تصوف

صوفي لاڪوفي

تصوف، تصورِ الوهيت؛ شاهه لطيف ۽ صوفين کي سمجھڻ لاءِ لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر ڪي ايس ناگپال آهي. مهاڳ ۾ امر جليل لکي ٿو:
”اسين اندران پنهنجي وجود ۾ صوفي ٿيندا آهيون، تصوف جا در تڏهن کلندا آهن جڏهن اسين باطني حسد، ساڙ، نفرت، ڪروڌ، ڪاوڙ، لالچ ۽ بدلي جي ڀاونائن کان آجا ٿيندا آهيون. جڏهن اسين پاڻ کي اتم ۽ اعليٰ سمجهڻ جي خوشفهمي مان آزاد ڪندا آهيون، تڏهن انسان جي ذهن مان ڀيد ڀاؤ نڪري ويندا آهن.“
Title Cover of book صوفي لاڪوفي

تصوف: هڪ رويو، هڪ ڪردار

سي فاني ٿيا ”في الله“ ۾، جن وڃايو وجود
نه تن قيام نه قاعدو، نڪي ڪن سجود،
جيلانهين ٿيا نابود، تيلانهين رسيا بود کي.

(آسا 1)

تصوف هڪ رويوآهي، هڪ ڪردار آهي،۽ اهو اخلاص آهي، جو بندي کي پنهنجي پاڻ سڃاڻڻ بعد، سڄي ڪائنات ۾ رڳو هڪ وجود نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ميٺ، محبت سَوائِي ٿيو پوي، انسانن جي خدمت، خالق جي خدمت ٿيو پوي.
ساميءَ واري سٽ جيان:
خالق خلق ۾، خلق منجھ خالق

بابا فريد چيو:
فريدا خالق خلق مهه، خلق وسي رب مانهه،
مندا ڪس نون آکيئي، جو تس ٻن دُوجا ناه.

ته ان ‘دُوجا’ جي وهم کي ختم ڪرڻ تصوف آهي. ‘دوئي’، ‘ٻيائي’ جي گند کي صاف ڪرڻ اندر اجارڻ آهي،لطيف سائين چيو آهي:
صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

جيئري پرين پسڻ ئي معرفت آهي. ڳالهيون پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جون نه آهن.
بُلا شاهه چيو آهي:
علمون بس ڪرين او يار!
اڪواف تيري درڪار


لطيف سائين چيو آهي:
اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،
اندر تو اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

‘الا ڏاهي م ٿيان’ جومطلب آهي، علم جي سياڻپ. ڄاڻ ۽ تڪبر کڻي پرين نه پائي سگهبو. فرمايائون:
“ڄاڻي ته به نه ڄاڻ، هي در اٻوجهن جو”
يا
“ان در سيئي رسيا، جن وڃايو وجود.”
(شاهه)
سِک رمز وجود وڃاوڻ دي
نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي.
(بيدل)
ته ٻڌڻ ٻڌائڻ سان نه، پڙهڻ پڙهائڻ سان نه، هي ته فنا جو مقام آهي. انڀئي جو ماڳ آهي. بيکم ٿو چئي:
‘بيکم’ بات آگم ڪي، ڪهڻ سڻڻ ڪي ناهه،
جو ڪهي سو جاني نهين، جو جاني سوڪهي ناهه.

ڪبير صاف فرمايو آهي:
ايهه ڪرڻي ڪا ڀيد هئه، نهين ٻڌي بيچار،
ڪَٿنِي تَج، ڪرني ڪرو، تان ڪڇ پاوه سارِ.

هي عمل جي منزل آهي، ٻڌائڻ بند ڪر، اندر جهاتي پاءِ “ڏي ٽپي لَههُ ۽ ٽُول، اصلي عين اندر دا کول” اهو ڪم صرف سڪ سبيل سان ٿيندو، عشق ئي انڌو ڪري، ٻرندڙ باهه ۾ ٽپو ڏئي فنا کائي سگهي ٿو، عقل دليل ته ڀڄي بر ٿيندو. هي عمل آهي، “پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ”.
علامه اقبال چئي ٿو:
“بندہ عشق ازخدا گیرد طریق،
می شود بر کافر و مومن شفیق”

حديث قدسي آهي:
“الخلق عيال الله”

حالي چيو:
یہ پہلا سبق تھا کتاب هدیٰ کا،
کہ ہے ساری مخلوق کُنبہ خدا کا

خواجا فريد فرمايو:
رک تصديق نه ٿي آواراه،
ڪعبه قبلا دير دوارا،
مسجد مندر هيڪڙو نور.

