تصوف

صوفي لاڪوفي

تصوف، تصورِ الوهيت؛ شاهه لطيف ۽ صوفين کي سمجھڻ لاءِ لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر ڪي ايس ناگپال آهي. مهاڳ ۾ امر جليل لکي ٿو:
”اسين اندران پنهنجي وجود ۾ صوفي ٿيندا آهيون، تصوف جا در تڏهن کلندا آهن جڏهن اسين باطني حسد، ساڙ، نفرت، ڪروڌ، ڪاوڙ، لالچ ۽ بدلي جي ڀاونائن کان آجا ٿيندا آهيون. جڏهن اسين پاڻ کي اتم ۽ اعليٰ سمجهڻ جي خوشفهمي مان آزاد ڪندا آهيون، تڏهن انسان جي ذهن مان ڀيد ڀاؤ نڪري ويندا آهن.“
Title Cover of book صوفي لاڪوفي

ساميءَ جي سکيا جو سارُ

اڄ جي دنيا جو انتشار، ماڻهوءَ جي مونجھ، ذهني دٻاءُ ۽ وڳوڙي وايو منڊل شاهد آهي ته اڄ جو انسان، پوءِ اهو ڪهڙي به کنڊ، قوم، مذهب يا ملڪ جو رهواسي هجي، عجيب قسم جي ذهني ڪشمڪش، نفسياتي مونجهارن ۽ جسماني روڳن ۾ وڪوڙيل رهي ٿو. ٽيئن دنيا جو بدنصيب انسان غريب، بيروزگار، معاشي بدحالي، نا انصافي، ظلم، جبر ۽ غلط تعليم ۽ تربيت سبب وڌيڪ ذهني مريض ۽ روحاني روڳي ٿي، ڇرڪائيندڙ نفسياتي مرضن ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي. سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ معاشي ناهمواري، استحصال ۽ ظلم جو شڪار ٿي هو اندر ۾ ڀڄندو، ڀرندو ۽ ڳرندو رهي ٿو. ڪڏهن طبعي ته ڪڏهن پنهنجي هٿين خودڪشي ڪيو ڇڏي، نه ته مذهبي مت ڀيد، لساني جهڳڙي ۽ نسلي ٻارڻ ۾ ٻريو وڃي.
روس جي ٽٽڻ کان پوءِ استحصالي قوتون فيل مست ٿي سڄي دنيا ۾ پورهيتن، مظلومن ۽ هارين کي لتاڙينديون رهن ٿيون. سرمائيدار دنيا هڪ هٽي ڄمائي، سرمائي جو ڍڳ ڪري، سڄي دنيا کي پرماريت جي منڊي ٺاهي ويٺا آهن. غريب ملڪن کي ڳاٽي ڀڳا قرض کڻائي ۽ فوجن کي امداد ڏئي پنهنجو رز خريد گماشتو ڪيون ويٺا آهن ۽ ان کي سڏين: Global Village/Communication Age سياست، معيشت کي ڪنٽرول ڪرڻ جو نالو آهي ۽ اڄجو سرمائيدار، وڏيرو ۽ جاگيردار پنهنجا سڀ حيلا هلائي، مسڪين پورهيو ڪندڙ، دنيا هلائيندڙ ۽ دنيا پاليندڙ هاريءَ، مزدور کي محڪوم ڪيو ويٺو آهي.
اسان جي ملڪن ۾ جمهوريت ته جهڙي سندن سريت آهي ۽ فوجي گماشتا جيئن وڻين ويٺا ڪٺ پتلي تماشا ڏيکارين، اهو تماشو ايڪهتر سالن کان هلندو پيو اچي. هاڻي سياست جي دنيا کي ڇڏي، وچون طبقو پنهنجن مونجھارن ۾ ٻٽو ڦاٿل آهي. هيٺين طبقي سان رهڻ نٿو چاهي، مٿيون کيس قبول نٿو ڪري، پوءِ به هو هٿوراڙيون هڻي مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ کوهي ٿو. قرض تي گهر، قسطن تي سڄو سامان، لِيز تي گاڏي ڪڍائي پاڻ کي وڏو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪوريئڙيءَ جو ڄار اڻندو رهي ٿو ۽ پوءِ ان ۾ ڦٿڪڻ شروع ڪري ٿو. پريشاني، دٻاءُ ۽ نفسياتي مونجھارن ۾ وڃي ٿو بدحال، بيمار ۽ بيوس ٿيندو!! پوءِ السر، شوگر، بلڊپريشر ۽ هارٽ اٽيڪ جا مهمان به اچڻ شروع ٿين ٿا، جي وقت کان اول کيس ابد جي ماڳ ڏانهن گهليو وڃن، جي انهن کي نٽائي رهي به پئي ته اهو رهڻ به ڪهڙو! سڄو مايوس، بدحال ۽ کائڻ پيئڻ کان محروم ٿي سڪندو رهي ٿو. لاچار، لاغر، لاحاصل ٿي جيئڻ به ڪو جيئڻ آهي!
