اسڪول ۾ عيد جي موقعي تي قائم ڪيل سرڪس تي به ڪيو هو، جنهن تي سرڪس اهو چئي ختم ڪيو ويو هو ته انتظاميه امن امان جي ذميواري نه پئي کڻي!
شڪارپور واسي اڃا اهو وساري نه ويٺا آهن ته سندن ڪلهن تي لٺين جا نشان تازا آهن، شڪارپور جي تاريخي گڻيش باغ ۾ اسپورٽس فيسٽيول ۽ موسيقي جو پروگرام هڪ مذهبي جماعت جي ڌمڪي تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ هاڻي ڪمشنر بنا دير ختم ڪرائي ڇڏيو هو، هن پروگرام ۾ آيل ماڻهن کي باغ مان زوري ڪڍرايو ۽ جيڪي شوقين نه نڪتا انهن جي ڏنڊن سان آئو ڀڳت ڪئي وئي هئي، ٻه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته شڪارپور جي جيئو شادي هال ۾ موسيقي جي پروگرام تي پوليس ائين ڪڙڪي پئي جو ڪيترائي نوجوان موبائيلن ۽ سامان جي پرواهه ڪرڻ بنا ڀتين تان ٽپا ڏيئي جان بچائي گهر پهتا ۽ اها ڪارروائي به پوليس هڪ مذهبي جماعت جي ڌمڪي تي ڪئي هئي. اسان وانا ۽ وزيرستان ۾ ته نه پيا رهون پر ٿوري عرصي اندر برپا ٿيل ان قسمن جي لقائن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن شهر کي وانا ۽ وزيرستان ٿيڻ ۾ دير ڪونه لڳندي. اڃا باميان مان گوتم ٻُڌ جا بُت ڪونه ڀڳا هئا ته شڪارپور ۾ راءِ بهادر اوڌو داس اسپتال ۾ راءِ بهادر اوڌو داس جي مجسمي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو هو، اوڌو داس شڪارپور سان جيڪا زيادتي ڪري ويو، اها صحت جي انمول سهولت ڏيڻ آهي، اهو ته تاريخ سندس احسان کي بيان ڪري پئي پر شڪارپور جي ساڃاهه وندن کي ان وقت اهو تمام وڏو نياپو هو ته تهذيب هاڻي تبديل ٿئي پئي ۽ هاڻي هڪ رجعت پرست سوچ پنهنجي پوري طاقت سان پير کوڙي رهي آهي. هاڻي هي شهر اوڌو داس، ايشوري ٻائي، هيرانند بجاج، سيتلداس، چيلاسنگهه، شهيد الله بخش ۽ شيخ اياز جو ناهي رهيو.
انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان وقت به پنهنجو پاڻ کي پروگريسوِ، وطن پرست ۽ سيڪيولر سڏائيندڙ چُپ هئا ۽ هن وقت به چپ آهن.. ڪيڏانهن ويا سيڪيولرازم، انسان دوستي ۽ وطن پرستيءَ جا وارث؟ اڃا ته اهي اتحاد جي صورت ۾ ان سوچ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪن پيا، شهر اڌ ڊهي ويو آهي، تاريخي عمارتون ساڳ ۽ ديال جي ڪاٺيءَ جي لالچ ۾ ڊهي ويون آهن ۽ اصل شهري گهڻي ڀاکي لڏي چڪا آهن. اوڌو داس جي جوڙايل اسپتال دوائن ۽ ڊاڪٽرن کان خالي آهي، سيتلداس ۽ چيلاسنگهه جي ڪاليج تعليم جي نور کان محروم آهي. بجاج جو گهڙيال شڪارپور جي تعميري سياست وانگر بيهجي ويو آهي. هاڻي ته شڪارپور جي تاريخي چوڪن جا نالا به تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ميونسپل نساسڪ ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ گندگيءَ جا پهاڙ گڏ ٿي ويا آهن، ميگا پروجيڪٽ جي نالي ۾ کوٽيل شهر ميگا کنڊرات ٿي ويو آهي، ڪوبه ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي، سياست پينافليڪس جي صورت وٺي چوڪن تي ٽنگي پئي آهي، عظيم، قديم ۽ قربانيءَ جا لفظ ڀتين جي ٽنگجي هاڻي الوپ ٿي ويا آهن ۽ انهن جا پوئلڳ مفاهمت ۽ ممڪنات جي راهه جا راهي ٿي ويا آهن. سياست، صحافت، ادب، واپار توڙي استاد تنظيمون ڊريڪولا جي صورت وٺي چڪا آهن ۽ اهي سڀ گڏجي سڄي سماج کي خيرخواهيءَ جي آڙ ۾ ڳڙڪائي رهيا آهن. شڪارپور جو ڍانچو فقير جي ٽوپيءَ وانگر ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هر روز هڪ نئين چَتي لڳي پئي آهي. شڪارپور ڄائي اياز ڏاڍو خوب چيو آهي ته:
هي شهر به جهڙو بابل آ،
گهر گهر ۾ گهنڊ گناهن جا،
محراب اهي، منبر به اُهي،
ٿورو فرق اهوئي آ،
هت جو به فرشتو آيو آ،
تنهن کُوهه اندر لَٽڪايو آ.