شاهه صاحب جي اها سٽ ته:
“جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.”

دراصل ‘هڪ وجود’ جي موجود هجڻ جو ڏس آهي، ۽ ان مان ٺهيو “لاموجود الالله”، اهو ابن العربيءَ جو فلسفو چيو ويندو آهي. وحدت الوجود يعني ڪائنات ۾ جو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تنهن جو پنهنجو ڪو به وجود نه آهي، پر اهو سڀ خدا جي وجود جو هڪ مظهر آهي. آءُ ان کي ڪلاس روم ۾ چوندو آهيان، ‘اک جيڪو ڏسي ٿي، اهو سڀ ڪوڙ آهي، اصل نه، پر رُڃ آهي، آهي سچ هڪ، پر نظر ڪثرت ۾ پئي ڪيترا ڏسي:
وحدت مان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
يا
لهرن لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو.

اها ئي ڳالهه گرنٿ صاحب ۾ آئي آهي:
“سڀ گوبند هئه، سڀ گوبند هئه،
گوبند بن نهين ڪوئي”

تصوف جو هي جوهر ڪو نئون نه آهي، اهو قبل مسيح واري وقت کان رائج آهي، جڏهن پارمينڊس (Parmenides) 514 ق. م. ۾ يونان جي ڏاهي چيو هو ته، “‘آدجگاد’ کان حقيقت هڪ ‘being’ وجود آهي، جنهن سواءِ ٻيو ڪنهن جو وجود ڪونهي.” هي وحدانيت جو پهريون آواز هو، ان بعد زينوفينس (Xenophanes) جو فقرو ٿو ملي ته: “ڪائنات ۾ ئي خدا آهي.” ۽ اهو ڪائنا کي خدا جي زنده حقيقت ڪري ٻڌائي ٿو، هن ۾ فقط هڪ هستي موجود آهي، جا وقت جي ڦير گهير ۾ نٿي اچي. منجھس ڪا تبدليلي نه ٿي ٿئي، ۽ ‘سڀ گوبند هئه’ جو پهريون پرچار هن ڪيو جنهن کي چئون، ‘هم اوست’ يعني ‘سڀ هو آهي.’ هن جي موجودگي ‘Isness’ ئي واحد سچ آهي. ان حقيقي وجود، خدا کي پائڻ لاءِ ڇا ڪجي وارو بنيادي سوال ڪَرَ کنيو بيٺو آهي. اچو ته ان کي پرکيون، پُرجهون ۽ اصل جوهر تي پهچون.
صوفين وٽ اصل علم عرفان ۾ آهي، جنهن ۾ وجود جو وجدان ٿئي ٿو. اهو ڪتابي علم سان نٿو ملي سگهي، اهو صرف عشق سان ئي ملي سگهي ٿو، ڇو جو، عقلي علم ڪتابن مان معرفت فقط عشق مان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. عشق جي وري آخري ڪيفيت اها آهي ته، وجود خود سراپا ڪائنات بڻجي پئي. اهو احساس چٽو ٿئي ٿو ته، جو ڪجهه به آهي، اهو محبوب حقيقي آهي، ٻيو ڪجھ به ان سواءِ ڪونهي. ان کي لطيفي لات ۾ هيئن چئي سگهجي ٿو:
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
منجھيئي ڪاڪ ڪڪوري، منجھيئي لڊاڻو،
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ناه ٻيو.

