ڪالم / مضمون

اداس شهر جي لُٽيل تاريخ

هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي. همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي.
Title Cover of book اداس شهر جي  لُٽيل تاريخ

  شهر جي لٽيل چادرانصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي!!

اسان جو معاشرو اهڙي دلدل بڻجي رهيو آهي جنهن کي ڏک، اذيت، تڪليف ۽ محروميءَ پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو آهي. عدم برداشت جي وڌندڙ رجحانن معاشري کي تيز رفتاريءَ سان تنهائيءَ طرف ڌڪي اهڙي موڙ تي اچي بيهاريو آهي، جتان معاشرا ويتر بگاڙ جو شڪار بڻجي سانحن جي صورت اختيار ڪندا آهن. ڪوئي به سانحو هڪ پوري عمل سان وجود ۾ ايندو آهي ۽ ان سانحي پٺيان ڪافي ساريون ڪهاڻيون هونديون آهن جيڪي سانحي جو سبب بڻجنديون آهن. ڪنهن به سانحي کان پهرين حالتون پنهنجي ڪيفيت ۾ گهڻي ڀاڱي ٻڏتر جو شڪار نظر اينديون آهن ۽ اهي پنهنجي ڪيفيتي زبان ۾ ڪجھ ٿيڻ جو اشارو اڳواٽ پڻ ڏينديون آهن، پر انساني مفاد ۽ لاپرواهي اها ڪيفتي زبان سمجهڻ کان نه صرف وانجهيل رهن ٿا پر گڏوگڏ امڪاني ۽ لامارا ڏيندڙ خطرن جي ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ڪي به اپاءَ ٿيل ناهن هوندا ۽ نه ئي ذهني طور اهڙي حادثي کي منهن ڏيڻ جي ماڻهن ۾ قابليت هوندي آهي. سمورو معاشرو غيرمعمولي حادثي ٿيڻ جي سبب سوچڻ جي سگھ کان ويندي پاڻ کي سنڀالڻ جي شڪتي تائين پورو جو پورو لڏي وڃي ٿو. هڪڙا ته اُهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي حادثي جا سڌاسنوان شڪار هوندا آهن ۽ ٻيا جيڪي ان حادثي جي اثرن هيٺ دٻجي خوف ۽ دهشت جي ماحول هيٺ نفسياتي دٻاءَ جو شڪار بڻجي حالتن جو ٺيڪ نموني ادراڪ نه ڪري سگهندا آهن. اهڙن اوچتو ٿيل سانحن کي اهي ماڻهو رياستي لاپرواهي سان نه پر سانحي جي متاثرن جي عقيدن ۽ سرگرمين کي جاچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن واقعي جي اصل سبب جي ٺيڪ طرح سان سڃاڻپ نه ٿي سگهي ۽ حقيقت جي تھ تائين پهچڻ کان پهرين ئي حقيقت وڃائجي وڃي ۽ جيڪڏهن واقعي جون حڪومتي سطح تي کڻي ڪي سچايون سامهون به اچن ته انهن کي روايتي مفروضن جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ان سچاين جي گهراين ۾ معاشري جا ماڻهو صرف ان ڪري نه ويندا آهن ڇو ته حڪومت جون حقيقتون هميشه گمراھ ڪندڙ رهيون آهن. انهن ۾ حقيقتن جي نالي تي ٿيندڙ ويساھ گهاتيون ڪيس جي بنيادي رخن کي ڪمزور ڪن ٿيون ۽ جڏهن ته ملزم ۽ پوليس جي روايتي ميلاپ سبب ڏوهاري جي ڏنل لالچ ۽ خوف ڪيس جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي ٿو ۽ جڏهن ته ڪيس جو فريادي انصاف جي اهڙي روش سبب پنهنجي ڪيس کي پوليس جي