• ذهين شاگردياڻي
ساڻس ٻي ملاقات مسز ڪمال ڄامڙي جي حيثيت سان ٿي.هوءَ اسان جي گهر آيل هئي. ڳالهين ڪندي هن جي ذهانت جو اندازو لڳائڻ ۾ دير نه لڳي. پُڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته نه فقط ايم. اي اڪنامڪس پر سندس سنڌي ادب ۾ پڻ ماسٽرز ڪيل آهي ۽ اڳتي ايم. فل/ پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
پوءِ ٽئين ملاقات ائين ٿي جو، وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ايم.فل/ پي ايڇ- ڊي جي شاگردياڻيءَ جي حيثيت سان اچي منهنجي ڪلاس ۾ ويٺي. چمڪندڙ اکين ۽ ذهين چهري واري عابده جلد ئي هڪ سٺيءَ شاگردياڻيءَ جي روپ ۾ منهنجي اڳيان آئي.
عابده نه فقط هڪ سٺي شاگردياڻي آهي پر هوءَ هڪ سٺي ڪهاڻيڪار به آهي. پنهنجين ڪهاڻين جي ذريعي زندگيءَ جي حقيقتن، سماج جي مسئلن ۽ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين کي نهايت سهڻي نموني واضح ڪري ٿي.
عابده جي ٻاراڻي وهيءَ کان وٺي هن وقت تائين ادبي دنيا سان وابستگي هلندي آئي آهي. پڙهيل لکيل ماحول ۾ شعور سنڀالڻ کان پوءِ گهر ۾ موجود ڪتابن جو جهجهو مطالعو ڪندي رهي. پڙهڻ جي عادت ايتري پختي ٿي ويس جو گهر ۾ ايندڙ سودي سامان جي پُڙين کي به کولي پڙهڻ لڳي.
کيس پڙهڻ جي شوق، لکڻ ڏانهن راغب ڪيو ۽ ٻنهي شوقن گڏجي ريڊيو جي ڪمپئرنگ ۽ عوامي آواز جي صفحي سورميءَ جي سنڀالڻ تائين پهچائي ڇڏيو. جتي لکڻ ۽ پڙهڻ سان گڏوگڏ ڳالهائڻ جو شوق پورو ٿيندو رهيس.
احساس جي اظهار کي ذريعو گهرجي، جيڪو عابده کي حاصل ٿيندو رهيو. هن اخبار ”عوامي آواز“ ۾ عورتن جي صفحي ”سورمي“ جي سنڀال به ڪئي ته عورتن جي مختلف مسئلن تي پنهنجن خيالن جو اظهار به ڪيو. عابده تمام گهڻيءَ محنت سان لاڳيتو ٻارنهن سال، ”سورمي“ کي سنڀاليو. هن جي محنت ۽ ڪوششن سان عورتن جي حقن جي حمايت ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو. هن پاڻ به ان طويل عرصي ۾ مختلف موضوعن تي ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا، جيڪي پڻ سماجي حقيقتن سان ملندڙ جلندڙ هئا.
عابده جون مختلف وقتن۾ ڇپيل ڪهاڻيون، اڄ مجموعي جي صورت ۾ اوهان جي هٿن ۾ آهن. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ سان ائين پيو لڳي ته عورت هر دؤر ۾ مسئلن جو شڪار رهي آهي. جهڙا مسئلا هن لاءِ ڪالهه هئا ساڳيائي اڄ به آهن. اڄ به عابده انهن ڪهاڻين جي ذريعي مسئلن کي اسان جي آڏو رکي ٿي ۽ سوال ڪري ٿي ته آخر اهي سماجي ناانصافيون ڪڏهن ختم ٿينديون؟
هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون مون غور سان پڙهيون آهن.”اَلا ڏاهي مَ ٿيان“، ”تخليق جو انت“، ”ماءُ جي محبت جو شڪار هڪ ناري“، ”غيرتي ڀاءُ“، ”مڙس جوکيسو“ ۽ ”ليکڪا“ وغيره اهي سڀ ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي موضوع جي حوالي سان هڪ نئين روپ ۾ آهن. انهن ڪهاڻين جو هر مسئلو اسان جي سماج جو مسئلو آهي. هر ڪردار اسان جي اڳيان پٺيان جيئرو جاڳندو پيو گهمي. مثلاً ”الا ڏاهي مَ ٿيان“ جي صفيه کي گهر جو سُڪون حاصل ڪرڻ لاءِ وري وري بي اعتباريءَ جي ’پل صراط‘ تان گذرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ به سماجي دوکي بازيءَ تي قربان ٿي وڃي ٿي.