ان علم کي نه سمجهندي، عام ماڻهو وجود جي رڃ ۾ مرگهه ترشنا وانگر ڊُڪي ڊُڪي ساڻو ٿيو پوي. تاريخ پڙهو؛ يونان جو افلاطون معروضي خيال پرست هو، هيگل جدلي ماديت وسيلي ‘مطلق عقل’ تائين پهتو، اينگلز ۽ مارڪس ان کي معاشي طرح وڌايو. ‘وجوديت’ جا باني زان پال سارتر، البيئر ڪاميو ۽ ڪريڪي گارڊ جا فلسفا پڙهندي پڙهندي، اڄ جو انسان وجود جي بحث ۾ اٽڪي پيو آهي. وجود مان مراد، خود جي وجود جو احساس آهي، پر اهو مڪمل نه آهي، اهو اڻپورو ۽ اڌورو آهي، منجھس کوٽ آهي. سڄي زندگي ماڻهو جي کوٽ پوري نٿي ٿئي، ۽ ماڻهوءَ کي ويڳاڻو، وياڪل ۽ اداس ڪري ڇڏي ٿي. کيس اها به خبر نٿي پوي ته، آخر اها ڪهڙي ڪمي آهي، جا کيس هرشيءَ هوندي به، اڃايل ۽ اڻاسو ڪري ٿي ڇڏي، ۽ پوءِ وقت جي تيز وهڪري ۾ هرڪو لڙهي وڃي ٿو.
ان سوال، اڃ، طلب جو جواب صرف ‘تصوف’ وٽ آهي، ته ڪير آهين؟ ۽ ڪنهن کي ٿو ڳولين؟ پنهنجو پاڻ سڃاڻ. خود آشنائي حاصل ڪر.
اسان سڪون جن کي، سي ته اسين پاڻ،
يا
رانجھا رانجھا ڪردي، مين آپي رانجھا هوئي.
يا
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي ته سور هئا.

اهڙيون سوين سٽون صوفي سالڪن وٽ ملنديون ته، بي خبر تون غير کي ڳولين ٿو، اصل امُل ته تون خود آهين، پر تون ڄاڻين نٿو.
گرنٿ صاحب فرمايو:
“من تون جوت سروپ هئه، اپنا مول پڇاڻ”
ياوري
• سبحاني مان اعظم شاني
• انا الحق
• اهم اوست
• من خدايم،خدايم، من خدا
• تتو مسي
• تت توم اسي، وغيره وغيره
آخري ٻه فقرا ويدانيت جا آهن، جا پڻ ان هيڪڙائي ۽ سچ جا پار پتا ڏسي ٿي. وحدت الوجود کي هتِ ‘ادويت واد’ چئجي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته، جيڪو ٻه نه آهي. هي هن فڪر جو بڻ بنياد آهي، جنهن جهڙو ٻيو نه آهي.
• ايڪم ادويتم (وحده لاشريڪ لہُ)
• ايڪم سته دويتو ناسي (لاالا ال الله)
• برهم ستيم، جگم مٿيا (جهان ڪوڙو آهي ۽ الله سچ آهي)
ويدانيت کي فلسفي جي فڪر ۾ آڻڻ وارو ‘شنڪر آچاريا’ آهي، هي اٺين صديءَ ۾ مالابار ۾ هڪ برهمڻ هو، ويدانيت جو بنياد ‘اُپنشد’، ‘برهم سوتر’ يا وري ويدانيت سوتر ۽ ڀڳوت گيتا آهن.
اُپنشد ۾ آهي ته، هيءَ ڪائنات سراسر دوکو ناهي، پر حقيقت آهي، ڇو جو هيءَ ذاتِ حق جو مظهرُ آهي، پاڻ غير حقيقي ان لاءِ آهي، جو عدم آهي، يعني سندس وجود نه آهي، پر برهما ته وجود آهي. ان ضد کي سمجھي ته ڄاڻبو، اهو ته، ڪائنات کي مستقبل حقيقي سمجھڻ سڀ کان وڏي ناداني آهي، جا دوکو ڏئي ٿي ۽ ماڻهو رڃ ۾ ڀٽڪي ٿو، جتان ڪجھ پلئه پوڻو نه آهي. ڪبير صاحب چيو آهي، “اي جو دنيا، سحر ميلا، دستگيري ناهي” هن سحر (جادو) مان هٿ ڪجھ به لڳڻو ناهي. خالي هٿئين رمڻو پوندو، دارا هجي يا سڪندر، قارون هجي يا بل گيٽس، ڪوئي ڪجھ نه کڻي سگهندو. هيءَ ڪائنات سج جا ڪرڻا آهن، سچ جي سج مان نڪري نروار ٿيا آهن، تيئن خدا هر هنڌ حاضر ناظر آهي، هرشيءَ ۾ جلوه گر آهي، ته اهڙي گيان (عرفان) سا ئي سالڪ معرفت ماڻي سگهي ٿو، جڏهن سندس اندرين اک کُلي.
ڏي ٽٻي لَههُ ٽول، اصلي عين اندر دا کول.

قرآن شريف ۾ آهي:
“هوالاول وآخر و الظاهر و الباطن وهو بڪُلِ شيءِ عليم”
مطلب: بس اهو ئي هرشيءَ جي شروعات آهي. هر شيءَ جو ظاهر آهي ۽ هر شيءَ جو باطن آهي. (اهو ئي اهوئي) هو هر شيءَ جي ماهيت کان واقف آهي. يعني تصوف ۽ ويدانيت جو حاصل اهو ٿيو ته، وجود بس ‘هڪ’ آهي، ڪائنات نماءُ آهي. Becoming يا ڪثرت وجود آهي. وجود جي وحدت جو هر زمان ۽ مڪان کان مٿانهون آهي. هي مادي وجود، روح جو پردو (حجاب) آهي. جيئن پاڻ بُت تي ڪپڙا پائيندا آهيون، جيئن پاڻ بُتَ تي ڪپڙا پائيندا، تيئن هي ڪائنات وجود حقيقي جا ڪپڙا آهن. مادي وجود وري فطرت يعني زمان ۽ مڪان ۾ قابو قيد آهي. روح ڇا آهي؟ حق مطلق آهي، خود آگهي، پاڻ سڃاڻڻ جي علم، شعور ۽ عشق سوڄاڻي، سمجهي ۽ پائي Realize ڪري سگهجي ٿو. روح فريب نظر يا رڃ نه آهي، پر هن روپي (شڪلين واري) سنسار ۾ قيد آهي. روپي سنسار حق مطلق (برهما) جو پاڇو آهي. هن دنيا جوظهور حق جي ڪري آهي، ۽ ان حق جي ڪري هي موجود آهي، ان لاءِ صوفي چون ‘حق موجود، سدا موجود’، ‘هي حق سچ آهي، باقي دنيا مايا آهي’، ‘نه سچ نه ڪوڙ’، ‘آهي به، ته ناهي به’، مطلب دنيا جي حقيقت درياءُ وانگر آهي، درياءَ جو هڪ وهڪرو آهي، هڪ وقت ۾نظر ته اچي ٿو، پر ڏسو ته وهي وڃي ٿو، هر ڀيري نئون آهي. تصوف روح جي سائنس جو نالو آهي، ۽ اها مڪمل Applied Science آهي. جي جسم جي ليبارٽريءَ ۾ مرشد (استاد) جي رهنمائيءَ ۾ اندر انڀؤ (تجربو) ڪن، ته اهو سچ پائي سگهجي ٿو. تصوف، انسان جي اصليت يعني ڪرداري سائنس جو نانءُ آهي. جهالت ۾ انسان هن مايا جي هن روپي سنسار کي سڀ ڪجھ سمجهي، کوهه ۾ ڪريل ڏيڏر، سڀ ڪجھ ان کوهه کي سمجھي، زندگي بي مقصد گهاري ڇڏي ٿو. تصوف، ڪائنات جي ماهيت کي سمجھڻ ۽ پنهنجي ذات جي حقيقت ڄاڻڻ جو علم آهي. ان کان سواءِ، سنسار جا سڀ مزا چکي به ماڻهو ماندو، اڌورو، اڃايل ۽ اٻاڻڪو رهي ٿو. موهه جو مانڊاڻ ڪوريئڙي جي ڄار وانگر پاڻ اڻي ۽ پاڻ ئي منجھس ڦٿڪي ڦٿڪي مريو وڃي، هٿ ڪجھ نه اچي. اها اگهور، ماياوي ننڊ فقط موت اچڻ وقت ئي لهي ٿي ۽ ماڻهو اصل سجاڳ ٿي پوي ٿو، ته ڇا هي سڀ سپنو هيو؟ ۽ پوءِ ساڀيان ۾ رويو پوي.
رتِي جي رهاڻ، جيءَ اڙايم جت سين.
(شاهه)
ته هي مزا ۽ شيون ويا وهارڪ آهن. جن جو وجود حسي يا وهمي آهي، ظاهر ۾ مشهود (موجود يا حاضر) پر اندر ۾ معدوم (ناپيد يا لامجود) آهن.
مصري شاهه خوبصورت بيان ڪيو ته:
عيش دنيا جا، مڙوئي مان وارا ملوڪ،
سک هڪ ساعت جو، ۽ ساري عمر جو سور.