ته ائين ڇو آهي؟ ڄاڻي واڻي، سوچي سمجھي پاڻ کي کڏ ۾ ڦٽي ڪرڻ ڪهڙي سمجھ آهي؟ هي مقابلي ۽ چٽاڀيٽيءَ جو دور آهي. پئسو ئي سڀ ڪجھ آهي ۽ ماڻهو ملڪيتن وارن جي ئي عزت ڪن ٿا. جيئڻو ته پوءِ به هن ئي جهان ۾ آهي ته ان جي معيار مطابق جيئجي! شان، مان ۽ وڏائيءَ سان پوءِ قرض به لهي پوندا، ڪجھ پريشانيون ته کڻڻيون ئي پونديون. اهو روايتي تعليم جي ڏنل سياڻپ، چٽاڀيٽي ۽ تڪراري قومي لسان مت ڀيد جو نتيجو آهي. جيسين صوفين جي پيار، هڪجهڙائي ۽ وحدت ڏانهن ورون – ته اهو ائين آهي. ماڻهو رستي ۾ ئي موڪلايو وڃي ۽ پويان پوءِ اڃان پريشان! ته سمجھ جو ڦيرو آهي، دک کي سُک ۽ سُک کي دُک سمجھڻ جي غلطي آهي. فانيءَ کي لافاني ۽ موت کي ڪوڙ سمجھڻ جو متو آهي. زندگيءَ کي بقا ۽ جاوداني سمجهِي سؤ سالن جون رٿائون ۽ سٽ سٽيا وڃن ٿا، پر پڪ ته پل جي به ناهي. حياتيءَ جهڙي بي وفا ۽ بي بقا محبوبا ته پَڪ مڻيادار موت، گهوٽ اڻموٽ، لازوال ۽ لافاني ور (ڪنت) موت پرڻائي کڻي ويندو، پر پنهنجي ابتي سمجھ! ته موت ته اڃا پري آهي، جو پاڇي جيان پٺيان پيو هلي، سو نظر نٿو اچي.
جل ۾ فوٽو جيئن، لهرن لڳي اَڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
(سامي)
ته جل جي فوٽي يا پاڻيءَ جي بُلبلي تي ماڻ آهي، پروسو آهي! واهه انسان! ته موت وساري اهڙي غفلت جي حياتيءَ ۾ مدهوش رهڻ وارن کي بس اهي صوفي، سنت ۽ ڪامل درويش ئي اٿاري، سجاڳ ڪري اصل ماڳ ۽ منزل لاءِ تيار ڪن ٿا. ان جو مطلب اهو ڪڏهن نه ڪڍڻ گهرجي ته اُهو ٿيو هن جهان جو تياڳ ڪرڻ – بنهه نه! اهو ابتو ۽ انڌو تصوف آهي جو دنيا کان موڙي، رهبانيت ۽ ويراڳ جي واديءَ حوالي ڪري ٿو! بنهه نه. ته دنيا ۾ رهي، دنيا جا سڀ فرض پوري جوابداري ۽ بهتر انداز سان پورا ڪندي، ٻين محتاجن، لاچارن ۽ ڏڏن جو ڏڍ ٿي همت ۽ حوصلي سان حياتيءَ جي ويڙهه وڙهي، مظلومن لاءِ ظالمن سان مهاڏو اٽڪائي، سوئي صوفي لاڪوفي آهي، جو مذهب، قوم، زبان ۽ نسل کان مٿانهون، مالڪ وانگر سڀني لاءِ ساڳيو ٿي، ڏيندڙ ۽ بخشيندڙ، وڏي دل حوصلي وارو، معاف ڪندڙ، رحم ۽ ڪرم ڪندڙ، لاهوتي هجي. دنيا جو حرص، هوس، بغض، ڪيني ۽ ميڙڻ جي آزار کان آجو، قرباني، تياڳ ۽ بخشش ڪندڙ داتا آهي. وٺندڙ نه، پر ڏيندڙ آهي. پان پڏائيندڙ نه، پاڻ وڃائيندڙ، لاطمع خدمتگار، غريب ۽ سڀ جو دوست ٿي رب لاءِ جيئندڙ، سڀ ۾ رب کي ڏسندڙ، لامڪان لاڪوفي آهي:
جز وڃايو جوڳئين ڪُل سين آهين ڪم،
آسڻ جن عدم، آءٌ نه جيئندي اُن ري.
(شاهه)
ڌرين ڪوهه پيار، سامي مايا موهه سان؟
اٿي سڀ اوديا سندو، اڻ هوندو اسرار.
جيئن نانگ نوڙي ۾، سپني جو سنسار،
ڪر نه جيءُ خوار، مرگ ترشنا جي جل ۾.

ته هتي جيءُ خوار ٿي، رُڃ پٺيان ڊڪندو، ساڻو ٿي مريو وڃي، پر گهرج اُڃ ڪڏهن پوري نٿي ٿئي. ان کي سامي چوي اوديا، بي سمجھي يا جهالت، جو مايا نظر جو دوکو ٿي ماڻهوءَ کي پتلي تماشي وانگر نچائي ٿي ۽ جادوءَ جي اسرار مان ڪجھ پلئه ته پوي نٿو ۽ انسان ڪجھ به نٿو کڻي وڃي، بس پڇتاءَ ۽ افسوس جا ڳوڙها ڳاڙيندي مريو وڃي.
مثال ٿو ڏي چوي:
اڻ هوندي ڀولي، وڌو جيءَ ڀرم ۾،
جئن کستوري ناڀ ۾، مرگهه ٻاهر ڦولي.

ته هي فاني جيو، پاڻ کي لافاني سمجهي، قيامت تائين جا جوڙ پيو جوڙي، منصوبا ميڙي، اربن کربن جون موڙيون پيو ميڙي، ساميءَ کي کِل ٿي اچي، چوي ٿو:
حيرت ائون هاسي، اچي هڪ اچرج تي،
سامي ڄاڻي پاڻ کي، ابناسي ناسي؟
ڪپڙي ۾ آڪاس پيو، ڦاهيءَ ري ڦاسي؟
پاڻيءَ ۾ پياسي، مري پپوٽو مَت ري.

حيرت ائون هاسي، اچي هڪ اچرج تي،
خاوند پنهنجي خيال ۾، پيو ڦاهيءَ ري ڦاسي؟
ڀوي نت ڀلن جا، گنگا، گيا، ڪاشي؟
خود ري خلاصي، ڪير ڪري ڪرتار جي؟

آخري لائين اوکي ٿي پئي ته جو ماڻهو پنهنجن ئي خيالن ۾ بنا ڦاهيءَ ڦاسي ٿو، سٽ سٽي سٽجي وڃي ٿو، اهو ڄاڻي ئي نٿو ته هو خود خدا آهي، پوءِ تيرٿن ڪرڻ لاءِ گنگا، گيا ۽ ڪاشي ڇو ٿو ڀٽڪي؟ ڀلا خود خدا جي خلاصي به ڪو ڪري سگهي ٿو ڇا، سواءِ خود جي!
سچل سرمست چيو:
“ٻانهون ڀانءِ م پاڻ، تون هين مالڪ ملڪ جو”

“الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ”

“اوهي ڪم ڪريجي، جس وچ الهه آپ بڻيجي”

ته اهو خود ڪرتار، خدا يا الله ٿيڻ جو عمل ڇا آهي؟ اهو سبق سکڻو پوندو جو سڀني مذهبن سيکاريو آهي، پر ماڻهو ڀرمن ۾ ڀلجي، بندو گندو ٿي، پاڻ کان ٻاهر مالڪ کي ڳوليندو ٿو رهي، ڀٽڪندو ٿو رهي، ڌڪا، ٿاٻا پيو کائي، پر سمجهي سڻي ڪو نه ٿو، شاهه چئي ٿو:
“نائين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوس جو.”

