تصوف

صوفي لاڪوفي

تصوف، تصورِ الوهيت؛ شاهه لطيف ۽ صوفين کي سمجھڻ لاءِ لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر ڪي ايس ناگپال آهي. مهاڳ ۾ امر جليل لکي ٿو:
”اسين اندران پنهنجي وجود ۾ صوفي ٿيندا آهيون، تصوف جا در تڏهن کلندا آهن جڏهن اسين باطني حسد، ساڙ، نفرت، ڪروڌ، ڪاوڙ، لالچ ۽ بدلي جي ڀاونائن کان آجا ٿيندا آهيون. جڏهن اسين پاڻ کي اتم ۽ اعليٰ سمجهڻ جي خوشفهمي مان آزاد ڪندا آهيون، تڏهن انسان جي ذهن مان ڀيد ڀاؤ نڪري ويندا آهن.“
Title Cover of book صوفي لاڪوفي

روحانيت – هڪ جڳ مذهب

(Spiritualism – A world Religion)
روحانيت سڪون بخشيندڙ، جيئري مالڪ ملائيندڙ، ماڻهوءَ کي مڪمل تڪميل ۽ پورڻتا ڏيندڙ نقد مذهب آهي، جو تمام انسانيت لاءِ ساڳيو هڪجهڙو ۽ مالڪ وانگر مڪمل آنند جو سرچشمو آهي، جنهن ۾ ڪو به ڀيد ڀاؤ ڪونهي، ڪهڙي به مذهب، فقهه، قوم، ٻوليءَ ڌرم يا آچرڻ جا انسان آهيون، هتي رب مڙيوئي هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير وارو حساب آهي. ته ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي يا لطيف سرڪار چيو ته:
پڇين جان دوست، ته پاسي ڪر پرهيز کي،
جني ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دور ڪيا.

ته دين سڀئي ڇڏي Total surrender unconditionally to the will of God
هڪ جي اوٽ وٺو ۽ سڀ ۾ حق جو هڪ ڏسو ته ٺهراءُ ۽ اسٿرتا اچي ويندي. مالڪ جي عشق جي غذا کائي سندس صفتن جو ورناءَ وارو پاڻي پي دم دم، ساهه ساهه ۾؛ سائينءَ سار جو لباس پهري آتما يا روح پاڻ ئي ڍاپجي ويندو ته اندر جي آنڌمانڌ، هر کر ۽ اڻ تڻ ختم ٿي ويندي. ماڻهو هميشه مالڪ جي موج ۾ رهي اتي آنند کي ماڻي ٿو، ته اها سُتي ملندي درويشي دوستيءَ مان، جنهن کي سامي چئي ساڌ سنگت – چوي:
جنين لنو لائي، سامي ساڌ سنگت سان،
تات تني جي من مون، مٽي پرائي،
رهي نه رائي، چنتا، چاهه اندر ۾.

سڀ جي گهر (اندر) آهي، پريم پدراٿ رام ڌن (ربي ذات صفات)،
سامي ڏسي ڪو ڪو منهن مڙهي پائي (اندر وڃي)،
ستگر لکائي ته ڏسي پد اکين سان (مشاهدو ماڻي).

ته سندن من ۾ نه ڳڻتي نه گهڻي جي گهرج يا چاهت رهي ٿي، سرنهن جي داڻي جيتري به نه، ته دک ڪٿان آڻيندو! دک ته خواهشن جي ڇاهه جو ثمر آهي. پرائي تات، هٻڇ، لوڀ، لالچ ئي نه رهي ته ڳڻتي، فڪر ڪنهن کي وٺي ۽ ڪنهن جو وٺي؟
جن سڃاتو سچ، ملي ساڌ سنگت سان،
سدا تن جي من ۾، ٻري محبت مچ،
ڪڍي ڪلپت ڪچ، سامي چڙهيا سير تي.

سنت ڪبير جو هڪ دوهو آهي ته:
چاهه گئي چنتا مِٽي، منوئا بيپرواهه،
جسڪو ڪڇو نه چاهيئي، سو ئي شهنشاهه.

ته سڄو رولو چاهه جو آهي، جنهن مان چنتا نڪري ٿي، گهرجن کي ختم ڪري، ڪجھ نه گهرجڻ واري شهنشاهيءَ ۾ ڪو ورلي پهچي ۽ پنهنجي اندر جي پورڻتا ۾ خوش رهي، هڪ سان جڙي وڃي ته سدا آنند جو رس ماڻي، جنهن جي اڪيلائي وندر ٿي پئي ته هو ڪنهن جو به محتاج نٿو رهي. سڀ دوست، ڪونه ڪوڌاريو سُجهي – صلح ڪُل!
جنهين پليو پاڻ، ملي ساڌ سنگت سان،
تنهن جو ويري ڪو نه ڪو، صلح ٿي سڀ ساڻ،
سامي سدائين رهي، نانا کون نرٻاڻ،
گاوي راڳ ڪلياڻ، چڙهي سهج سمير تي.