سڀ حاصلات وقتي آهي، ڪيترو به مادي حاصلات، مال مزا هجن، پر وجود جو خال ويندو وڏو ٿيندو، کوٽ وڌندي، هوس وڌندي ۽ ان هٻڇ جو ڪٿي ڪو انت ناهي ٿيڻو. هي ترشنا جي باهه آهي، جنهن کي مزن ۽ هوَس جو تيل اڃا پڙڪائيندو، نه ڪي وِسائيندو. ان مان اڻپورائيءَ تي ڪروڌ پيدا ٿيندو ۽ ماڻهو ۾ ڪوڙي انا ۽ تڪبر ڀربو ويندو،پوءِ ڏيکاءُ ۽ نماءُ جوڪوڙو ڪاروبار شروع ٿي ويندو. اندر کوکلو ٿيندو ويندو، ۽ روح کان پري ٿيندو ويندو ۽ غير انساني عادتون سندس وٽ ڪثرت سان اينديون وينديون. ماڻهو اوپرو ٿي، مرون لڳندو. علاج ڪهڙو؟ علاج آهي، اَهم ورتي (نفس کي فنا ڪرڻ) يعني نفس اماره کي نفس مطئمن ۾تبديل ڪرڻ، يعني آتما يا نفس کي ايڏو بلند ڪرڻ جو هو پرم آتما ڪائناتي خدا سان هم آهنگ ٿي وڃي، پوءِ کيس ڪائنات ۾ هر طرف خدا جو ئي جلو نظر ايندو، ۽ هو خواهش کان پاڪ ٿي پوندو. پوءِ ڪا به مادي شيءَ هن جي خواهش لائق نه رهندي، بس ڌڻيءَ جي يڪتائي سندس خود پرستي (اهمورتي) کي فنا ڪري ڇڏيندي. اهو سڀ مراقبي، ڌيان يا سماڌيءَ ۾ ملي سگندو، جا، اپلائيڊ سائنس جي ليب آهي. جتي اها حقيقت ۽ سچ مٿس منڪشف (ظاهر) ٿئي ٿو، ته هر شيءَ ۾ ‘الاواحد’ جو جلوو آهي. اهو ئي حقيقي علم آهي،عرفان آهي، باقي جيسين هن ڪثرت کي سچ ۽ حقيقت کي سمجهنداسين، تيسين کوهه واري ڏيڏر وانگر ڦاٿا پيا هونداسين.
مولانا روم فرمائي ٿو:
علم چہ بود؟ آنکہ رہ بنمایدت
زنگ گمراہی ز دل بردایت

شيخ سعدي فرمائي ٿو:
سعدی بشوے نقش دوی راز لوحِ دل
علیمکہ راہ حق نہ نماید، جہالت است۔

