11. تخليق جو انت
چئن پنجن ڪلاڪن کان پوءِ کيس مختلف آواز ڪنن تي ٽڪرايا، ڪجهه اميدن ڀريا، ڪجهه مايوسين ڀريا. هن ٻڌو سندس سس چئي رهي هئي “مان ته وڃان ٿي ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان، پنهنجيءَ کي پاڻ سنڀاليو، منهنجو من نه لڳندو مون کي ته پوٽو پيو کپي، هيءَ هيڏيون ساريون پريشانيون ڏئي ڌيءُ ڄڻي ويهي رهي آهي. ماڻس کي چويس ته پاڻ وٽ وٺي وڃينس. اسين ماڻهن کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين. سيما کي اهي لفظ ڪنن ۾ هٿوڙا ٿي لڳي رهيا هئا. کيس اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سندس پياريءَ مٿان اول گهول ويندڙ سس اهي جملا ڪنهن کي چئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هو نيم بيهوش هئي. کيس هوش ۾ ايندي سڀ چپ ٿا ٿي وڃن. ايتري ۾ ڀيڻس ڪنن ۾ اچي سرڀاٽ ڪري ٿي “سيما... مبارڪ هجيئي .... توکي ڌيءَ ڄائي آهي .... يقين ڪر ڏاڍي پياري آهي..... بلڪل تو وانگر.... “هوءَ خوش ٿئي يا رنج؟ اهو فيصلو ڪري ڪين پئي سگهي، اڇا چئي اکيون پوري ڇڏيائين. ڇاڪاڻ ته هوءَ سمجهي پئي ته سندس ڌيءَ کي ڇا ملندو؟ اهو ڪجهه جيڪو کيس مليو؟ سندس مڙس پهريان کان وارننگ ڏئي چڪو هو ته “هاڻي کيس پٽ کپي“ ڇاڪاڻ ته پهرين زال مان کيس ڇهه ڌيئر هيون ۽ هاڻي هُن ٻي شادي سيما سان پٽ جي خواهش ۾ ڪئي آهي.
سيما جو مڙس سکيو ستابو ماڻهو هو. سيما جي مائٽن سندس اسٽيٽس ڏسي کيس سڱ ڏنو هو. ڄڻ کيس خدا سرٽيفڪيٽ ڏنو هو ته سيما پٽ ڄڻيندي سو هن سيما کي ان اوڙاهه ۾ اڇلايو هئو. هوڏانهن سيما جو مڙس جيڪو پنهنجي پهرين زال مان ڇهن ڌيئرن ڄمڻ ڪري بيزار ٿي پيو هئو، ان هيءَ ٻي شادي گهٽ پر پٽ ڄڻڻ جي لاءِ هڪ پروجيڪٽ سائن ڪيو هئو. مٿان سيما کي اهو الٽيميٽم ته پٽ نه ڄڻڻ جي صورت ۾ هوءَ مائٽن وٽ ويندي. بلڪل ايئن جيئن پروجيڪٽ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ملازمن کي گهر موڪليو ويندو آهي.
سيما سوچي پئي ته ڇا هن پڙهيل ڳڙهيل سماج ۾ به عورت جي اها حيثيت وڃي رهي آهي ته هوءَ صرف پٽ ڄمڻ جي صورت ۾ قبولي ويندي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ماسترياڻيءَ جي خودڪشيءَ جي خبر پڙهي هئائين جنهن پنجين ڌيءَ ڄڻڻ تي آپگهاتي ڪوشش ڪئي هئي. هوءَ سوچي ٿي ته ڇا پڙهيل عورتون به پنهنجا حق نه ٿيون وٺي سگهن؟ مردن لاءِ هڪ کان وڌيڪ زالون، عورتون رکڻ بيعزتي جي ڳالهه ناهي پر هڪ کان وڌيڪ ڌيئر هنن لاءِ مصيبت بڻجي وڃن ٿيون؟ اسين ڪهڙا مسلمان آهيون. نياڻيءَ جي ڄمڻ تي ارها ٿا ٿيون؟ اسان جو مذهب انقلابي ان ڪري ٿو سڏائي جو ان سڀ کان اڳ عورتن جي حيثيت ۽ اهميت تسليم ڪئي ۽ الله پاڪ پنهنجي پياري پيغمبرﷺ کي ان ڪري چار نياڻيون عطا ڪيون جو ان زماني ۾ ڇوڪريءَ جو ڄمڻ ذلت جي نشاني سمجهيو ويندو هئو ۽ الله پاڪ پنهنجي نبيﷺ کي نياڻيون بخشي اهو واضح ڪرڻ چاهيو ته ان پاڪ پيغمبر جي پوئواري ڪندڙ امت به نياڻين جي اهميت ۽ حيثيت کي تسليم ڪري. ان ڪري ئي نياڻيءَ کي الله جي رحمت چيو ويو. پر اسين؟ اسين ڇا آهيون؟ يا ته اسين مسلمان نه آهيون؟ يا وري اسين عربن کان به غير مهذب ۽ غير شعور آهيون ڇاڪاڻ ته چوڏهن سئو سالن کان مذهب اسان جي دماغ مان نياڻيءَ جي ڄم تي ارهائي ڪڍي نه سگهيو آهي ۽ هيءُ ترقي تحقيق ۽ ايجادن وارو دور به کيس يا ٻين معصوم نينگرين کي بچائي نه ٿو سگهي. سيما سوچي ٿي ته جيڪو ڪجهه هن سٺو آهي ڇا سندس ڌيءَ به اهو ئي سڄي زندگي ڀوڳيندي؟... هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي اهو سڀ ڪجهه ڀوڳڻ لاءِ جيئرو نه ڇڏيندي؟ هوءَ ته معصوم نياڻي آهي جنهن کي پيءُ پنهنجو نه ڪندو؟ ان کي معاشرو ڇا ڏيندو؟ سندس ذهن ۾ خوفناڪ قسم جا خيال اڀرن ٿا.... نه مان پنهنجي ڌيءَ کي اهو ڪجهه برداشت ڪرڻ نه ڏيندم .... سوچن ۾ آنڌ مانڌ ...... خود سندس چهري تي پگهر جي ڦڙي جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. “ڊاڪٽر چئي وئي آهي ته ٻار کي پهرين ٿڃ ڏيڻ ضروري آهي... ڀيڻس جو آواز ڪنن تي پئيس ٿو ۽ هوءَ ڪنجهندي ڪنجهندي ڀيڻ کي نئين ڄاول ٻارڙي کي ڀرسان سمهارڻ لاءِ چوي ٿي. ”ننڍڙي کي منهنجي ڀرسان سمهار ته کير پياريانس“ ڀيڻس ٻارڙيءَ کي بستري تي سمهاري سندس وات سيما جي ڇاتيءَ جي ڀرسان جهلي ٿي، سندس اکين ۾ لڙڪ آهن. ڀيڻ منهنجي تخليق ڪيڏي نه سهڻي آهي؟ ڏس اکيون پٽي ڪيئن ٿي ڏسي. ڀيڻ کلي چويس ٿي ته: ها! جيتوڻيڪ سڀ ٻار ڄمندي ئي اکيون نه پٽيندا آهن ۽ هيءَ لڳي ٿو ته وڏي ٿي کليل اکين ۽ دماغ سان دنيا کي ڏسندي ۽ پنهنجي ڪارنامن سان ماڻهن کي دنگ ڪري ڇڏيندي!
ها... جڏهن وڏي ٿئي نه؟.... سيما ڪنبندڙ آواز ۾ جواب ڏيس ٿي ۽ سندس چهرو موت جي خوف کان ڦڪو ٿيندو پيو وڃي. ڀيڻس ڇرڪي کيس ڏسي ٿي ”ڇا مطلب جڏهن وڏي ٿئي جو؟“ ڪجهه نه ڀيڻ ايئن ئي ٿي چوان جو هاڻي ته ننڍڙي آهي ته جڏهن وڏي ٿئي ته ڏٺو ويندو. سيما جو منهن مسلسل هيڊو ٿيندو پئي ويو. ڀيڻس سندس طبيعت خراب ٿيندي ڏسي چويس ٿي ته سيما مون کي لڳي ٿو ته تنهنجي طبيعت خراب پئي ٿيندي وڃي. ترس ته مان ڊاڪٽر کي ٿي سڏي اچان. ايئن چئي هوءَ ڪمري مان نڪري وڃي ٿي. سيما جيڪا ننڍڙيءَ کي کير ڌارائي رهي هئي، سا پاڻ آپريشن ٿيڻ ڪري چرڻ پرڻ کان لاچار هئي. ڀيڻس سندس اوچتي بگڙجندڙ طبيعت تي ڏاڍي پريشان ٿي وئي. گهر وارا ته هونئن ئي سڀ گهر هليا ويا هئا. ڀيڻس وائڙن وانگر ڊاڪٽر کي ڳولهڻ وئي جو کائنس ننڍڙي ٻارڙي سيما جي ڇاتيءَ کان الڳ ڪرڻ وسري وئي. سيما لاءِ ڄڻ ته سولائي ٿي پئي. هن ٻارڙيءَ کي ٻانهن سان ڀڪوڙي ڪڇ ۾ بند ڪري ڇڏيو. ٻارڙي ڦٿڪڻ ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪرڻ لڳي، پر نيم بيهوش سيما جي ٻانهن سندس منهن تان نه هٽي. ان ساڳي ئي ٻانهن ۾ ڪينولا پاس ٿيل هوس. جنهن جو ٻيو ڇيڙو مٿي ڊرپ اسٽينڊ ۾ ٽنگيل رت جي بوتل ۾ لڳل هو. سيما جي منهن تي موت جو خوف ۽ ٻانهن ۾ سختي وڌندا ويا. ننڍڙيءَ جون رڙيون سندس خوف وڌائي رهيون هيون، نه ڄاڻ ڪهڙيءَ مهل رت جي بوتل واري سئي ڪينولا مان نڪري بيڊ جي ٻانهينءَ تي لڙڪي پئي... ۽ سيما جي جسم ۾ ڪينولا رستي ويندڙ رت ابتو وهڻ شروع ٿي ويو....سيما جي ڀيڻ ڊاڪٽر کي ڳولهڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي رهي. پر شفٽ مٽجڻ ڪري ڪو به ڊاڪٽر کيس نظر نه پئي آيو، يا سمجهه ۾ نه پيو اچيس ته ڪنهن کي چوي. نيٺ ڏاڍي ڳولا کانپوءِ هڪ هائوس ڊاڪٽر نظر آيس کيس تڪڙو اچڻ لاءِ چئي پاڻ پريشانيءَ ۾ سيما ڏانهن وٺي ڀڳي پر جيئن ئي ڪمري ۾ گهڙي ته سندس پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏائجي وئي. ڪمري جو منظر هنيانءَ ڏاريندڙ هئو. بيڊ ۽ ان جي هيٺان فرش رت سان رڱيا پيا هئا... رت جي خالي بوتل اسٽينڊ تي بيٺي زندگيءَ بچائڻ وارن آڏو پنهنجي بيوسيءَ جو ماتم ڪري رهي هئي. سيما جي ٻانهن ۾ ڀڪوڙيل معصوم حياتي پنهنجي زندگيءَ جا ساهه وڃائي چڪي هئي. سندس منهن اڃان به سيما جي ڇاتيءَ سان چهٽيل هئو ۽ سيما جو رت کان خالي جسم هر خوف ۽ پريشانيءَ کان آجو هئو. ڇاڪاڻ ته خوف زندگيءَ سان ساڻ هوندو آهي ۽ زنده ماڻهن کي هوندو آهي. هوءَ خوف ۽ زندگي ٻنهي کي مات ڏئي چڪي هئي.
عربن جي دور ٻيهر اٿل کاڌي جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن عورتون جيئري پورجڻ واري تڪليف کان بچائڻ لاءِ پنهنجين ڌيئرن جا پاڻ ئي ساهه ٻوساٽي ڇڏينديون هيون. فرق رڳو ايترو هئو ته 21 صديءَ جي سيما ان آخري سفر ۾ پنهنجي معصوم تخليق کي اڪيلو وڃڻ نه ڏنو. ...