تصوف

صوفي لاڪوفي

تصوف، تصورِ الوهيت؛ شاهه لطيف ۽ صوفين کي سمجھڻ لاءِ لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر ڪي ايس ناگپال آهي. مهاڳ ۾ امر جليل لکي ٿو:
”اسين اندران پنهنجي وجود ۾ صوفي ٿيندا آهيون، تصوف جا در تڏهن کلندا آهن جڏهن اسين باطني حسد، ساڙ، نفرت، ڪروڌ، ڪاوڙ، لالچ ۽ بدلي جي ڀاونائن کان آجا ٿيندا آهيون. جڏهن اسين پاڻ کي اتم ۽ اعليٰ سمجهڻ جي خوشفهمي مان آزاد ڪندا آهيون، تڏهن انسان جي ذهن مان ڀيد ڀاؤ نڪري ويندا آهن.“
Title Cover of book صوفي لاڪوفي

شاهه جي شاعري ۾ ڏک جو ڪارج

سڄي ڪائنات تي ڏک آسمان وانگر ڇانيل آهي. انسان جو انسان سان پڪو رشتو ڏک جو آهي. ڳوڙهن جي ٻولي سڄي دنيا ۾ سمجھي وڃي ٿي، جو سور سڀ جا سانجھا آهن. خوشي ته وقتي آهي ۽ ڦرڪري اڏامي وڃي ٿي پر سور سدا جا آهن، جي ڄمڻ سان شروع ٿين ٿا ۽ موت تائين ساٿ نڀائن ٿا. يعني ڄمڻ به سور ۽ مرڻ به سور باقي وچين وٿي به سورن جا باب جنهن سان حياتي جو ڪتاب ڀريو پيو آهي، سک ته ڪڏهن ڪاما وانگر ڪٿي ڏنل آهن نه ته دک تي ئي فل اسٽاپ آهي.
“مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن مون وٽ وٿاڻان” ته لطيف سائين وٽ ڏکن جا انبار آهن. هون ته اڳ گوتم ٻڌ به اعلان ڪيو “سروم دکم دکم” ۾ گرو نانڪ ديو چيو “ نانڪ دکيا سڀ سنسار” ۽ بابا فريد گنج شڪر چيو “مين جاڻيا دک مجھ ڪو، دک سبائي جگ، اُچي چڙهه ڪي ويکيا تان گهر گهرايها اگِ.
پر سائين سرڪار جي شاعري ۾ ڏک ڪمال تي آهن، ڏکن جو ڪارج آهي اجرو ڪرڻ، صاف ڪرڻ ۽ نجس جو نکرڻ! جيئن پرين پسي سگهجي جو اهو ته مڃيل مقولو آهي.
“پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکڙيون
جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.”

انگريزي ادب ۾ يونان جي ارسطو اهو ٻڌايو ته ڏکن وارا ڊراما يا غمگين فلمون پنهنجي کيسي مان پيسا ڪڍي ڇو ڏسندا آهيون، اتي روئندا به آهيون ته آخر ڇو؟ جو ان ڏکن ۽ محرومين وارن ڪردارن سان اسان ۾ همدردي ۽ رحم جا جذبا پيدا ٿين ٿا. اهي ڪردار اسان ۾ Empathy ذريعي ڪهل، قياس ۽ ترس پيدا ڪن ٿا جي بيشڪ اعليٰ جذبا ۽ انساني اقدار جي عظمت آهن ته جيئن ماڻهو معاف ڪرڻ ۽ ڏيڻ جي اعليٰ عهدي تي پهچي. ان کي ادبي ٻولي ۾ Catharses چئجي ٿو. جنهن جي معنيٰ آهي ڌوئي اجرو ڪرڻ، جيئن مون مٿي بيت ڏنو ته پاٺيون جان نه ڪجن روئي ڌوئي اکڙيون، ته ان ئي تصور کي کڻي شاهه سائين جو سٽاءُ پڙهجي ٿو.
“ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ري” يا “سو سکن ڏيئي، ورهه وهايم هڪڙو” گرو نانڪ جو آواز ٿو اچي:
دک دارون سک روگ ڀيا
جان سک تام نه هوئي.

ته ڏکن ۾ ئي طلب وڌي ٿي سک ته مورڳو هڏئي ڀڃيو ڇڏين. آرسي، اڻاسو ۽ نڪمو ڪيو ڇڏين ۽ سورن جاڳائي سمئي.
سور مَ وڃيجا سڄڻ جيئن سانگ ويا
پرين پڄاڻان آءُ اوهان سين گهاريان.

