5. آءُ امڙ! ننڊ جهولي جهلي آ
سڀني ڇوڪرين جي زور ڀرڻ تي اديءَ شهناز پنهنجي سريلي آواز ۾ لتا منگيشڪر جي ڳاتل لولي“آج کل میں ڈھل گیا” ٻڌائي. سندس آواز ۾ ايڏو درد ڪٿان آيو؟ سندس اها لولي ٻڌندي ئي سندس جهول ۾ ويٺل ننڍڙي ته سمهي پئي پر اسان کي به ڪُمهلا جهوٽا اچڻ لڳا. موسيقي روح جي غذا آهي رڳو چوڻ جي ڳالهه نه آهي بلڪه اديءَ شهناز جي درديلي آواز اسان جي روح ۾ رچي ان جي ثابتي ڏني. لتا اهو گيت ڳايو آهي. پر شهناز جي اندر مان ئي گيت اٿيو... سندس سُر درد جي سمنڊ مان ڇوليون هڻي پئي اٿيا. سندس اکين ۾ لڙڪ نه هئا پر گيت جي هڪ هڪ ٻول ڄڻ سندس اندر جو آواز پئي ٻڌايو.
بهرحال اسين سڀ ڏاڍا محظوظ ٿياسين. موٽ تي ٻيون ڇوڪريون ته اديءَ شهناز سان گڏ سندس گهر ويون پر اسين پنهنجي گهر موٽي آياسين. ٻئي ڏينهن وري ٻيءَ جاءِ تي گڏ ٿيڻو هئو ۽ پروگرام کي ختم ڪرڻو هئو.
آخري ڏينهن تي ياسمين جيڪا اديءَ شهناز جي سهيلي هئي ۽ سندس ڳوٺائڻ پڻ هئي، تنهن ٻڌايو ته اديءَ شهناز جي هيءَ ٻي شادي آهي. اڳئين گهر مان هن کي 3 ٻار آهن. ڪن گهريلو مسئلن ڪري هن پهرئين گهرواري کان طلاق ورتي ۽ هاڻي ٻئي گهر واري ۽ ننڍڙيءَ ڌيءَ سان گڏ رهي ٿي.
الائي ڇو مون جيڪو سندس گيت ۾ سريلو آواز ۽ ان سريلي آواز ۾ سندس اندر جو درد محسوس ڪري سندس شخصيت جو هڪ خاڪو ذهن ۾ ٺاهيو هئو سوڄڻ چڪنا چور ٿي ويو.
هڪ ڏينهن اڳ ۾ منهنجيءَ دل چاهيو هئو ته اهو درديلو آواز مان ٻيهر جيڪر ٻڌان ۽ سندس گهر ٻيهر وڃان پر ياسمين جي ٻڌايل حقيقت کانپوءِ منهنجي دل ٽٽي پئي. سوالن جا انبار منهنجي ذهن ۾ ٺهي ويا؟
ڇا ڪا عورت ايتري سنگدل به ٿي سگهي ٿي؟
سندس ٻارڙا ڪيترين عمرين جا هوندا؟
هيءَ ڇا انهن کي ياد ڪندي هوندي؟
اهو ڪهڙو ظالم شخص آهي، جنهن هڪ ماءُ کي پنهنجي معصوم ٻارن کان ڌار ڪيو؟ ۽ ان جهڙا انيڪ سوال سالن تائين منهنجي ذهن ۾ اڀرندا ڊهندا رهيا آهن.
سندس آواز اڃان به مونکي ياد آهي. مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته لتا جي اها ڳاتل لوليءَ جي ڪيسيٽ ڪٿان وٺي سگهان. هڪ ٻه ڀيرو ريڊئي تي فرمائشي پروگرام ۾ اها لولي لتا ۽ رفيع جي آواز ۾ ٻڌي رڳو ان جو هڪ مصرعو مون کي ياد ٿي سگهيو. اهو محض اتفاق هئو نه ته ڪو گيت ملڻ ڪا ايڏي مشڪل ڳالهه نه هوندي آهي.
منهنجي شادي ٿي، ٻار ٿيا،مان پنهنجن ٻارن کي سمهڻ مهل اها ساڳي لولي ان جو واحد ٻُڌل ۽ ياد ٿيل مصرعو ٻڌائيندي رهندي هئس. پر ايترا سال گذري وڃڻ جي باوجود شهناز جي خود غرضيءَ واري فيصلي کي ياد ڪري خار چڙهندا هئا. مان اڪثر سوچيندي هئس ته سندس ٻار ڪيترا ٿيا هوندا ڇا انهن سان ملي يا نه؟ وغيره وغيره. مان هن کي هڪ ڪٺور عورت سمجهي چڪي هيس.
مون کي ان لوليءَ جو صرف هڪڙوئي مصرعو ياد هئو. هميشه وانگر تنهن ڏينهن به سُهائيءَ کي اها لولي ٻڌائي رهي هئم ته چوڻ لڳي، ”مما! توهان کي توهان جي امي به اهائي لولي ٻڌائيندي هئي؟“ مون چيو مانس ته، نه پٽ، هڪ ٻي امي پنهنجيءَ تو جهڙيءَ ننڍڙيءَ ڌيءُ کي اها لولي ٻڌائيندي هئي، مون کي به ان ئي اها ٻڌائي هئي.