جو خود تي فتح پائي، نفس اماره، لوامه کي لنگهي نفس مطمئنه ٿي پوي ته سدا ويٺو راڳ ڪلياڻ ڳائي معنيٰ سدائين پاڻ ۾ جڙيو رهي. ان اسٽيج کي ويد سهج اوسٿاچون ٿا، جتي آتما ان انهد شبد سان ملي هڪ ٿئي ٿي. اهو آهي معراج ماڻڻ ته اها روحاني سائنس آهي ڪيئن؟ سا سموري ساميءَ سلوڪن ۾ سمجهائي آهي جو ويد اپنشد جو ڳوڙهو گيان آهي، سو سرل ڪري، سنڌيءَ ۾ سمجھايو اٿس. مختصر ڪري ان جو اختصار پيش ڪجي ٿو.
انساني جسم اهو قلعو آهي، محل آهي جنهن ۾ مالڪ خود موجود آهي. ياد رهي ته آدم کي الله خود خلق ڪري پنهنجو روح ڦوڪيو. هي ته اهو امر ربي ٿي انسان جي عظمت جو ثبوت رهيو ۽ ارشاد ٿيو ته، آءُ انسان جو راز آهيان ۽ انسان منهنجو (راز آهي). ويدن ۽ اپنيشد ۾ ڪجھ هيئن بيان آهي ته: هي جسم جنهن ۾ خلقڻهار خود موجود آهي، انسان جي اشرف هجڻ جوڪارڻ آهي ۽ صرف انساني جسم کي ئي اهو شرف مليل آهي ته هن ۾رهي زندگيءَ ۾ پنهنجي خالق کي پائي سگهي ٿو. جيو ۽ برهم (خالق) هڪ آهن، پر حدن ۽ محدود دائرن ۾ قيد جيو پاڻ کي الڳ فقط جسم سمجهي ٿو. من پران ۽ خوديءَ وغيره جي حد بندين ۾جڪڙجي برهم کان الڳ، اوديا ۾ غلطان آهي. وديا يا معرفت دوران ئي هو پاڻ کي ان حد بندين ۽ مايا ڄار کان الڳ ڪري آزاد يا مڪت ٿي سگهي ٿو ۽ جڏهن آپو، من ۽ مايا مان نڪري ٿو تڏهن ئي لاحد ۽ لامڪان ٿي، پاڻ کي پورن برهم سمجهي ٿو. اهو آهي آتم گيان يا پاڻ سڃاڻڻ.
“بنا آتم گيان، ممت نه مِٽي من جي،
توڙي سڀ ساڌن ڪري، پڙهي ويد پراڻ،
گيتا ۾ ڀگوان، ارجن کي ايئن چيو.”
(سامي)
ڪنڊلني اها ستل شڪتي (طاقت) آهي جا جڳتر (جهان) کي پيدا ڪري ۽ پالي ٿي. ان ستل شڪتيءَ کي اٿارڻ لاءِ ئي جوڳيءَ جو سمورو جتن ۽ جوش وارو جوڳ آهي. ڪنڊلي جو بيان ويدن، اگمن، پراڻن، اپنيشدن ۽ سنتن جي ٻاڻين ۾ اچي ٿو. اها ٻن ويڙهن (ڪنڊلي هنديءَ ۾) جي ٺهيل آهي، جنهن لاءِ ڪنڊلي سڏجيس ٿو. مولا ڌار چڪر جي وچ ۾ تيز روشنيءَ جي وچ ۾ سندس گهر آهي. اها جيون شڪتي چئبي، جا شبد برهم سان ڳنڍي پئي آهي، جنهن کي عيسائي Word يا Logos چون.
In the beginning was the word,
And the word was with the God.

ويد انکي ناد چون ۽ گورو نانڪ ان کي شبد يا نام چئي ٿو. جنهن جي سڄو جهان خلقيو، مانڊاڻ منڊيو، سو شبد اسان جي اندر، بنا وڄائڻ وڄي رهيو آهي، جنهن لاءِ کيس انهد چئجي ٿو. ليه يوگ ۾ اهڙو بيان ڏنل آهي ته ڪنڊلني جڏهن پنهنجي گهر يعني مولا ڌار چڪر مان اٿي ٿي ۽ مٿي چڙهڻ جي ڪري ٿي ته اها چرپر آواز پيدا ڪري ٿي. آواز ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪ جڏهن هڪ شيءَ ٻئي سان ٽڪرائجي ٿي ته آواز ٿئي ٿو، پر جڏهن بنا ٽڪرائجڻ جي، جو آواز نڪري ان کي سنسڪرت ۾ اناهت چئبو آهي، جنهن کي سامي انهد چيو آهي:
انهد جو آواز، ٻڌو جنهن گرگيات سان،
پرچي ڪيو، تنهن پنهنجو، بنا ڪلپت ڪاج،
مايا جو موٿاج، ڪڏهن ٿئي ڪينڪي.