3. زندگي مسلسل سور آهي، خوشي آهي ڏک جي غير موجودگي، جا بنهه ايتري ٿوري آهي جو نه برابر، ارسطو ماڻهو کي هوشيار ڪيو آهي ته: وس ڪري ان سور ۽ عذاب کان پاڻ کي بچائي، جيتري ڄمار وڏي، اوتري سورن جي ڀري ڳري، جوانن کي ڪهڙي خبر ته تمنائن جي ٽٽڻ جو انذاءُ ڪيڏو ڏاريندڙ آهي؟ آرزوئن جو اڌورو رهڻ سان، جيءَ ڪيئن ڀڃي ڀُري ٿو، خواهشن جو اُڃو رهڻ ڪيڏو نه تڪليف دهه آهي، جنهن سان زندگي بي معنيٰ ٿيو پوي، جيءَ اڻاسو ويڳاڻو ۽ اٻاڻڪو ٿيو پوي، زندگي زهر ۽ موت ماکي ٿو لڳي پر اها مايوسي گناهه آهي، زندگي درد سان اٽڪڻ، مهاڏو ڏئي وڙهڻ جو نالو آهي. ڏکن جي ڀلاري پاسي کي ڏسڻو آهي. ياد آهي Uses of Adversity ۾ پڙهيو هوسين ته ڏيئي جي وٽ ۾ ڪاربان جو قهر ڪري ٿو تنهن کي ڪٽي، وري تيز توانو ڪجي ٿو. اهو ڪٽڻ وارو ڏک سک آهي. پينسل لکندي لکندي اکر ٿلها ۽ اڍنگا ڪيو ڇڏي، وري شارپنر ۾ وجھي سانچي ۾ گهڙڻ جو درد کيس سُهڻو ۽ خوشنما ڪيو ڇڏي، شاهه سائين به ايڏو اوچو ماڻ ڏنو آهي ڏکن کي، سورن ئي واٽ سڻائي ڪئي. پهاڙن جو پنڌ پيرن کي ڦٽي رکي ٿو پر هڪ اٻلا ناري سسئي کي ڇا ته پنجن ئي داستانن ۾ معراج ڏني آهي. للڪار ٿي ڪري.
اڳيان ٽڪرَ ٽرُ، متان روهه رتيون ٿئين.

آهي ڪو اهڙو ٻيو انداز، ڪو دلاسو ڏيندڙ آواز؟ جهڙو هي سسئيءَ جو سور تي فتح پائڻ، آءُ ڪجھ بيت ڏيان ٿو جيڪي پنهنجي سمجهاڻي پاڻ آهن، بس پُرجھو!
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرينءَ جو،
سونهائي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
(حسيني 6)

ڏيهاڻي ڏمر ڪري، مٿي محبت مون
تنهنکي اچي تون، پريم! ڪوُه نه پَليين.
(سهڻي)

ڏونگر ڏکوئيون، تو ۾ اورڻ آئيون
جي اچن ڦوڙائيون، ڏجن دلاسا تن کي.
(ڪوهياري)

ڏکوين اهڃاڻ، ڪلهي ڦاٽو ڪنجَرو
وڃن گوندر گڏيون، لوڪَ نه آڇن پاڻ
سورن اسان ساڻ، ننڍي ئي نينهن ڪيو.
(حسيني 12)

ڏکيءَ ڏمر ناهه، بُکي کِل نه اُڄهي
اگهاڙيءَ وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.
(معذوري 2)
ڏکيءَ ڏورڻ پاڻ، تي ويچاريءَ وڌو
ڏيل جنهنجو ڏک سين سڀوئي سڌو
هيڙس اڳ لڌو، پوءِ ٿي ڪري پنڌڙا.
(معذوري 5)
ڏکي! ڏک وسار، سيڄ ڦٽي ڪر سسئي
پٽين پير نهار، ته آرياڻي اُتان لهين.
(معذوري 6)
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري
جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.
(سسئي 6)

شاهه اسان کي ڪهڙو نه سبق سٺو سيکاري ٿو، جي ڪو سمجھي!
سکين ٿي مَ سنري، پسي ڏک مَ ڏر
پٽي ڪر مَ پنهنجو گهوري! اڏِ مَ گهر
ماري! هڏ مَ مَرُ مڇڻ جيءُ جيارئين.
(سسئي آبري 1)

ته نه سکن ۾ ڦونڊجي ۽ نه ڏکن کان ڊڄجي، نه جيجي نه مرجي. ان پيروليءَ کي جو پروڙي سو سڏ سُڻي ساهڙ جا، هنن ڏکن جي دنيا مان پار پوڻ جو هيلو به اتي سيکاري پيو.
هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون
ساجن، سونهن، سرت، وکان ئي ويجھو گهڻو.

ڏکن دردن ۽ سورن کان نه سهمجي. اهي ته اڳتي ڌڪڻ لئه چهبڪ آهن، بس هي رمز رکو، جو وکان وترو ٿي هلندا رهو، سڀ ملي ويندو. ڇا ته هي بيت ۽ انجو دلاسو آ:
پسي ڏونگر ڏاه! جم هلڻ ۾ هيڻي وهين
لانچي لڪ لطيف چئي، پٺيءَ ڪيچن ڪاه
پڇي پورج سسئي! بلوچاڻي باه
ان وڙائتي ورجي، آسر هڏ مَ لاهه
جو اکنئون اوڏو آه، سو پرين پرانهون مَ چئو.