اسان جي سماج ۾ نياڻيءَ کي جنم ڏيڻ لاءِ هميشه عورت کي قصور وار بڻايو ۽ سمجهيو ويندو رهيو آهي. جهالت واري دؤر کان وٺي اڄ جي ايڪهين صديءَ جي روشن ماحول ۾ به ساڳيو ئي دستور هلندو پيو اچي. ”تخليق جو انت“ ۾ عابده ان ئي مسئلي کي موضوع بڻائيندي عورت جي مجبوريءَ کي زندگيءَ جي ڪينواس تي جيئري جاڳندي انداز ۾ سوال ڪيو آهي ته ڇا واقعي نياڻيءَ کي جنم ڏيڻ ايڏو وڏو ڏوهه آهي؟
دنيا جي وڏن وڏن اديبن ۽ شاعرن ”عورت“ جي ساراهه ڪندي مختلف خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪڏهن هن کي سونهن جي ديوي چيو ويو ته ڪڏهن وفا جو مجسمو، ڪڏهن دوکي باز چيو ويو ته ڪڏهن دغا باز به ڪوٺيو ويو، ڪڏهن نوريءَ جي نياز کي ساراهيو ويو ته ڪڏهن مومل جي ناز کي پر اڪثر ڪري عورت جي مٿان جيڪا وڏي تهمت لڳايل آهي، سا آهي دولت جي چاهت. ان حوالي سان هن جي مٿان مڙس جي کيسي تي نظر رکڻ جو ڏوهه به رکيل آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح ئي عابده جي ڪهاڻيءَ جو موضوع به آهي”مڙس جوکيسو“.
وڌيڪ ڪنهن راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ ۾ ڏسو ته هن ڪهاڻيءَ ۾ عورت ويچاريءَ مڙس جي کيسي تي ڪهڙي نظر رکي آهي ؛ ”مان مڙس جي کيسي ڪتر ڪڏهن به نه ڪئي آهي. کيسي ۾ ڪجهه رکانس ته ڪترڻ جو به سوچيان نه؟ ويچارو سڄي ڪمائي آڻي مون کي ڏئي. خرچ به پاڻ هلايان، سو سموري ”ڪٽنگ فٽنگ “ اُتان ڪيان ڇا؟ هميشه سياڻي حڪومت وانگر بجيٽ خساري جي پيش ڪندي آهيان... ڀائوءَ جو کيسو به ته ڀرڻو آهي، نه ته مڙس چوندو تنهنجو ڀاءُ ڀينگيو آ... جڏهن اديءَ وارن جي فرج سڙي وئي هئي ته اسان واري فرج کڻائي ويا هئا. مون چيو ڪا ڳالهه ڪانهي! جهڙو اهو گهر تهڙو هيءُ ... مٿان بک به تپايو هئو هاڻي ڀينرون به گڏ هيون سو جهڙو تهڙو کائڻ به خراب پئي لڳو، سو ٽيڪسي ڪري وياسين باربي ڪيو . ايڏو مزو آيو... هر مهيني وڌيڪ نه ته هڪ ٻه دفعا ئي ضرور سموريءَ فيمليءَ کي ڊنر اتي ڪرائيندم. دل ۾ سوچيم ته بس هڪ ٻه دفعا ئي ڪافي آهي. آخر مڙس جي کيسي جو به ته خيال رکڻو آهي نه...“
مٿئين ڪهاڻين وانگر عابده جون ٻيون ڪهاڻيون به پنهنجي اندر هڪ پيغام رکن ٿيون. هنن ۾ مقصديت به آهي ته مزاح به آهي. سنجيدگي به آهي ته طنز به آهي . مطلب ته پنهنجيءَ سوچ کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي هڪ ڪامياب ڪوشش اٿس.
پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسي
اڳوڻي چيئر پرسن
سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي