اڃا لھو ٽمي پيو!!
اتر سنڌ جو ننڍڙو شھر خانپور جنھن جي شناخت گوشت کان وڌيڪ لزيز پٽاٽي ۽ ماکيءَ جھڙي مٺڙي ڳاڙهي گجر طور رھي آھي، جتان جي ڌرتي جڏھن سائو ويس اوڍيندي آھي، تڏھن ھتان جي ماڻھن جي مکڙن تي رونق جا رابيل ٽڙي پوندا آھن، پر آھستي آھستي اتان جون زمينون سينواريل سم جي پاڻيءَ جي ور چڙھي پنھنجي زرخيزي وڃائي رھيون آھن ۽ ديوان جي پيڙي جھڙو پٽاٽو ۽ ڪمند جي رس جھڙي مٺي گجر ھينئر موڪلائي پئي ۽ انھن زمينن کي سکر جي بلڊر مافيا ڀڳڙن جي مٺ ۾ وٺي پلاٽنگ ڪرڻ ۾ رڌل آھي. خانپور شھر ۾ غير ضروري ۽ ڪم فھمي طور ڪجهه سڌڙين ماڻھن اردو ۽ سنڌي آباديءَ ۾ وقفي وقفي سان ويڇا وڌايا آھن، ان جي نتيجي ۾ ئي اتان جي رھندڙ مستقل اردو آبادي علائقي جي سياسي ڏاڍي مڙس سان ياري رکي ڪوٺي تي چڙھي پنھنجو مڻڪو ڀڃائي ويٺي ۽ ھاڻي اھا ڪنھن ٻئي ڀوتار جي پاڻي جي مٽيون ڀري رھي آھي ۽ ان سياسي درگاهه اڃا تائين ته خانپور شھر کي ترقي ته ٺھيو، پر ٻن اڍائي ڪمرن جي لائبريري ۽ شام جو تفريح لاءِ ٻن ايڪڙن جو باغ به نه ڏئي سگھي آھي، جتي نوجوان ڏينھن جو جديد علم جو مطالعو ڪري شام جو باغ ۾ ٿڪ ڀڃڻ اچن. خانپور شھر ۽ ان جي پسگردائي ۾ مذھبي شدت پسندي جا بيشمار مرڪز قائم ٿيل آھن، جتان جي تاريخي ڳوٺن جا نالا تبديل ڪري توحيد آباد ۽ اسلام پور رکيا وڃن ٿا، جتي مذھبي شدت پسندي جون تقريرون سرعام چنگچين، ٽريڪٽرن ۽ سوزوڪين تي وڏي آواز ۾ ھلايون وينديون آھن، جن تقريرن ۾ ويھارو کن لقب رکندڙ مولوي حضرات ھڪ ھڪ جملي ۾ مخالف فرقي واري کي ڪافر ۽ واجب القتل چوڻ کان ناھي ڪيٻائيندو ۽ اتي اھڙيون تقريرون ڪرڻ واري کي مولوي ڪھاڙو ۽ ھٿوڙو وغيره جي لقبن سان نوازيو ويندو آھي ۽ اھي لقب مستقل طور مولوي صاحب پنھنجي نالن سان ائين چنبڙائي رکندا آھن، ڄڻ کين زندگي جو اعليٰ اعزاز مليل اٿن. اڳي مخالف فرقي واري سان ويجھا رشتيدار رشتو نه ڪندا ھئا ۽ ھاڻي ته ھڪٻئي سان ڀت برادريون به ٽوڙي سماجي بائيڪاٽ جھڙي بيماري ۾ وڪوڙجي ويا آھن. سوچڻ جھڙي ڳالهه اھا آھي ته اھي مذھبي فرقيواريت ڀونچال اوچتو بلاسٽ جي صورت ۾ نڪري ڪيئن سامھون آيو آھي. سنڌي معاشرو جيڪو رواداري جو ھڪ مثالي نمونو ھو، اتي فرقيواري جي شدت پسندي ايڏي تيزي سان ڪيئن ڦھلجي رھي آھي؟ اھو ڊگھو بحث ٿي ويندو، پر ھڪ عام ۽ ساڌي ڳالهه ھي آھي ته گذريل ويھارو کن ورهين ۾ قومي ۽ جمھوري سياسي تحريڪن جي ناڪامي جي صورت ۾ شدت پسندي جڳهه والاري آھي ۽ ان جي ناڪامي جي ذميوار به خود رياست ئي آھي، جنھن انھن کي ڀت سان لڳائي رکيو آھي ۽ ان وڌندڙ شدت پسندي کي ھن ملڪ اندر رياستي پاليسي ھيٺ تيار ڪري افغانستان اندر آمريڪا جي ايجنڊا تحت نام نھاد اسلامي رياست ملان عمر جي صورت ۾ قائم ڪئي وئي ۽ شدت پسندن جا ٽريننگ سينٽر پوري ملڪ سميت اتر سنڌ ۾ به مدرسي جي صورت ۾ قائم ڪري افغان قوم ۽ ان جي ڌرتيءَ کي شدت پسندي جي رت سان وھنجاريو ويو. رياستي سرپرستي ھيٺ ھلندڙ اھڙن ڀرتي سينٽرن جي ان وقت سنڌ جي قومي تحريڪن ٿوري گھڻي واويلا ڪئي، پر انھن جي ڪنھن به نه ٻڌي ۽ اھا عالم آشڪار ڳالهه آھي ته وفاقي سياست ڪندڙ پ پ پ ۽ (ن) ليگ اصل سرڪار سان اقتداري ڀائيواري لاءِ جمھوريت سان غداري ڪندي شدت پسندن کي ڪلھو ڏئي بيٺيون. ان جي نتيجي ۾ ئي سنڌ ۾ شدت پسندي پنھنجون جڙون مضبوط ڪيون، مدرسن اندر مذھبي تعليم گھٽ ويڙھاڪ سينٽر قائم ڪري سنڌ جي اٻوجهه ماڻھن کي افغان جنگ جي نالي تي اسلام جي عظيم جنگ سڏي انھن ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ ائين ٿوري عرصي اندر اتر سنڌ جون ٻھراڙيون شدت پسندن لاءِ محفوظ پناهه گاھون بڻجي ويون. بيروزگاري ۽ جھالت جو شڪار سنڌ جا نوجوان سون جي تعداد ۾ ڀرتي ٿي اھڙي جنگ وڙھڻ جي لاءِ افغانستان جي سرزمين تي ويا، جنھن جي پس پرد ھن ملڪ جون مقتدر قوتون ۽ آمريڪا جا ارادا ڪجهه ٻيا ھئا ۽ پوءِ افغانستان ۾ لڳايل باهه ھن ملڪ کي ته ساڙيو ئي پر شدت پسندن جي راهه تي ھلندي اتر سنڌ جي ڀٽڪيل نوجوانن کي فرقيواريت جي راهه تي ھلائڻ لاءِ مذھبي منافعي خورن ڀرپور استعمال ڪيو ۽ پوءِ انھن ڪڏھن ماتمي جلوسن جي روڪبندي ڪئي ته ڪڏھن پاڻيءَ جي سبيلن ۾ مٽي وڌي وئي، پر رياستي ادارا خاموشي جي گوري کائي تماشو ڏسندا رھيا ۽ مذھبي ھم آھنگي جو مثال بڻيل سنڌي معاشرو سڙي رک ٿيڻ لڳو ۽ ھر فرقو ھڪٻئي کي ڪافر ڪوٺي نام نھاد فتوائن ۾ مذھبي جي آفاقي مقصد کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو ۽ مذھب خود ويڳاڻپ جو شڪار بڻجي ويو ۽ ان جا اڪثر پوئلڳ ويڳاڻا بڻجي ويا. مذھبي شدت پسندي ۾ رياست جو رول غير جانبداراڻو نه رھيو ۽ اھا اھو ڏيکاءُ ڏيندي رھي ته ھو افغانستان جي جنگ لاءِ تيار ڪيلن کي ائين ننڌڻڪو نه ڇڏيندي ۽ انھن کي ھن ملڪ اندر پنھنجي مخصوص ايجنڊا تحت ھلائي ملڪ ۾ موجود لبرل، روشن خيال، سيڪيولر ۽ محب وطن قوتن خلاف اڻ سڌي طرح استعمال ڪندي رھي ۽ اھڙي رياستي پاليسيءَ شدت پسندن کي پروان چاڙھڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پوءِ اھي مذھبي شدت پسند پنھنجي سوچ جي مخالفن جي رت جا پياڪ بڻجي ڪڏھن انھن کي ٽارگيٽ ڪلنگ طور قتل ڪيو ته ڪڏھن خودڪش بمبار پيدا ڪري مخالف فرقي جي مسجدن ۾ نماز پرھندڙ صفن جون صفون اڏائي ڇڏيون.
