ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

• مڃتا

پنهنجي هن عورت دشمن سماج اندر ڇوڪريون جيڪر ڄمن ئي نه پر جيڪڏهن پيدا ٿين ته جيڪر روشن خيال، ترقي پسند ۽ فيمنسٽ والدين جي گهرن جي زينت بڻجن، جتي سندن ڄمڻ تي ڪنهن جي منهن ۾ گهنج نه پون، ڪير ارهو نه ٿئي، ڪنهن جا منهن نه لهي وڃن، جتي ڌيءُ ڄڻيندڙ ماءُ کي نڀاڳيءَ جا پاراتا نه ملن، جتي اهي ساهه کڻي سگهن، جتي کين روز مرڻو نه پوي، جتي اهي ڪنهن به قسم جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس نه ڪن ۽ جتي ڏاڍيان ڳالهائڻ ۽ وڏا ٽهڪ ڏيڻ تي کين ڇڙٻون نه ملن، جتي سندن اظهار جي آزاديءَ واريءَ زبان کي ڪاڪڙي مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي پٽ تي اڇلائي ان کي چٿيو نه وڃي.
عابده گهانگهرو ان لحاظ کان خوشنصيب آهي ته هن ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جي گهر ۾ جنم ورتو، جتي بقول عابده جي ته ”علم جي طاقت ۽ قلم جو هٿيار مليو، نه رڳو ايترو پر ان جي استعمال ۽ اهميت جو شعور مليو ۽ انهن مڙني کان مٿي اسان جي ذهنن ۾ تبديليءَ جي سوچ ۽ قوت پيدا ٿي“. جتي سندن عزت ڪئي وئي، اعتماد ۽ حوصلو ڏنو ويو ۽ جتي کين پنهنجيءَ شخصيت، ڪردار، سڃاڻپ ۽ مقام ٺاهڻ جو موقعو مليو.
اهڙو ماحول ملڻ ڪري ئي ڪامريڊ هاشم جي (حميده گهانگهرو ۽ عابده سميت) ڌيئرن پنهنجن پيرن تي بيهي زندگي گذاري ڏيکاري آهي. شاديءَ کان پوءِ انهن سڀني ڀينرن ٻين عام عورتن وانگر پنهنجي اباڻي ذات مٽائي مڙس جي ذات نه سڏائي. اها ڳالهه ڪا معمولي نه پر انتهائي غير معمولي، طاقتور سوچ ۽ خودداريءَ جي علامت آهي. هاشم صاحب جون سڀ نياڻيون بيحد ذهين، باصلاحيت، حوصلي مند، تخليقي ۽ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ الڳ مقام رکن ٿيون.
سو ٻين کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي يا نه اچي پر ڪامريڊ هاشم گهانگهري جي نياڻين کي ڀليءَ ڀت معلوم آهي ته اُهو ڪهڙو آئڊيل ماحول آهي، جيڪو ڇوڪرين جي خواهشن ۽ اميدن جو ترجمان آهي ۽ اهي ڪهڙيون رنڊڪون آهن، جيڪي عورتن کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪنديون آهن. تنهن ڪري هاشم گهانگهري جي نياڻين عظيم پيءُ جي ميراث ۽ مشن کي سنڀاليندي اهڙو ئي ماحول ٻين ڇوڪرين کي ڏيارڻ کي پنهنجو مشن بڻائي، پنهنجي نموني ۽ طريقي سان جدوجهد ڪري رهيون آهن. عابده گهانگهرو انهن مان هڪ آهي، جيڪا ڇوڪرين لاءِ رول ماڊل آهي ۽ جنهن کي ڏسندي عورتن جي طاقت ۾ ايمان تازو ٿي ويندو آهي.
جڏهن عابده گهانگهرو عوامي آواز اخبار ۾ ”سورمي“ جي صفحي کي انچارج طور سنڀالي رهي هئي ته تڏهن مان ايڊيٽوريل صفحي سميت اندرين صفحن کي به سنڀاليندو هيس. انهيءَ ڪم دوران مون ان کي بيحد ذميوار، بردبار، ثابت قدم ۽ ڪمٽيڊ ڏٺو. هن سورمي صفحي ۽ ڪهاڻين جي هن مجموعي ذريعي عورتن لاءِ محنت، سجاڳي ۽ جدوجهد جو ماحول ٺاهيو آهي ۽ کين اڳتي وڌڻ واريون روشن ۽ اتساهيندڙ راهون ڏيکاريون آهن.
ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ عورتن سان هر قسم جي ٿيندڙ استحصال، جسماني توڙي ذهني ٽارچر، مسئلن، مونجهارن، مشڪلاتن ۽ مجبورين کي موضوع بڻايو ويو آهي. ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو عورت جي مڪمل آزاديءَ جو نه رڳو وڪيل آهي پر ان کي جيئڻ جا بنيادي حق ڏيارڻ واريءَ جدوجهد جو پڻ هڪ ڪيس وڙهي ٿو ۽ عورتن کي مڙس ماڻهو ٿي زندگي گذارڻ جو حوصلو ڏئي ٿو.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عورتن کي مڙس ماڻهو ٿي زندگي گذارڻ کان ڪير روڪي ٿو، ڪير عورتن جي آزاديءَ جي راهه ۾ رنڊڪ آهن. عابده گهانگهرو جون ڪهاڻيون انهن عورت دشمن ڪردارن کي نه رڳو هڪ هڪ ڪري بي نقاب ڪن ٿيون پر انتهائي بهادري ۽ همت سان عورت دشمن سماج جا آنڊا گونڊا ئي ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏين ٿيون.
ڪامريڊ هاشم کي پنهنجين نياڻين کي آزادي ڏيڻ تي ۽ سندس ڌيئرن کي تعليم پرائڻ ۽ نوڪرين ڪرڻ دوران ڇا ڇا نه زماني کان ٻڌڻو پيو هوندو، ڇا ڪجهه نه برداشت ڪرڻو ۽ ڀوڳڻو پيو هوندو. تن کي اسان جي عورتن کي بنيادي حقن ڏيارڻ واري عظيم جدوجهد لاءِ هڪ قرباني تصور ڪيون ٿا ۽ مڃتا طور اٿي بيهي کين سلام پيش ڪريون ٿا.

زرار پيرزادو
روزاني عوامي آواز ڪراچي