ان انهد آواز ٻڌڻ بعد، جو فقط مرشد مهر سان اندر اندرين ڪنن سان ٻڌي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ لطيف سرڪار چيو ته، هي گڏاها ڪن ڏئي ٻيا ڪن وٺيج، ٻيا ڪن وٺڻا پوندا، ته اها عجيب ڪشش واري ڌن ئي سالڪ کي مٿي ڇڪي مالڪ ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ اهو سڀني لاءِ ساڳيو عمل، سڀ جي اندر سمايل آهي. نه مذهب، نه قوم، نه زبان، نه جنس ۽ نه رنگ جو فرق، ڪهڙي به ڌنڌي يا ڪم ڪار ڪندڙ لاءِ ڪو به فرق نه آهي. اهو آهي رب العالمين، جو سڀ لاءِ ساڳيو ۽ سڀئي سندس اڳيان هڪجهڙا آهن، جو سندس عشق ۾ غرق ٿئي ۽ سندس طلب ۾ تنواري ته چون طلب هو ته مِلَ هو:
انهد جو جهڻڪار ٻڌو جنهن ٻانڀڻ چئي،
مٽيو تنهن جي من مون وڌنکيد وهنوار،
چڙهي سهج سمير تي، ڏسي دٻ ديدار،
پائي پدا پار، مشڪي ڪشڪي ڪينڪي.

ته ان آواز، شبد ۽ نام پائڻ بعد منزل معرفت شروع ٿئي ٿي، جا حقيقت سان هڪ ڪري ٿي. ان آواز بعد من جون خواهشون ۽ گناهه جون لذتون آهستي آهستي ختم ٿيڻ شروع ٿين ٿيون ۽ گهڻي اڀياس بعد من صاف ٿي، خودي وڃائي مالڪ سان ملڻ لائق ٿئي ٿو.
هي انهد شبد مختلف هنڌن تي مختلف آوازن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو، ڪڏهن مرلي، سڱي نگاري (نغارو)، ڪڏهن تال، ڪڏهن سنک ته ڪڏهن ڪنگري جو آواز ٿي سالڪ کي مست ڪري وجداني ڪيفيت ۾ وجھي ٿو، جو سندس نشو لهي ئي نٿو. اهو منڌ هميشه خمار ۾ رکي ٿو. گورو نانڪ جي چيو:
نشا ڀنگ، چرس، آفيم، شراب ڪا، اتر جاءِ پرڀات،
نام خمازي نانڪا، چڙهي رهي دن رات.

لطيف سرڪار چيو:
منڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو.

ته ڪنڊلي جڏهن هرديه (دل) چڪر وٽ اچي ٿي تڏهن انهد جو آواز شروع ٿئي ٿو. جڏهن ڪنڊلي پيشانيءَ جي وچ ۾ اجنيه چڪر کولي ٿي تڏهن شبد اناهت کلي ٿو، يعني مرشد جو آواز سالڪ ٻڌي سندس هدايتن مطابق مٿي چڙهڻ جوعمل شروع ڪري ٿو. اها سڄي سائنس گورو گرنٿ صاحب ۾ تفصيل سان سمجهايل آهي، جنهن سڄي انسانيت لاءِ اهو بين الاقوامي سچ سهيڙيو آهي ۽ اتي پهچي ئي مالڪ ‘هڪ’ سڀني جو ساڳيو، سڀ لاءِ مهربان مشفق ۽ بخشيندڙ داتا محسوس ٿئي ٿو. چيائون مانک (انسان) ڪي جات ايڪ پهچانبو– گورو گوبند سنگهه
ته ماڻهو هڪ ذات ٿي پئي ٿو. سنڌي صوفين به ورائي ورائي چيو:
ڪهڙي پڇو ٿا ذات، جي آئيا سي آگهيا.

ڏات ذات تي ناهي، جي به، ڪنهن به مذهب مسلڪ جا اتي پهتا ته اگهيا. بس مرشد ڪامل هجي، جنهنجو اهو سفر ڪيل هجي ته اهو ئي فقط پهچائي سگهي ٿو، جنهن لاءِ ساميءَ وٽ پورو باب لکيل آهي. ستگورو:
گورک وڄائي، سڱي سهج آڪاس ۾،
ورلي ڪنهن جوڳيءَ کي، سمجھ منجھ آئي،
سامي جنهنجي ستگورؤ، ممتا مٽائي،
وڃائي وائي، رهي نرت نگر ۾.

اندر سرت (روح) جون ٻه شڪتيون ٿين ٿيون: ٻڌڻ ۽ ڏسڻ، ٻڌڻ اُن اناهت جو آواز، جو مٿي نوري نظاري ڏي وٺي وڃي ٿو ۽ پوءِ هو نرت نگر ۾ مالڪ جو نور پسي ٿو:
نرڀئه نگارو، اکنڊ وڃي ٿو، آد جو،
ٻڌي ڪو ٻانڀڻ چئي، ڀاگوان ڀارو،
مٽيو جنهن جي من مون، اوديا انڌارو،
ڄاڻي جڳ سارو، چمتڪار چيتن جو.

منجهين تن تنوار، وڄي ويل سڀڪنهن،
چنگ تنبورا ڪيترا، آهن ساز اپار،
اٺئي پهر اندر ۾، سامي پرينءَ پچار،
ڪنهن ڪنهن مڱڻهار، سوجهي هن سرود جي.

ته اها آهي اٺئي پهر پرين پچار، حاصل حيات. “سُتا ئي سونهن ننڊ عبادت ان جي”. اِها ڌُنِ، ڏينهن رات، هر ويلي هر وقت بنا وڄائي پئي وڄي. مست مدهوش ڪري، جنهن جهڙو مزو ۽ آنند هن پوري ڪائنات ۾ ڪونهي. ان کان اجپا جاپ به چئجي جو بنا جپڻ جي پيو هلي. واهه انسان جي عظمت، جو فقط انسان مرد، عورت، ٻار، ٻڍو ڪهڙي به نسل، رنگ ۽ مذهب جو، ان جو آنند پائي، محبوب جو اندرين اکين سان مشاهدو ماڻي سگهي ٿو:
انڌو ٿي پسيج مشاهدو محبوب جو.
(شاهه)
انڀئه اگم پري گرؤ لکائي گيات سان،
جنهن ۾ وڄي واچ ري بين مهامڌري،
ٻڌي من مگن ٿيو، رهي نه ڀلي بري،
سامي مليو سري، ستهه سڌ سرپ سان.

ان ڌن، آواز، شبد ۽ نام مطلق رگ ويد جي اپنيشد جوڪ/ناد بنڌو ۾ لکيل آهي ته:
“يوگي سڌ آسن ۾ ويهي، ويشنوي مدر استعمال ڪري، سڄي ڪن دوران دائمان اندريون آواز ٻڌڻ جي ڪري. آواز جو هن طرح ٻڌندو سو کيس ٻاهرين آوازن کان ڇوٽڪارو ڏيندو. سڀني رڪاوٽن کي دفع ڪري هو پندرهن ڏينهن ۾ تريا (چوٿون پد جتي نوراني نور وسي ٿو) جي حالت کي پهچندو. اڀياس جي شروع ۾ هو گهڻيئي زوردار آواز ٻڌندو، اهي آهستي آهستي سوکيم (مدهم) ٿيندا ويندا.”
ٻاهرين شين کان بيپرواهه يوگيءَ کي پنهنجي واسنائن (هوس جي خواهشن) تي قابض ٿي، دائمان ناد (آواز) ڏي چت کُپائڻ گهرجي، جو آخر ۾ من جو (شيطان جو) انت آڻيندو. وڏي اڀياس بعد يوگي ٻاهرين اثرن کان آجو ٿي، شبد سان هڪ ٿي وڃي ٿو. جيئن کير پاڻيءَ سان، لهرون سمنڊ سان ۽ جلدي هو چد آڪاس (معراج جي منزل) ۾ ڌڄا کوڙي ٿو.
جوڳي لفظ جوڳ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڳنڍڻ، جوڙڻ، جو اهو جوڙي وٺي آتما کي پرماتما سان، روح کي رب سان. ته اهو چئبو جوڳي. ان جا تفصيل، رستا نهايت سرل آهن. بس سمجھو سچي عشق ۽ رب سان ساهه ساهه ۾ سار جو ڪم آهي، جو ڪري سو پائي.
سسي اندر ساهه، ٿو وائي وشن جي ڪري،
ٻڌج ڪي ببيڪ سان، هيء ڳجھ اندر جي ڳاهه،
ته روح منجھين ئي راهه، اٿي ملڻ جي مينگهو چئي.

ڀڳتي تحريڪ منهنجي نظر ۾ هڪ عوامي انقلاب هو، مذهبي بنياد پرست، سختي، ورڻ آشرم ۽ ٻاهرين ڪرم ڪانڊ، تيرٿ، جپ تپ، پراڻيام، ورت ٻليدان ۽ ظاهري پاٺ پوڄا، واس ڌوپ، ڪنڀ ميلن ۽ ڪاشي ياترائن ۾ ڪرٽ سان سرير ڪٽائڻ وغيره ساڌتن جو – جو پوري من، دل سان ايشور شرڻ اچي آپو، اهم ۽ خودي ختم ڪري، سندس ڀڳتيءَ ۾ مگن رهي، سڀ ۾ سندس روپ ڏسي، سڀ سان پريم ۽ شيوا واري واٽ وٺڻ سان ماڻهوءَ جو ڪلياڻ ڪرڻ ڪافي آهي. اندر ۾ ايشور سان عشق رکي، دم دم ياد ۾ رهي، هٿ ڪم ۾ دل يار ۾:
گهر ۾ راهه رهي، مورک ڦولهي دهه دسا،
جپ تپ ساڌن، جوڳ ۾ سامي ديهه دهي،
ناحق دک سهي، ٿو پٺي ڏيئي پاڻ کي.

منجھين لوڪ لکين، تون پاڻ نه ڪرين پڌرو،
اٺئي پهر عجيب جي، منجھين سڪ سڪين،
چاڪن منجھ چڪين، ته پاڻ ٻڌني پٽيون.