رحم و ڪرم تي ڇڏي آفاقي مدد جي اپيل هيٺ ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪري ٿو. متاثر ڌر جو اهڙو رويو ۽ ڪيس سان عدم دلچسپي مقتول سان ظلم برابر آهي! ڇو ته هر ڪيس انصاف جو گهرجائو هوندو آهي ۽ ان کي انصاف ڏيڻ جي شروعات ان جي وارثن کان ٿئي ٿي. جيڪڏهن وارث انصاف جي حاصلات لاءِ سنجيده آهن ته روايتي تڪليفن جي ڊگهي مدت کان پوءِ انهن کي انصاف ضرور پلئه پوي ٿو ۽ انصاف جي حاصلات جي تڪليف انصاف جي ملڻ بعد اطمينان جي صورت اختيار ڪري ٿي ۽ ان سان معاشري اندر ڏوهن ۾ گهٽ ٿيڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي. جيڪڏهن متاثر ڌر ڪنهن خوف يا لالچ ۾ اچي ڪيس جي پيروي ۾ سهل پسندي جو مظاهرو ڪري ٿي ته ان سان مقتول جو ڪيس ته لڙهي ٿو پر خود ڏوهارين جي پڻ همت وڌي ٿي!!. جيئن سنڌ اندر اڪثر سنگين ڏوهن جي فريادي پوليس بڻيل رهي آهي خاص ڪري ڪارو ڪاري، اغوائن ۽ ڦر جي فريادي پوليس بڻجي ٿي ۽ ڪيس سردخاني حوالي ٿي وڃن ٿا ۽ جڏهن ته مقتولن سان انصاف نه ٿيڻ جي ذميوار پوليس ته آهي ئي آهي پر گڏوگڏ ان جا وارث به آهن جيڪي خوف ۽ لالچ ۾اچي مقتولن جي رت سان انصاف نه ٿا ڪن! جيئن تازو شڪارپور جي بدترين سانحي ۾ 65 انساني جانيون حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺيون ۽ ڪيترائي زخمي اضطراب واري زندگي گهاري رهيا آهن، ان سانحي کان پوءِ شڪارپور مايوسي ۽ اونداهيءَ جي گهري کاهيءَ ۾ نظر اچڻ لڳي آهي ۽ پورو شهر درد جو ڪيڏارو بڻيل آهي ۽ ان سانحي ۾ شهيدن جي رت سان انهن جي وارثن اهو انصاف ڪيو ته ڪيس ۾ پاڻ فريادي بڻجڻ کان انڪار ڪندي سرڪار جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ٿي آهي ۽ وارثن جي اهڙي روش انهن شهيدن جي روح ۽ رت کي رنجايو آهي ۽ اُهي شهيد پنهنجي وارثن کان يقينن هي سوال ڪندا هوندا ته خون بها اسان سان انصاف نه آهي؟ ۽ اسان جي ڇيتيون ٿيل وجودن جي سندن جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۾ ئي قاتلن جي عبرت انجام رسائي آهي نه ڪي رياست جي مدعيت ۾ سندن انصاف پلئه پوندو!؟ ڇا اُها رياست انصاف ڪندي جيڪا ٿاڻن ٿي ويهي بيگناهن جي خونن ۽ لٽيل عزتن جي ٻولي چند روپيا لڳايون ويٺي آهي! ڇا هي رياستي ۽ حڪومتي ادارا شهيدن جي خون جي ڇنڊن کان پنهنجو دامن بچائي سگهندا؟ ان ماءُ جي ممتا ۽ ڀيڻ جي سڏڪن کي ڪير آٿت ڏيندو ته اوهان جي گهائجي ويل گهوٽن جي سرد پئجي ويل خونن سان انصاف ٿيندو!؟ هتي سوال هي ناهي ته شهيدن جي وارثن پئسا ڇو ورتا؟ پر بنيادي ڳالھ هيءَ آهي ته انهن شهيدن سان ناانصافي انهن جي وارثن پارا ايف آءِ آر ۾ فريادي پاڻ نه هجڻ آهي! شهيد تاريخ جي ڪئميرا جي لئينس ۾ قيد ٿي هميشه لاءِ امر ته ٿي ويا پر انهن جو خون انصاف جون راهون هميشه تڪيندو رهندو... ۽ انصاف جيڪو هن رياست اندر هڪ اڻپورو خواب رهيو آهي ۽ اهو خواب ساڀيان جو سراب بڻجي هميشه گم رهندو!!. جيڪڏهن شڪارپور جي سانحي جي شهيدن جا وارث خانپور جي قتل ٿيل ان مولويءَ جي وارثن وانگر ذميواراڻو ڪردار ادا ڪن ها جنهن جو فريادي اُتان جو تنظيمي اڳواڻ آهي ۽ اڄ ان جي قتل ۾ ڄاڻايلن جا وارث پوئيرن کي منٿون ڪري ڏنڊ ڏوھ جي تلافي لاءِ تيار آهن. ڇا! شڪارپور جي شهيدن ڏي جيڪڏهن ڪيس مان جند ڇڏائڻ لاءِ ملوث ماڻهن جي ڪا منٿ ميڙ اچي ته اها ان حد جي ايس ايڇ او ڏي وڃي جيڪو ڪيس جو فريادي بڻيل آهي؟ جيسيتائين پوليس جي فريادي هجڻ جي ڳالھ آهي ته ان جي ماضي جا دفتر گواھ آهن ته پوليس جو مجرمن سان ٺهڻ اڪ تان ماکي لاهڻ جي برابر رهيو آهي. ان سانحي کان پوءِ شڪارپور جي معيشت جي ٻيڙي پاتال ۾ لهي وئي آهي خوف ۽ عدم تحفظ جي احساس عام ماڻهن جي سوچڻ ۽ خريدڻ جي سگھ کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. شهيدن جي ورثا ڪميٽي پهرين ڏينهن کان خود تنظيمي بحران جو شڪار بڻيل آهي انصاف جي حاصلات لاءِ جوڙيل جدوجهد ڪميٽي اندروني بحرانن سبب آهستي آهستي پنهنجو اثر وڃائي رهي آهي. ڪميٽي پاران ڪجھ ڏوهاري عنصرن جي نشاندهي ڪرڻ باوجود انهن خلاف شروعاتي پوليس جي ڪاروائي کان علاوه سانحي جي جاچ چند ڏوهارين جي چوڌاري ڦري فائيلن جي حوالي ٿي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن ڪجھ عنصرن خلاف ڪاروائي ٿي به آهي ته ان ڪاروائي کي ضلعي اندر فرينڊلي آپريشن سڏيو پيو وڃي ۽ ان آپريشن جو نتيجو سامهون نه اچڻ سبب ڪيترائي سوال ماڻهن جي ذهنن ۾ اڀرن پيا ته ڪٿي سرڪار انهن قوتن سان سمجهوتو ته ناهي ڪيو؟ يا انهن قوتن سان دشمني ڪري فورس کي امتحان ۾ وجهڻ نه ٿي چاهي، جڏهن رياست خود خوف جو شڪار ٿي وڃي تڏهن عوام جي اندر عدم تحفظ جو احساس پڻ وڌي وڃي ٿو، ڇو ته جاچ دوران اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هيو ته ايس ايس پي شڪارپور جڏهن دهشتگردي ۾ ملوث گروھ جي ڪجھ ماڻهن کي بارود سميت پڪڙيو هيو ته پڪڙيل دهشتگردن ايس ايس پي کي پڻ ڌمڪايو هو؟ ان ۾ ڪيتري صداقت آهي پر جاچ جو فائيلن حوالي ٿيڻ ان ڳالھ کي تصديق جي مهر هڻڻ بابت ڪافي آهي. جڏهن ته اهڙي بدترين سانحي کان پوءِ شڪارپور پوليس جي ڦڙتي به ڏسڻ وٽان آهي شهر جي ماڻهن يا ٻهراڙيءَ کان شهر ۾ ڪنهن ڪم سان آيل ماڻهن سان پوليس جو ورتاءُ به ڏوهارين جهڙو آهي اڪثر ڪري هوٽل تي ويٺل ماڻهن سان پوليس تل ابيب جي فلسطينين وانگر ورتاءُ ڪري پئي! پوليس جي نظرن ۾ هر ماڻهو شڪي ۽ ڏوهاري آهي مسڪين ۽ سادن ماڻهن کي وٺي وڃي ڏيتي ليتي ڪري ڇڏيو وڃي ٿو. حادثي کان پوءِ شهر جون بازارون ويران ۽ ڀڙڀانگ بڻيل آهن، ڪاروبار جي ٻاڙائيءَ عام ماڻهن جي زندگيءَ کي متاثر ڪيو آهي ۽ پوليس جي بيجا وٺ پڪڙ ڪاروبار جي مندي جي رجحانن ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي. منڊي ۾ ڪاروبار جي مندي شڪارپور شهر جي بهتر مستقبل تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي، حادثي کان پوءِ شهر مان رونقون موڪلائي ويون آهن. سڄي رات جاڳندڙ شهر جا چوڪ رات جي پهرين پهر ۾ ئي بند ٿي وڃن ٿا ۽ بازار ٻيپهري کان پهرين سنسان بڻجي وڃي ٿي. هي شهر پنهنجي خوشحالي ۽ تاريخ کي ڳولهي پيو ۽ اڄ بدحالي هن شهر جو مقدر بڻجندي وڃي پئي. شهر ۾ موجوده نظرياتي ڇڪتاڻ جو لاوو پچي پيو جيڪو مستقبل جي خطرن جي نشاندهي ڪري پيو!؟ ڇوته واقعي کان پوءِ عدم رواداري واري اڏوهي هن شهر ۾ لڳي چڪي آهي. هي شهر انتظامي عدم دلچسپي ۽ تنظيمي اڳواڻن جي انائن جي ور چڙهندو وڃي پيو ۽ شهر ۾ موجود نيم سياسي جماعتون پنهنجي بنيادي زميوارين کان لاتعلق بڻيل آهن، سياسي پارٽين جو ڪردار دوربينيءَ جي حد تائين به ڏسڻ ۾ نه پيو اچي. جڏهن ته شهر جي ڀوتارڪي ڪلچر واري صحافت به بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي هنڌ مسجد ۾ ويهي مانيون کائي شهيدن سان پنهنجائپ جي رشتي جي مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ ان وقت شهيدن جو روح به ڪيڏو نه رنج ٿيو هوندو جڏهن شڪارپور جو شعور ان حادثي جي جڳه تي مزي سان دعوت کائي رهيو هو، جتي شهيدن جي گوشت جي ٽڪرن جا نشان اڄ به مسجد جي ڀتين تي موجود آهن!. شهيدن جي خون جي انصاف لاءِ ٺهيل ڪميٽي ڪڏهن ٿي شهيدن سان انصاف ڪري اهو ته انهن جي جدوجهد ۽ نتيجن تي ڇڏيل آهي. باقي هن شهر جو روح گهايل بڻيل آهي ۽ پنهنجي رهواسين کان انصاف طلبي ٿو ۽ گڏوگڏ انهن کان به جيڪي هن جي رکواليءَ جا دعويدار بڻيل رهيا آهن ۽ شهر جي نالي تي پنهنجي ذات کي چمڪائي اڪثر محفلن ۾ هن شهر جي حسن کي بچائڻ جون ڳالهيون ڪندا رهن ٿا ۽ پاڻ کي پراڻو شهري ۽ اصلي وارثن جا بيج لڳائي محفلن جا مور بڻيل آهن ۽ شهر کي بچائڻ جي دعويٰ ڪري دم ئي ڪونه ٿا پٽن! پر هڪڙي ڳالھ طئي نظر اچي پئي ته ميڻ بتي مافيا هن شهر کي تحفظ جي چادر اوڍائي نه ٿي سگهي! ۽ جڏهن ته هن شهر جي لٽيل چادر انصاف جي اوسيئڙي ۾ ضرور آهي ۽ هي شهر وارثيءَ جي دعويدارن کي هن شعر وانگر ڏوراپو ڏئي ٿو ته:
وه جو بيچتي ٿي، دردِ دوا دل،
اپني هي دڪان بڙها گئي.
جڏهن معاشرن اندر انصاف جي عدم موجودگي يا فراهمي رڪجي ويندي آهي تڏهن معاشرا بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻجي پنهنجي تاريخي تشخص کي وڃائي وهندا آهن ۽ هي شهر به انصاف جي اڻاٺ ۽ خودغرض شهر واسين جي بيحسي جو شڪار بڻجي پنهنجو تشخص وڃائي رهيو آهي.