مذهب ۽ تصوف:
عام طرح اهو سمجھيو ويندو آهي ته، تصوف مذهب مان نڪتل آهي، ۽ ان لاءِ گهڻا دليل ۽ جواز آندا ويندا آهن. بيشڪ ان جي پاڙ اتي آهي. پر، Ph.D. ڪا پرائمري تعليم نه چئبي. اهڙيءَ طرح مذهب ۽ تصوف به آهي. David Emile Durkhiem ٿو چوي ته: “تصوف جون پاڙون مذهب مان ناهن، بلڪه انسان جي وجود ۾ آهن.مذهب ۽ تصوف ٻئي سچائيءَ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر مذهب سماجي ظهاري رسمن جو شڪار ٿي، صرف عقيدي تي هلي ٿو، جڏهن ته، تصوف انسان جي ماهيت ۽ روحانيت جي اعليٰ قدرن جي جستجو ۾ رهي ٿو.”
پاڻ سڃاڻڻ جو طريقو مٿين ڏسيل مراقبي جي رياضت ذريعي ٿئي ٿو ۽ ماڻهو مادي ڊوڙ مان نڪري، آفاقي سوچ ۾ اچي ٿو. هن مان غرور، انا، ڪروڌ، تڪبر، وڏائي ۽ هٻڇ نڪري، عاجزي، انڪساري، درگذر، صبر، ڪهل، همدردي، پيار ۽ معاف ڪرڻ ۾ مٽجي ٿي. جنهن ۾ ماڻهوءَ جو شعور زمان ۽ مڪان کان مٿانهون ٿيو وڃي. ڪائناتي جماليات سان سندس روح سرشار ٿيو پوي ۽ هُو همه گيريت جي وجدان ۾ اچيو وڃي. کيس ڪشف حاصل ٿئي ٿو، جڏهن سندس سيرت اندر جي توجھ، ان جي اندر خود بخود وڄندڙ ڪلمي، ناد يا شبد سان جڙي ٿي، جو کيس اندر جي نور، جوت ۾ سندس داخلي جوت جو ميلاپ ٿئي ٿو. تڏهن هو خود شناسي يا آتم گيان جو رس وٺي ٿو ۽ خود کي انا الحق وغيره نالن سان ڍءُ نه جهلي، ڪڏهن اٿلي پوي ٿو ۽ چئي ٿو ته:
پٺي ڄڃ مَ ڄُل، منجھ تماشي نه ٿئي،
گهوٽ ڪري ٿو پاڻ کي، ڪر هنگاما هُلُ.
(سچل)
پر جيسين هو زمان ۽ مڪان ۾ محدود آهي، ته دنيا ئي حساب ڪتاب ۽ نفعي نقصان ۾ڪڏهن روئي ته ڪڏهن کلي ٿو. هن کي ‘To Have’ جو ماڳ سڏجي ٿو، پر جڏهن هُو خودشناسي ۾ اچي ٿو، تڏهن ‘To be’ جو ماڳ ماڻي ٿو. هي وجوديت صوفي جو مقام آهي، جو سالڪ کي حاصل ڪرڻو آهي.
ايرڪ فرام پنهنجي ڪتاب “To have or to be” ۾ هن بحث جي اپٽار ڪئي آهي ته، انسان مادي حاصلات ۽ شين جي تعلق ۾ نپوڙيو وڃي ٿو ۽ شين جي مالڪيءَ ‘To have’ جي هوَس ۾ ساري ڄمار وڃايو ويهي. پر محبت، انسانيت، خدمت، همدردي، سڪون، اطمينان، رشتا، خلوص ‘To be’ جي دائري ۾ اچن ٿا. هي منزل ماڻڻ بعد غرور ۽ انا ختم ٿيو وڃي، نفس پرستي ۽ ڪروڌ ورائي طاقت ۽ قلبي سڪون ۾ مٽجيو پوي ۽ هو خود ٻاجهارو، معاف ڪندڙ، پُر سڪون ۽ سڀ ۾ سائين پسيندڙ ۽ پرين پيارو ٿي پوي ٿو. جنهن لاءِ مون عرض ڪيو ته، تصوف ڪو نظريو نه، پر رويو ۽ ڪردار آهي. انسان جي وصف جي اهم خاصيت ان جي روحاني زندگي آهي، يعني انسان هجڻ جي خاصيت ‘To be/not to have’ ڇو جو مادي دنيا واري ‘To have’ هوس، لالچ ۽ ٽپڙ گڏ ڪرڻ جي ڊڪ ڊڪان کيس کوهيو ڇڏي ۽ ماڻهو جانور بڻجيو پوي، منجھانس انساني خصلتون وينديون ختم ٿينديون، ان لاءِ اڄ جي دنيا کي تصوف جي ضرورت آهي، شديد ضرورت آهي. جو ماڻهوءَ ۾ شدت پسند، ساڙ، انتقام ۽ مادي هَوس جي بدران رواداري، سهپ، برداشت ۽ خدا ترسي جهڙا گڻ پيدا ڪري؛ کيس خلق خدا جي خدمت ۾ تڪميل ڳولڻ سيکاري، ڪائناتي روح ۾ پنهنجي جزي يعني روح کي ڪُل روح ۾ سمائي، سڀنيءَ ۾سائين ڏسي، سچو موحد ٿي، پنهنجي ڪم ڪار بي غرضي، محبت ۽ خدمت وفاداريءَ ۾ انجام ڏئي هڪ سگهارو ۽ مڪمل وجود ٿي سگهي ٿو.
پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
(شاهه)