“ڏسڻ ڏسين جي، همه کي حق چوين.”

Man is fashioned after the image of God.” “
(Old Testament)
“Kingdom of God is within you.”
(New Testament – Holy Bible)

“مان تنهنجي شهه رڳ کان به ويجهو آهيان.” (قرآن مجيد)
هر مندر ايهه سرير هئه، گيان رتن پرگهٽ هوءِ (گرو گرنٿ صاحب)
اي من! تون جوت سروپ هئه، اپنا مُول پڇاڻ، ته پاڻ سڃاڻ تو ئي نور ۽ حق آهين “اناالحق” – سوهم (سو مان آهيان)
هاڻي اسان کي اصل روحانيت جو سار ۽ تت سمجھڻو پوندو ته بندو ڪيئن خدا، عبد ڪيئن معبود يا هم اوست، سنسڪرت ۾ چون تتو مسي (تون اهو آهين) يا تت توم اسي – تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ سولي ٻوليءَ ۾ چوان ته خودي ختم ڪري جڏهن بندو اسمِ اعظم يا بانگ آسماني ۽ ڪلمي الاهيءَ ۾، جو سندس اندر وڄي رهيو آهي، پاڻ گڏي ٿو ته عشق جو سفر، طلب جي تام ۽ اندر جي اُڃ اُجھي ٿي.
“اندر جني اُڃ، پاڻي اڃو تن کي.”

“تن ۾ تونس پرين جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪيان، ته سرڪيائي نه ٿئي.”

اهي لطيفي اشارا، ان اُڃ جو ذڪر ڪن ٿا جا ان انهد شبد ۽ ڪلمي الاهي جو اندر خود به خود وڄي رهيو آهي. پرينءَ کي پائڻ جي پياس ئي روح جي اُڃ آهي، جا پرين ملڻ بنا نٿي اُجهي ۽ جيءُ نٿو ڍاپجي سگهجي.
ته اهو آهي آتما جو پرماتما ۾ سمائجڻ، قطري جو دريا ۾ ڪرڻ، ته پوءِ قطرو گم، دريا باقي، ته بندي جي فنا بعد الله باقي يا باقي باالله چئبو، پر بندو الله نه چئبو. اها تصحيح ضرور ڪرڻ گهرجي ته ڪفر جون ڪنگريون ۽ اجائي فتوائون ڊهي پٽ پونديون.
ته اهڙي ميلاپ جي طلب ئي اصل جنت آهي، جنهن لاءِ لطيف سرڪار چيو:
“رڳون ٿيون رباب وڄن ويل سڀڪنهين.”

سچل سائين چيو:
“وسريو روزو، ناهي ياد نماز مونکي،
ڪيڙو مست پرينءَ جي، ناز مونکي.”

“ته ويدن جو ويچار سو سنڌيءَ ۾ سڻايو” جي دعوا ڪندڙ سامي واقعي ئي ويدن جو پورو وستار سليو آهي، روحانيت جي ڪنجي ڏئي، اهو آتم گيان يا پاڻ سڃاڻڻ جو علم، جنهن ڄاڻڻ بعد ڪجھ ڄاڻڻ باقي نٿو رهي، جو ئي دين ڌرم جو حاصل آهي، ماڳ آهي ۽ منزل آهي، رب پائڻ جو نسخو آهي. مرزا قليچ چيو:
دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو؟
آخر مليو نه رب هڪ، ٻيو سڀ مليو ته ڇا ٿيو؟
اهو آهي الله آپ بڻيجي جو رستو. سامي چئي ٿو:
“سامي سڀ ۾ سار، جن ڄاتو آتم تت،
رکي نه من ممت، ڄاڻي روپ سڀ تنهنجا.”

