10. هاڻي هوءَ ڪيئن کلندي هوندي؟
هوءَ ڇا هئي ۽ ڪهڙي هئي؟ مان ڪڏهن نه سوچيو پر جيتري حُج هن ۾ مان سمجهندي هئس سا ڪنهن ٻئي سان نه ڀانيان. هن وٽ وڃڻ، رهڻ کائڻ پيئڻ اٿڻ ويهڻ ايترو ته سولو ۽ پنهنجائپ وارو لڳي جيترو بلڪل پنهنجي گهر ۾. ان جو سبب سندس محبت ڀريو رويو هو.
مان تصور به نه پئي ڪري سگهان ته اهڙي ڀوري بک جهڙي، جنهن ناپسنديدگيءَ واري حالت جي باوجود به اٺن سنهڙن سيبتن ٻارن کي جنم ڏنو، ان جي منهن تي ڪو ڪارو تر به هوندو. نظر لڳڻ کان بچڻ لاءِ به شايد هن ڪارو تلڪ ڪڏهن منهن تي نه هنيو هوندو. سواءِ ڪاري سرمي جي جيڪو به اکين کان ٻاهر ڪڏهن به وهندي نظر نه آيو.
شڪ نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي. ڦڻڪارڻ تي پهريان ته هوءَ کلڻ لڳي پر جڏهن ان ڦڻڪار جي ڦوڪ سندس ڀوري بک جهڙي منهن تي پوڻ شروع ڪيو ته هن جا گهگهيءَ جي آواز جهڙا ٽهڪ نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي پيا. اکين مان وهندڙ نير پنهنجي سيلاب ۾ اکين جو سرمو سندس ڳاڙهن ڳٽن تي وهائيندا ويا ۽ سندس سڄو سرمو منهن تي لينگها ٿي ويو.
مونکي پنهنجن ڪنن تي يقين نه پئي آيو. ڄڻ چاغيءَ ۾ بيٺي هجان ۽ چوڌاري ايٽم بم پيا ڦاٽن، ڪَن ڦاڙيندڙ ٺڪائن کانپوءِ اٿندڙ دونهين ۾ دونهاٽيل ڀورو بک جهڙو مرڪندڙ چهرو، ڪاري؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڇا توهان کي يقين آهي؟ صرف هڪ سوال.
جواب آهي يا ناهي پر اهو ٿي سگهي ٿو. ٺپ جواب ڪاوڙ، ڏک، جوش ۽ بي وسيءَ جا سڀ احساس منهنجي اندر ۾ آنڌ مچائي ڇڏين ٿا. سوال ڪرڻ چاهيان ٿي، پر سڀ سوال نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا آهن.