واهه واهه، جو اکين ۾ اٽڪيل، دل ۾ ڌڙڪي پيو، تنهن کي پرانهون ڪيئن ٿا ڀانئيو، معنيٰ جاڏي ڪڍو ته به واه واه! پر هئي اهڃاڻ سڻائو!
وري پڇ ويٺين کي، سندا پنهونءَ پار
ساڄن سڀ ڄمار، ڏکي! ڏورج ڏيل ۾.

اها درد جي دانهن دل ۾ ورائي ڏکي پنهنجي ڏيل ۾ ڳولهه پر دير نه ڪَر! حاصل ڪر حال کي، هي صوفن جو حال وجود جو وجدان آهي، ان ڏکيءَ ڪيفيت ۾ رهڻ کي حال جو حاصل چئبو آهي. آهي رڳو سور سان ياري، ڦوڙائي فراق جي ڏکن ۾ جالڻ جا جتن، ويندي مرڻ کي پيا سڏ ڪن.
مرڻ مون سين آءَ ته پٺيءَ لڳي تو پنڌ ڪيان
يا
اڄ آديسي مَرُ، سڀان مرندي سڀڪا

۽ چيائون ته:
فردا منڌ ڦٽي ڪئي، نقد کنيو نار
هي جا واڳ ولهيءَ جي، ويرم ڏي مَ وار
جانڪي مٺيءَ مار، جانڪي ميڙ مُٺيءَ کي.

سڀاڻ نه ايندو ۽ منڌ (عورت) حال ۾ هَلُ ويرم نه وار ۽ ڪهڙي مٺي ٻوليءَ ۾ شاهه سائين چئي ٿو ته هن ڏکي مُٺي کي يا ته مار، يا وري پاڻ سان ملاءِ، ته درد جو درياهه جھاڳڻ آهي، سورن ۾ سڪڻ آهي جو:
سڪڻ ۽ سوري، اکر مڙيئي هيڪڙو
ٻنهي جي پوري، جيءَ ڏني ريء نه ٿئي.

هونءَ به نينهن جو شينهن ته کائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي، پريتڻو ته مريتڻو آهي، مرڻ جو ماڳ آهي، سورن ڏکن کان به اڳتي:
سوريءَ سڏ ڪيو، ڪا هلندي جيڏيون
وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.
يا
عشق نه آهي راند جو ڪنس ڪي ڳڀرو
جيءَ جسي ۽ جان جي ڀڃي جو هيڪاند
سِسِي نيزي پاند اُڇل ته ٻه اڌ ٿئي.

ساڳي ڳالهه ڀڳت ڪبير ۽ گرو نانڪ جي به ڪئي.
يه تو گهر هئه پريم ڪا، خاله ڪا گهر نانهه
سيس اتاري ڀونءَ ڌري، تو بيٺي ڇپت مانهه.
(ڪبيرداس)
جي تينون عشق کيلڻ دا چاءُ
سر ڌر تلي، تي گلي ميري آءُ
ات مارگ پير ڌريجي، سرديجي ڪاڻ نه ڪيجي.
(گرو نانڪ صاحب)
ته سورن جي سٽ ۽ درد اهنج ايذاءَ عذاب جا اورڻ آهن عشق جا ماڳ، جو گرو ٿو چئي سَر تِريءَ تي رک ۽ پوءِ هن ڳلي ۾ اَچُ، ته اچو ته سورن واريون ڪريون سور پچار. ته سور پچار ڪرڻ جو سڏ، ڏکن جي ڏيهه هلو ۽ اڻ ٿڪيا اورچا هلندا رهو.
جني سُک نانهه ڪو، چارڻ سي چئجن
رڃن راهه پڇن، مٿن ڪلهي ڪينرا.

ڇا ته رومانس آهي چارڻ ۾! ڪو سک نه پر راهه رڃن ۾ پيا پڇن! وڃائجڻ ۾ مزو ۽ پڄرڻ سان پيار.
سورائتي سڏ ڪر، سڏ ڪري سورن کي
سورن ڀڳس هڏ، سي پڻ سيڪي سور سين.

کامان پچان پڄران، لڇان ۽ لوچيان
تن ۾ تؤنس پرين، جي پيان نه ڍاپان
جي سمنڊ منهن ڪيان، ته سرڪيائي نه ٿئي.

ته اچو هاڻي وارو ڪيو “پچڻ گهڻان پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ. جو ڏس مرشد ڏئي ٿو پر سک نه طلبيو جي وارننگ سان.
سکن واري سڌ، متان ڪا مون سين ڪري،
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.

سدا آباد رهو اندر ۾ اڌ ٿيل!!