پنھنجي ئي ھم مذھبن تي ظلمن جا اھڙا لقاءَ ڏسي دنيا دنگ رھجي وئي ۽ اسلام جو اھڙو رک ڪنھن دھشت کان گھٽ نه رھيو، جنھن کي شدت پسند پيش ڪري اسلام جي عالمي امن واري فلسفي کي پوري دنيا اندر شڪ ۽ نفرتن جي نگاھ سان ڏٺو ويو، اڃا ته شڪارپور ۾ برپا ڪيل قيامت کي ھتان جو ماڻھو وساري نه سگھيو آھي ۽ اڄ به ان ڪربلا جي واقعي مان لھو ٽمي پيو ۽ پنھنجي پيارن جي يادن جا البم سانڍي انھن جي وارثن ۽ دوستن جي اکين ۾ رت جا ڳوڙھا اچن پيا ۽ الائي ڪيتريون ڌيئرون ۽ مائرون اڃا به سج لٿي کانپوءِ امام بارگاهه ڪربلا معليٰ ۾ اچي ان شھادت جي ھنڌ کي حسرت جي نگاھن سان ڏسن پيون ۽ ھو پنھنجي پيارن جي سجدي گاھن کي چمي ڏئي اکين ۾ بيوسي جا لڙڪ آڻي انھن جي يادن جا ڏيئا ٻارن ٿيون. اھا ماءُ ته اڃا تائين ڪربلا معليٰ جي مسجد ۾ اچي ٿي، جنھن کي پٽ بوسو ڏئي نماز پڙھڻ آيو ھو ته مان جلدي موٽي اچا ٿو، منھنجي ماني تيار ڪجائين ۽ پوءِ ھو گوشت جي گندي صورت ۾ ماءُ کي مليو ۽ پوءِ ان جي ماءُ بوسي جي قيمت چڪائڻ لاءِ مسجد ۾ موجود ھر سجدي گاهه کي چمندي آھي ته متان ھتي منھنجي پٽ نماز پڙھي ھجي....!! ھاڻي وري خانپور ۾ اھڙي قسم جو دھشتگرد واقعو دھرايو پئي ويو، جنھن ۾ الائي ڪيترين ئي مائرن جون جھوليون اجڙي وڃن ھا ۽ بيشمار ٻار پنھنجي پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي بيرحم بڻيل سماج ۾ يتيمي جي احساس ھيٺ زندگيءَ جو بار کڻن ھا!
ھي ته تحسين جي لائق اھي شھر واسي آھن، جن تاريخي مزاحمت ڪري وحشي صفت ماڻهن جي ارادن کي ناڪام بڻائي پنھنجي جانين جو تحفظ ڪيو ۽ پوري سنڌ کي ڪاري چادر اوڍڻ کان بچائي ورتو. خانپور جي واقعي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آھن. تحقيقاتي ادارن جي ايمانداري ۽ پوليس جي پت گھڻي ڀاڱي وائکي ٿي وئي آھي. پوليس جيڪا مڪاني چورن کي به پڪڙڻ جي مھارت نٿي رکي، اھا اھڙي نيٽ ورڪ خلاف ڪيترو اثر ڏيکاريندي؟ اھو عام فھم رکندڙ ماڻھو سمجھي سگھي ٿو. خانپور واقعو ھڪ ئي وقت رياست، حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي ناڪاميءَ جو واضح ثبوت آھي، ڇو ته دھشتگردن جو ٽارگيٽ پھچڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو ته وزيرستان مان ھليل دھشتگرد ھزارين ميل سفر ڪري خانپور شھر ۾ ڪيئن پنھنجي ٽارگيٽ تائين آساني سان پھتا ۽ ھي ته شھر واسين پنھنجي مڙسي ڪري پاڻ کي بچائي ورتو...!! ھتان جي مقامي پوليس جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به ڏوھن جا پيرا پيري کان کڻائيندي آھي ۽ پوءِ پڪڙيل چور کي لٺيون ھڻي پنھنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. پوليس جي ڪوئق ريسپانس فورس جي پت ان وقت وائکي ٿي وئي، جڏھن خانپور جي شھرين ھڪ بمبار کي پڪڙي دليري جو رڪارڊ قائم ڪري ڪئنچي ۽ ڇرين سان خودڪش جيڪٽ کي ناڪاره بڻايو ۽ ھڪٻئي خودڪش سان ڏيڍ ڪلو ميٽر تائين مزاحمت ڪري کيس عبرتناڪ انجام تي رسايو. خودڪش بمبار کان ته جاچ ٿيڻ کپي ئي، پر انھن ادارن کان به ضرور پڇڻ گھرجي ته اھي خودڪش خانپور امام بارگاھ تائين ڪيئن پنھنجي حدف تائين پھتا؟ جڏھن ادارن جي اھا ڪارڪردگي رھي ته پوءِ عوام جي اندر شڪ سان گڏ عدم تحفظ جا احساس ھميشه حاوي رھندا.