اها پندرهين ۽ سورهين صدي هئي، جي سنت پرش، درويش ظاهر ٿيا، تن سڄي مذهبي مت ڀيد کي اونڌو ڪري انسان کي انسان ڪيو ۽ هڪ رب کي پريم ڀڳتيءَ سان پائڻ سيکاريو. سامي جن ويدن جي واڻي سنڌي ۾ پيو سمجھائي، سي ويدانت 900 ق. م. کان 1200 ق. م. جا اندازاً چيا وڃن ٿا. انهن جي وضاحت اپنيشدن ۾ ملي ٿي. (300 ق. م. کان 200 ق. م.). شنڪر آڇاريه جو ويدن جو وڏو شارح چئجي ٿو، سو آهي سکن (788ع – 820ع). موجوده هندو حياتيءَ جي گائيڊ، ڀڳوت گيتا 100 ق. م. کان 100ع، جا اڄ هر گهر ۾ ۽ ڪورٽ ۾ پڻ موجود آهي. ڀڳتي تحريڪ جا سنت ڪبير 1440ع – 1518ع، رويداس، تلسيداس 1523ع – 1623ع ۽ ميران ٻائي 1498ع – 1565ع جا پرچار ۽ گورو نانڪ 1467ع کان 1538ع تائين ذهنن تي بي انداز اثر انداز ٿيندا رهيا. سنڌ ۾ فارسي صوفي شاعرن جو تمام گهڻو اثر پئي رهيو آهي. انهن ۾ عطار 1180ع – 1220ع، مولانا روم 1207ع – 1273ع ۽ حافظ 1326ع – 1390ع، جنهن سان فڪر ۾ بيحد ڦيرو اچي ٿو، پر آءُ ذڪر ڪندس 1173ع ۾ پنجاب جي ڪوٺيوال ۾ جنم وٺندڙ سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابيءَ جي پهرين شاعر بابا فريد گنج شڪر جو، جنهن جو سڀني تي جهجهو اثر آهي ويندي گورو نانڪ. پاڻ سندس نائين پيڙهي شيخ ابراهيم کان سندس ڪلام وٺي گورو گرنٿ صاحب ۾ درج ڪيو. رب کي خلق ۾ آڻي حقوق العباد جو سولو سبق پڙهايو اٿس، چوي:
فريدا خالق وسي خلق مهه، خلق وسي رب مانهه،
مندا ڪسنو اکيئي، جو تس بن دوجا ناهي.
(ڪثرت مان وحدت ٿي، وحدت ڪثرت ڪُل)
خلق منجھ خالق، خالق سڀ خلق ۾،
سمجھي ڪو سامي چئي، ورلو هرجن هِڪُ،
مهر ڪري مالڪ، جنهن تي پرچي پاڻهي.

وري بابا فريد سولو ڪيو، چيائين:
“جي تو پريان دي سِڪَ، هنياءُ نه ڊاهه ڪهين دا.”

ٻن اکرن ۾ سڄو تصوف سميٽجي ويو. جي خالق خلق ۾ آهي ته خلق کي ڏکائڻ معنيٰ خالق کي ڏکائڻ، ته ماڻهو ماري، پوءِ ڪهڙي به نالي هيٺ، خالق خوش ڪري ڪين سگهبو.
“مين ناهين، ڪڇ هنئه نهين، ڪڇ آهه نه مورا،
اوسر لجا راک ليهه، سڌنا جن تورا.”

سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ صوفي سنت، جو چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ سيوهڻ شهر ۾ ڄائو، تنهن جو ڪٿي به ڪو ذڪر فڪر عام جام ڪونه ٿو ملي، سو آهي ڀڳت سڌنو ڪاسائي، جنهن جا سنڌي ڪوين تي هن مٽيءَ جا رنگ ۽ خوشبو واري صفت سميت اثر حاوي آهن.
پنجاب ۾ سلطان باهو، بلهي شاهه ۽ شاهه حسين جڏهن ته سنڌ ۾ اسانجي ٽمورتيءَ جا رنگ ئي نرالا آهن: شاهه لطيف (1689ع– 1752ع)، سچل سرمست (1739ع – 1826ع) ۽ سامي چين راءِ ولد بچو مل لُنڊ (1743ع – 1850ع)، جو پنهنجي گورو جو نالو استعمال ڪندو رهيو: ڪٿي مينگهو، ڪٿي ٻانڀڻ ۽ هر جاءِ سامي سندس ئي گورو جا نالا آهن.
ڀڳتي تحريڪ جي درويشن جي واٽ:
ڪنهن کون ڪين لهي، اوديا ڪلف اندر جو،
توڙي تيرٿ تپ ڪري، دک بک سڀ سهي،
تياڳ ڪري گهر ٻار جو، غفا منجھ رهي،
ساڌو سرن پوي، ته سکي ٿئي سامي چوي.

ڌرم، مذهب جي ظاهري نيمن متن جو روحانيت ۾ انڪار، ان لاءِ ڪيو ويو آهي جو اصل مقصدِ حيات تي پهچڻ کان لاچار آهن. هينئر ڪجھ اهڙن درويشن جي شعرن جو اڀياس ڪنداسين جنهن سان هن جڳ - مذهب، روحانيت ۽ مالڪ ملڻ جي راهه روشن ٿي سگهي، جو ئي ساميءَ جو سار آهي. مٿين شعر ۾ چوي ٿو اندر جا اوندهه آهي، اهو آهي پنهنجي دنياوي غلاظتن (اوديا ڪلف) جو تالو لڳل آهي ۽ اهو ٻاهرين صفائين سان صاف نه ٿيندو، جهڙوڪ تيرٿ ياترا يا پاڻ کي ورت، اپواس ڪري بک ڪڍڻ يا دنيا ڇڏي مڙهي مساڻ وسائڻ سان اندر جي صفائي نه ٿيندي، نه ويد شاستر پڙهڻ سان. لطيفي سمجھ به اهو ٿي سمجھائي، اندر تون اُجار پنا پڙهندين ڪيترا، ته اندر ڪيئن اجارجي.
سڪ ري صفائي، اچي ڪين اندر کي،
توڙي سڀ ساڌن ڪري، پائي سر ڇائي،
اها ڳالهه سمجھ ۾، ڪنهن ورلي کي آئي،
گرگم جنهن لائي، سامي لنو سروپ سان.

ته به عشق، پريم ۽ سڄڻ جي سڪ ئي صفائي ڪري سگهي ٿي، ٻاهرئين طور طريقا ڇائي پائڻ آهي، جنهن سان پرين پسي نه سگهبو. اندر جو عشق ۽ دل جو ايمان، جو بنا شرڪ هڪ سان پريم رکڻ، اندر هڪ پسڻ بعد ئي سڀ ۾ ساڳيو جلوو پسي سگهجي ٿو. سڀ جي دل ۾ ساڳيو سائين وسي ٿو.
دل بدست آورکہ حج اکبر است،
از ہزاراں کعبہ یک دل بہتر است۔

(مولانا روم)
دلا طواف دلاں کُن کہ کعبہ مخفی است،
کہ آں خلیل بنا کرد، واین خدا خود سخت۔

(مغربی)
ہزار زہدوعبادت ہزار استغفار، ہزار روزہ رانماز ہزار،
ہزار طاعت شب ہا ہزار، قبول نیست گر خاطری بیا زاری۔

(مغربی)
پٿر پوڄا ڪن، ديو نه ڏسن ديهه ۾،
پنڊت ڄاڻي پاڻ کي، ڪرمن منجھ ٻجهن،
سي ڪيئن رنگ رچن، سامي سپيرين جي.

پريم بنا پرڪاس، ڪنهنکي ٿيو ڪينڪي،
ايئن چئي ٿو نامديو، ڪبير ائون روداس،
ڪري ڏس ڪلپت ري، سامي انن اڀياس،
ته چيتن چد آڪاس، پرگهٽ ٿيئي پاڻهين.

هنن ٻن سلوڪن ۾ ساميءَ سڄي ٻاهرين ڪرم ڪانڊ جي طريقن کي رد ڪندي ڀڳتي تحريڪ جي سنتن جو حوالو ڏنو آهي، جن جي واٽ ساڳي اندر ڳولهڻ ۽ جڳتيءَ سان پيرين پائڻ واري ساڳي سمجھ وٺڻ آهي ته، آءُ هِت ان سمجھ جو سربستو ذڪر لکان ٿو.
سڌو رستو بين الاقوامي، هر پڙهيل اڻ پڙهيل لاءِ هڪجهڙو.
Equal for all, the way to God.
ڪُل ٽي لفظ آهن:
1. نام، شبد، ڪلمئه الاهي، اسمِ اعظم
2. ستگورو، مرشد، پيرڪامل، گورمت
3. سمرن، ذڪر، اڀياس، ورد مالڪ مهر سان
زندگيءَ جو حاصل پرين پائڻ آهي ته ان جو رستو ٽن لفظن ۾ مڪمل وضاحت ۽ سمجھ سان صحيح ڪري سگهجي ٿو. هن تي هلڻ لاءِ ڪنهن به مذهب، فرقي، متي، پنٿ، قوم، ٻولي، ملڪ يا جنس رنگ جوڪو شرط ناهي. هي جڳ مذهب جي اندر ۾ الاهي واٽ سڀ لاءِ ساڳي، کليل ۽ بين الاقوامي آهي. جو وهي سولهي. اها پاڻ ڪل مالڪ جي ٺاهيل آهي جا عالم انسانيت لاءِ عام آهي، رحمت ۽ وڏي بخشش آهي. سڀ کي سڏي ٿي، جي آيا سي آگهيا. جو اندر سڀ پسي، دِليئون دنيا ڇڏي، دعوت عام آهي، اصل آدجڳاد کان ويساهه (ايمان) جو اهو ئي رستو ٿو رهندو اچي، پر جن کي پروڙ پوي.
ويساسيءَ والٽ لڌو ساريءَ وِسُ جو،
پرچي ڏٺائين پاڻ ۾، ڇڏي اونگهه آلس،
رهي مايا موه کون، خلاصو خالص،
سامي ٿي ثالث، وَرِتي وِڌِ ويچار سان.

من مٿرا، دل دوارڪا، ڪايا منجھ ڪاشي،
چيتن وسي چت ۾، الک ابناسي.

جن کي جاني ياد آن، ياد ڪريان نت تن کي،
سامي مليا سپرين، پرچي تن پرساد،
تن من ارپيان ڀاو سان، ڇڏي واد وواد،
ايها آدجڳاد، واٽ بڻي ويساهه جي.

سامي اُن ربي آيت طرف اشارو ٿو ڪري ته: “تون مونکي ياد ڪر ته مان توکي ياد ڪريان.” ۽ ٻڌائي ٿو ته جيڪو مايا موهه ڇڏي دل جو خالص ٿي مالڪ کي ياد ڪري ٿو. هر وقت دل ۾ سندس سمرن ڪري ٿو، من جي مڻين سان، رڳون سڀ رباب ٿي، سارن ٿيون سڀ ويل، ته ان ذڪر جومالڪ ٻيڻو اجر ڏئي اسان کي پڻ ياد ڪري ٿو، پر پيار سان. ڪبير چيو:
مالها مجھ سي لَڙِ پڙي، ڪاهي سمري موهه،
من ڪا مڻڪا ڦيردي، ترت ملاؤن توهه.

ته رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪنهن وارو لطيفي ورد رکي ته اهو ٿيو پهريون لفظ سمرن/ذڪر ڪرڻ. نام – اسم اعظم جو اندر اورڻ، پر اهڙو سمرن هر ڪنهن جي وس جو ناهي، نه ته جيڪر هر ڪوئي ڪري پار پهچي سگهي. ايڏو پيار رب سان رکڻ فقط مرشد جي مهر ڪرم سان ئي ملي سگهي ٿو.
گورو نانڪ جو واڪ:
آکان جيوان، وسري مِرِجاؤ،
آکڻ اوکا، ساچا نائو.

فرمائن ٿا جي رب جو نانءُ چوان ٿو ته جيئرو آهيان ۽ جي وساريان ٿو ته مري ٿو وڃان. ايڏو پيار! وري ٻئي سٽ ۾ چا ٿا ڇون ته اهو نانءُ اهڙي طرح جپڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ته ٻئي لفظ طرف وڃڻو پوندو.
2. ستگورو، مرشد ڪامل، سامي ٿو چوي:
ساڌو جن سوري جنهن کي ڪري ڪڇ ۾،
تنهن جي ڪس قلوب مان، ڪڍي سڀ ڪوري،
سامي ڏسي سپرين، اکن کون اوري،
هر دم هندوري، جھولي پريم اگم جي.

جنهن به خوش نصيب کي اهڙو ساڌو، ستگورو، پير ڪامل پلئه پوي، جو پنهنجي هنج ۾ وهاري سندس قلب مان ڪلپت، ٻيائي، شرڪ ڪوري ڪڍي وٺي، ڪهڙي نه سندر سولي ۽ سرل سنڌيءَ ۾ ساميءَ اها ڳالهه ڪئي آهي. اگم جنهنجو آد انت ۽ ڳجھ نه ملي سگهي، تنهنجو گم يا راز ستگورو ئي ڏئي سگهي ٿو. پنهنجي اندر معرفت ماڻي، پيو پريم هندوري ۾ لڏي، ته اهو سڀ ڪمال صرف ستگورو مرشد مڻيادار ڪري سگهي ٿو، ته جنهن کي مرشد مليو، تنهن جي اندر الله پر گهٽ ٿيو، پر مرشد ڪامل جو اندرين نور (جوت)، ان شبد، ڪلمي الاهي يا ٻاڻيءَ جو اڀياسي ۽ ڀيدي (رازدار) هجي، اهو ئي اندر ۾ مالڪ ملائي، ٻاهرين ڊڪ ڊوڙ ۽ ڌڪن کائڻ کان بچائي سگهي ٿو. چون:
سڀ گهٽ ميرا سانئيان، سوني سيج نه ڪوءِ،
ٻلهاري تس گهٽ ڪي، جان گهٽ پرگهٽ هوءِ.

هاڻي جسم جي سائنس سمجھنداسين ته هي الاهي ڪيئن آهي، اتي اها ٻاڻي يا ڪلمي الاهي ڪٿي وڄي ٿو، وغيره. ڪُل ڏهه (10) دروازا آهن هن محل ۾ داخل ٿيڻ جانون کليل ۽ ڏهون بند آهي. ٻه اکيون ٻه ڪن، ٻه ناسون (نڪ) هڪ وات دن ۽ هيٺ گُديا اندر وڃڻ لاءِ سولو رستو آهي ٻن اکين پٺيان اندر ٽيئن اک جا ڏسي سگهندي. جو، جو ڏهون در بند آ.
“پرين سي پسن ٻئي جن ٻوٽيون”
(شاهه)
اکين ٻاجهون ويکڻا وڻ ڪنان سڻڻا.
(گورو نانڪ جِي)
اتي جا انهد ڌن بنا وڄڻ پئي وڄي، تنهن کي مرشد جي مهر سان ٻڌي سگهبو، پر جڏهن پوري يڪسوئي ٿئي، يعني من جو ڀٽڪڻ، ٻاهريان خيال سڀ ختم ڪري، اندر يڪجاءِ/ٿِر ٿئي. جوڙي ميڙي پاڻ کي جڏهن پوري ايڪا گرتا، يڪسوئي ايندي، تڏهن اهي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا، جن جو مٿي ذڪر ڪيو آهي: ساميءَ جا اشارا:
اٺئي پهر عرش ۾، جپن ريءَ زبان.

تنهن ۾ لائي لال ٿيا، طمع ريءَ تاڙي.

چڙهي جنهن عشق تي، ٻڌو وحدت واڪ.

ته اهو عشق آهي ڏهون ڳجھو درُ، جتي وحدت واڪ وڄي ٿو. بنا وڄائڻ واڄو وڄي ۽ بنا زبان پيو جاپ جپي، اتي جو ڏهه هزار سجن جيڏو نور/جوت آهي سو نهايت سِيتل، وڻندڙ ۽ لڀائيندڙ آهي.
3. مالڪ جي مهر سان ست سنگ:
اڻ هوندي بازي، تنهنجي ڪري سڏ ٿي،
لپت جي ڪلنڪ سان، سامي تو ساجي،
ڪڍين پانهنجي پاڻهي، ٿو منٿ موتاجي،
رڙهي ٿيئن راضي، پٺُ ڏيئي تون پاڻ کي.