پڇين جان دوست، ته پاسي ڪر پرهيز کي،
جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دؤر ڪيا.
(شاهه)

ڏس عشق جو انصاف، سڀ مذهب ڪيائين معاف.
(سچل)


تصوف هڪ ڪردار:
صوفيءَ جي فقيري ۽ درويشي، شاهن کان وڌيڪ بي پرواهه ۽ بي غرض ٿئي ٿي. چون فقيري، ته ڪهڙي دلگيري، ڪڏهن مايوس ۽ بيزار نه ٿيندا. شڪر، صبر، قناعت، سادگي ۽ راضپو سندن شان ۽ سليقو آهي. پنهنجي غريبيءَ تي فخر ڪرڻ وارا هي فقير ‘ڪجھ نه گهرجي’ جي نعمت سان مالا مال ٿي سُکي حياتي گذارين ٿا.
چاهه مِٽي چنتا گئي، منوئا بيپرواه،
جس ڪو ڪُڇو نه چاهيئي، سو ئي شهنشاه.

صوفي، موهه مايا ۾ نٿو ڦاسي. سڪندراعظم جي سنڌ جي صوفين ڏاهن موڪليل اشرفين جي ٿيلهن کي هنن اهو چئي موٽايو ته، هن پينو جا پيسا نه گهرجن، جو ملڪ حملا ڪري زوري پيو پني. چاهه ۽ خواهش ئي وڏي غريبي آهي. گهرج جو پورائو ڪڏهن ٿيڻو ئي ناهي. هڪ مان ٻي گهرج جنم وٺي ٿي ۽ اها زنجير ڪڏهن نٿي کٽي، ته صوفي عارف مطمئن، باهمت، اطاعت گذار ۽ خادمِ خلق ٿئي ٿو. هو قناعت ۽ صبر سان رهي، وٺڻ ۽ کسڻ بجاءِ ڏيڻ ۽ تياڳ ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
عظمت ان ۾ ناهي ته، توهان ڪيترو حاصل ڪيو، پر وڏائي اها آهي ته، ٻين جي خوشيءَ لاءِ توهان پنهنجا سک ڪيترا قربان (تياڳ) ڪري سگهو ٿا. صوفي، هٻڇ نه، سخا جو صاحب ٿئي ٿو.
سچ ۽ حق لاءِ جهد ڪرڻ ۽ عوام جي ڀلي ۽ خلق جي بهبود لاءِ جنگ جوٽڻ ۽ سر قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو.
نهايت بي غرض، لالچ، حرص ۽ هوس کان پاڪ، پنهنجي ڪم سان وفادار ۽ ديانتدار، محنت ۽ عظمت جو جيئرو جاڳندو مثال ٿي، قرباني ۽ تياڳ سان رشتا نڀائي ٿو. محبت ۽ عشق سندس ملڪيت آهي، ڪم کي ڀلي ۽ خدمت لاءِ ڪجي، نفعي لالچ لاءِ نه ڪجي. نشڪام ڪرم، عبادت، بنالالچ ۽خوف جي مالڪ جي رضا لاءِ ڪري پيو. عبد جو معبود لاءِ چاهه، طالب جو مطلوب لاءِ سڪڻ ۽ پچڻ، اڻ کٽ پياس ۽ پيار آهي جا صوفي جي زندگي آ.
دل ئي رب جي رهائش گاهه آهي، صوفيءَ وٽ دل جو نهايت اعليٰ مقام آهي.
مولانا روم ٿو چئي:
“دل بدست آور ڪه حج اڪبر است
از هزار ڪعبه يڪ دل بهتر است.”
يا
ڪعبه بنگاه خليل آذر است
دل گذر گاه جليل اڪبر است.

ته ڪعبة الله تي حضرت ابراهيم جو ڪرم آهي پر دل ته خود پروردگار اعليٰ اڪبر جي ڏنل آهي.
جي تو پريان دي سِڪَ، هنيانءَ نه ڊاهه ڪهين دا.
(بابا فريد گنج شڪر)