تنهن ڏينهن اوچتو خيال آيو ته ڇو نه انٽرنيٽ تي ڳولي ڏسان ته آخر اها لولي آهي ڪيئن؟ مان سمجهندي هئس ته ڪا ماءُ پنهنجن ٻچڙن کي اها لولي ٻڌائيندي هوندي. شايد ڪا بيواهه يا ڏُکاري عورت هوندي!
مون گوگل (Google) تي رڳو ان لوليءَ جا ٻول ۽ لتا جو نالو به لکيو هڪدم ٻه ٽي لنڪس سامهون اچي ويا. لتا منگيشڪر وارو لنڪ کوليم، پهرين ئي سين تي جيئن ئي منهنجي نظر پئي ۽ 20 سال اڳ ٻڌل موسيقي ڪن پئي ته جسم مان ڄڻ سيسراٽ نڪري ويا. ممڪن آهي ته اهو گيت/لولي گهڻن ماڻهن ٻڌو هجي ۽ انهن جون ڪي خاص محسوسات نه هجن. پر منهنجي ان لوليءَ لاءِ Inspiration گهڻي مختلف هئي. اهو ئي سبب هو جو ان گيت/لولي ءَ جا ٻول منهنجا ڪن ٺارن پيا، پر ان لوليءَ تي فلمايل منظر منهنجو هيانءُ ئي لوڏي وڌو.
اها لولي هڪ ماءُ نه پر هڪڙي8-9 سالن جي معصوم نينگري پنهنجي 6-7 مهينن جي ننڍڙي ڀاءُ کي پرچائڻ لاءِ ٻڌائي رهي هئي ۽ ساڻ هڪ ٻئي 5-6 سالن جي ڀاءُ کي پرچائي به رهي هئي.
اهي ٽئي يتيم ٻارڙا جن جي ماءُ هيءَ دنيا ۽ پيءُ گهر ڇڏي هليا ويا هئا، مفلسيءَ، بي واهيءَ ۽ بي وسيءَ جي حالت ۾ پنهنجن عزيزن جي راهه تڪي رهيا هئا. پر اچڻ وارو ته ڏاڍو پري... ڪنهن ڏورانهين سفر جو مسافر... شايد ڪڏهن نه اچڻ وارو هو.
کون آئے گا ادھر، کس کی راہ دیکھیں ہم،
جن کی آہٹیں سنیں، جانے کس کے تھے قدم،
اپنا کوئی بھی نہیں، سپنے ہیں سو رام،
تو بھی سوجا، سو گئی رنگ بھری شام،
آج کل میں ڈھل گیا، دن ہوا تمام۔
(لتا-فلم: معصوم)
مون ڊوڙ پائي هڪدم ننڍڙيءَ سهائيءَ کي ڪڇ ۾ کڻي سيني سان لاتو، منهنجين اکين آڏو ڪڏهن سامهون وارو منظر ته ڪڏهن 20 سال اڳ شهناز جو درديلو آواز پئي ڦريا. شهناز جي درد جو سمنڊ منهنجي اکين ۾ اٿلي آيو ۽ ڄڻ هيانءُ پئي ڦاٽو، مون ٻين ٽنهي ٻارڙن کي کڻي ڀاڪر ۾ جهليو.
اسان سڀني اها لولي ڏٺي ۽ سڀني جي اکين ۾ لڙڪ هئا. منهنجي اکين ۾ درد سان گڏ پڇتاءَ جا ڳوڙها به هئا ۽ هڪ سوال منهنجو مغز ڌونڌاڙي رهيو هئو.
ڇا شهناز جي سوز ۾ لڪل سندس ٽن وڇڙيل ٻارن جي ياد هئي؟ هوءَ جهڙيءَ طرح پنهنجيءَ ننڍڙيءَ ڪنول کي سيني سان چهٽائي اها لولي ٻڌائي رهي هئي، ان ۾ درد ان سيني کان ڌار ٿيل ٽن معصوم ٻارڙن جو هئو، جيڪي زندگيءَ جي رڻ ۾ کانئس ڌار ٿيا هئا.
مان جنهن کي هڪ ڪٺور عورت سمجهندي رهي هئس ۽ 20 سالن تائين کيس سخت دل عورت جي حيثيت ۾ ياد ڪندي رهي هئس، ان جي دل ۾ ته وڇوڙي جو غم، سورن جو سمنڊ هو ۽ ان دردن جي درياهه سندس آواز ۾ سوز ڀريو هو.
مون کي ان رات ننڊ نه آئي. بلڪه ڪيترائي ڏينهن مان سڪون سان رهي نه سگهيس ۽ اها حقيقت مون کي ڏنگيدي رهي ته گهريلو تشدد (Domestic Violence) ۽ عورتن سان اڻ برابريءَ ۽ استحصال وارو رويو نه ڄاڻ ڪيترين جيئرين حياتين ۾ افسانا ڀري ڇڏي ٿو ۽ ڪيترائي افسانوي ڪردار حقيقت جو روپ وٺن ٿا.
اسين ته رڳو درد محسوس ڪري ۽ ان کي نندي يا افسوس ڪري سگهون ٿا پر ان جو تدارڪ ڪرڻ وارا ۽ انهن مامرن کي جنم ڏيڻ وارا ڇا ان تڪليف کان بي خبر هوندا؟؟