هيءَ اڻ هوندي بازي جي مايا مان ڪري – نڪري؟ جنهن تي راضي ٿئي؟ ڪيئن راضي ٿئي، جو پورن سرڻ وٺي يعني جو دل مان خودي ڪوري ڪڍي، پيش پوي ۽ هر حال ۾ راضي رهي، تنهن تي مالڪ مهر ڪري، هن درنگي دنيا ۾ ٻين جي محتاجيءَ کان ڇٽي پوي. ان لاءِ ست سنگ يعني سچو ساٿي، ڪامل مرشد جي صحبت ضروري آهي جو سيني سان سينو سنواري، نظر وجھي نهال ڪري. “نانڪ ندري ندر نهال”، ڪري ڇڏي. هو سدائين سڌ سروپ ۾ رڱجي رهي.
ساڌو جن جو سچو، ڪري اپديش انڀئي،
سامي چئي سڀ کي، الٽي گهر اچو،
ڪَڏي (ڪڏهن) ٿئي ڪينڪي، ڪلپت منجھ ڪچو،
رهي رنگ رچو، سُتههَ سڌ سروپ جي.

ته: 1. نام، ڪُنَ، اسم اعظم، جو سڄي جهان ۽ سڀني انسانن ۽ حيوانن وغيره جو رچيندڙ آهي، انکي پنهنجي جسم اندر ڳولهي، محبوب جو مشاهدو ماڻي وٺجي جو خياتيءَ جو حاصل آهي.
2. ان لاءِ هڪ ڪامل مرشد جي ضرورت آهي جو بخشش ڪري.
3. پوري طرح پاڻ وڃائي پيش پوڻ سان، اهڙي مالڪ جي مهر ملي جو سدا ان جي رنگ ۾ رڱيو رهجي. ننڊ به عبادت، ڪم ڪرڻ به عبادت ٿي پوي.
ڪرپا ڄاڻي ڪِرُ، سنت دواري سِڪَ سان،
ديکيا دردوندن جي، سمجھي ڪر صبر،
سامي بَڪَ مَ سِرُ، در در ديوانن جان.

ته الاهي مهر سان ڪو درويش الله لوڪ ملي ته سندس بعيت ڪري، بخشش وٺ. هر حال ۾ خوش رهي شڪايت جي ٻڙڪ نه ٻول ۽ صبر شڪر ۾ هڪ جي اوٽ ۾، هڪ سان ڳنڍجي رهه. در در پنهنجو مٿو نه ٽيڪ، پاڻ نه کوءِ:
جنهن کي لَکائي، ست گور لَکَ اَلَکَ جي،
تنهن پرچي پانهنجي پاڻ سان، لنو سپجي لائي،
مِٽي تنهن جي من مون، ٻانڀڻ چئي ٻيائي،
رهي سدائين، سُڃ وسئن جي وچ ۾.

ته جنهن کي به مرشد مڻيادار اَلک، جنهن جو نه رنگ، نه روپ، نه ريک الک آهي، اهڙي مالڪ جي لَکَ لکائي، تنهن ٻاهر جا سڀ ساڌن ڦٽي ڪري اندر اور پيو اوري، ٻيائيءَ واري وائي بنهه ڇڏي، هينئر کيس هر هڪ ۾ اهو ئي هڪ الک پيو لَکي. جڏهن ٻيو ڪو آهي ئي نه، ته ويري (ڪير) ۽ سڄڻ ڪير؟ ته وسنئن ڪنهن جي ۽ سڃ ڪنهن جي، سدائين موج پيو ماڻي، مالڪ جي اور پئي اورجي:
محبتن ميلاپ پرچي ڪيو جن پانهنجو،
پئن پئارن پريم جو، پيالو عين اَماپ،
لنو لنو لال گلال ٿي، جپن اجپا جاپ،
ميٽي سڀ سنتاپ، سامي ماڻن سانت کي.

اڪيلائي جن جي وندر آهي، سانت جو مزو جن کي مليو، اهو ئي اجپا جاپ يعني ان اسم اعظم، نام ۾ رتل رهن ٿا. “عاشقن الله ويرو تار نه وسري”، انکي چئبو، لنو لنو ۾لال آهن، سواءِ پريم جي ٻيو سودو ڪين سِکن ۽ پاڻ ۾ مڪمل ٿي، پرچي پُر رهن ٿا، انهن ئي منزل ماڻي حياتي هاج هٿ ڪيو:
پرچي ڏنو پهه، مرشد خاص مريد کي،
اٿندي وهندي عشق سان، اور انهيءَ ۾ رهه،
وٺي راهه رنِدِيءَ جي، سڀڪي سر تي سَههُ،
ته اچي پاڻ اَلَههُ، مطلب ڪندءِ من جا.

صبح، شام اڌ ڪلاڪ سانت ۾ چپ ڪري ويهو، اندر مان تخليقي قوت جاڳي پوندي، سڀ ڪجهه ممڪن ٿيندو.