“جيڏانهن ڪيان پرک تيڏانهن صاحب سامهون” واري لطيفي واٽ سامي هيئن صحيح ڪئي:
پاري ۾ پاڻي تيئن وياپڪ (موجود) وسي وس ۾.
نانا روپ رچي ڪري، سيک لکائن سار،
چيٽي (ڪِئلي) ۽ ڪنچر (هاٿي) ۾، اٿي اونڪار (الله)،
ساکي اکٽ ڀنڊار، ڪن ڀاڳ ڀرين ڀاڱي پيو.

ته اچو ته تفصيل سان ان روحاني سائنس کي سمجهون:
حيرت آئون هاسو، اچي هڪ اچرج تي،
سائي ڦولهي آتما، کنڊ کي پتاشو،
ڳهڻو ڍونڍي سون کي، مٽيءَ کي ڪاسو،
پاڻي پياسو، سامي رهي نت نير جو.

مٿين شعر ۾ جنس پنهنجي اصل کي پئي ڳولي، پتاشو کنڊ کي، ڳهڻو سون کي ڳولي ٿو، تيئن هيءَ آتما يعني روح پنهنجي اصل پَرماتما يعني پنهنجي خالق کي ويٺي ڳولي. ماڻهوءَ جي اصل اشانت ۽ بي سڪوني گهڻي ڀاڱي انهيءَ ڪارڻ آهي ته هو پاڻ کي صرف جسم سمجهي، جسم جي ئي پالنا جا جتن ڪري ٿو، کيس سٺا کاڌا ۽ سهڻيون پوشاڪون پهرائي ٿو. هار سينگار، عطر عنبير ۽ ٺٺ ٺانگر فقط جسم لاءِ، جنسيات جا مزا ۽ تفريح، سڄي دنيا جا سير ۽ مال ملڪيت ۽ عياشيءَ جا سمورا سامان رڳو جسم لاءِ – روح ته جهڙوڪر آهي ئي ڪونه – ته پوءِ سڄي هڻ هڻان بعد، اڪيلائي پلئه پوي ٿي، ان ۾ ويڳاڻو ۽ موڳو ٿي، هيءُ جيءُ اداس ٿيو پوي ته آخر مونکي ڇا گهرجي؟ ڪهڙي اڻپورائي آهي؟ ڇا کٽي ٿو آخر؟ سڀ ڪجھ هوندي به من ۾ خوشي ۽ اندر ۾ آرام ڇو ڪونهي؟ ٻيو ڀلا ڇا ڪريان جو پورڻتا ۽ تڪميل جو احساس ٿئي؟ اصل خوشي ۽ سچو آنند پلئه پوي؟ آخر ڇا؟ ته اهو آهي اندر جو سچ ته روح اڃارو آهي، بکيو آهي، ويڳاڻو آهي، وهلور ٿو وڃي، پر پاڻ کي خبر ئي ڪانهي. ان کي وري ڇا گهرجي؟ ڇا کائيندو ۽ چا پيئندو ۽ ڪيئن ڍاپبو؟ ان جا جواب روحانيت جي سائنس ڏيندي جا پاڻ اطلاق سائنس آهي ۽ جنهن کي پاڻ نقد مذهب چئون. هونئن مذهب جنت دوزخ جي تخيل سان، مئي پُڄاڻان معاوضو ڏيندڙ، اوڌر وارو مذهب آهي. آرام مادي آسائشي شين مان ملي ٿو پر سڪون غير مادي روحاني آهي جو فقط پيار مان پائي سگهجي ٿو. پر ماڻهو پئسي ۽ مادي شين ۾ سڪون ڳولي اڻاسا ٿيو پون. سڪون ياد ۾ سار ذڪر ۾ ۽ سمرن جي روحانيت ۾ آهي باقي جسماني مزا ۽ آرام ته بنهه عارضي ۽ کن پل لاءِ ئي اچي وڌيڪ بي آرامي، اُڃو ۽ اڻاسا ڪيو ڇڏن. هي سچ سمجھڻو پوندو.

