ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

1. الا ڏاهي مَ ٿيان

صفيه سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌ سيڪريٽريٽ جي پلاننگ ڊپارٽمينٽ ۾ 1990ع ۾ ٿي. مان ان کاتي ۾ ته ڇا عملي زندگيءَ جي ڏاڪي ۾ ئي پهريون قدم رکيو هو. صفيه تمام صاف سٿري، فضول قسم جي ظاهري ڏيک ويک کان پري، هڪ همدرد ۽ مدد ڪرڻ واري ڇوڪري هئي. مان ته ڇا آفيس جو ڪو به ماڻهو اهڙو نه هو، جنهن کي هن ۾ ڪو ڪم نه پيو هجي يا هوءَ ڪنهن جي ڪم نه آئي هجي يا وري هن جي ڪنهن سان کل کل نه هجي. سندس سڀاءُ هئو ئي اهڙو، هوءَ ٽائپسٽ هئي. تمام سٺي پڙهيل ڳڙهيل. سلجهيل ۽ ٽيڪيل ڪهاڻيون
گھراڻي سان سندس واسطو هئو. سٺي خاندان جي هئڻ ڪري به هن ۾ ڳُڻ هئا. پنهنجي اٿڻي ويهڻيءَ مان هوءَ هر پنهنجي پرائي کي متاثر ڪري وجهندي هئي. ان سان گڏوگڏ هوءَ پنهنجي ڪم ۾ به ڀڙ هئي. اڄ ان ڳالهه کي چوڏهن سالن کان مٿي وقت ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به مونکي غور ڪرڻ تي به صفيه ۾ ڪا خامي نظر ناهي آئي. ممڪن آهي ڪنهن کي نظر آئي به هجي! شايد قسمت کي جيڪا هن سان هميشه ناراض رهي. صفيه جيئن ته هئي هر دلعزيز ان ڪري سڀني کي اهو تجسس هئو ته ڏسون ته هيءَ ڪهڙو ٿي گهوٽ ماڻي؟
ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته هوءَ زندگيءَ جي انتهائي قيمتي ميندي هٿن تي لائي نه سگهندي. ڪجهه قسمت جي ستم ظريفي ۽ ڪجهه صفيه جي ڪوتاهي ته هن پنهنجي دل هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏني جيڪو اڳ ۾ ئي ٻارن ٻچن وارو هئو. صفيه جو اهو قدم سندس مزاج سان نه ٿي مليو، جنهن لاءِ اسان به هن کي ڏاڍو چيو پر هن چيو ته سندس ٿيڻ وارو گهوٽ هن کانسواءِ جي نٿو سگهي ۽ جيڪڏهن هن انڪار ڪيو ته هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. بهرحال سندن شادي طئه ٿي ۽ مينديءَ جو ڏينهن اچي ويو. پر جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو ته اها ميندي شايد سندس قسمت ۾ ئي نه هئي. عين مينديءَ واري ڏينهن گهوٽ جي پهرين گهراريءَ ۽ سندس مائٽن جي پاران وڏو احتجاج ٿيو ۽ صفيه مينديءَ جي منجي ءَتان اٿي وڃي بستري تي داخل ٿي. ڇو جو اهو صدمو هن لاءِ ڪجهه گهٽ نه هو. هڪ عورت هئڻ جي ناتي مان به سندس ان قدم تي خوش نه هئس.ڇو ته آخر سندس گهر وسڻ سان هڪ ٻيءَ عورت جو گهر اجڙي وڃي ها. پر ان جي باوجود به صفيه لاءِ اهو ڏک تمام وڏو هئو، جيڪو ونڊڻ لاءِ سندس گهر ۽ خاندان جو هر فرد ساڻس گڏ هو. خاندان جي ٻين ماڻهن سان گڏ سندس سوٽ عمير به هڪ هئو، جيڪو سندس هڪ ٻيءَ سوٽ جو مڱيندو هو ۽ صفيه کي شروع کان پسند ڪندو هو. پر صفيه، عائشه (عمير جي مڱيندي) ۽ عمير ٽئي پاڻ ۾ ڪزن ۽ تمام سٺا دوست هئا. ان ڪري عمير ڪجهه ڪڇي نه پئي سگهيو. صفيه جي رشتي ختم ٿيڻ تي عمير کي وڌيڪ همدرديءَ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. هن پنهنجي چاهت جو اظهار صفيه سان ڪري ڇڏيو ۽ کيس پنهنجي نيت، ارادا ۽ محبت واضح ڪري ڇڏيائين. صفيه جيڪا ڏک جي ماريل هئي پهريان ته سمجهي نه سگهي پر پوءِ نيٺ عمير جي ڳالهين ۾ اچي وئي. سندن مائٽن کي ان ڳالهه جي خبر نه هئي. ممڪن آهي عائشه جي مائٽن کي ڪو شڪ پيو هجي! سو هنن عائشه جي شادي جلد کان جلد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. عمير بظاهر ته مخالفت ڪئي ۽ صفيه کي يقين ڏياريو ته اها شادي زبردستيءَ جو طوق آهي ۽ سندس اصل محبت صفيه آهي. پر عائشه کي به پنهنجي وني بڻايائين. مختصر اهو ته شاديءَ کان پوءِ هو عائشه کي ته خوش رکندو هئو پر صفيه جو پيڇو ڇڏڻ لاءِ به تيار نه هئو ۽ هن کي شاديءَ لاءِ اسرار ڪندو هو. هو کيس باور ڪرائيندو هو ته هو پنهنجي زال مان خوش ناهي. صفيه جي ذات جي خامي چئجي يا سندس اٻوجهائپ جو هوءَ عمير جي ڳالهين ۾ اچي وئي ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن هو ٻئي ڪراچيءَ مان غائب ٿي ويا.
صفيه جي ان عمل تي سندس مائٽ پڻ ڏاڍا ڪاوڙيل هئا. بهرحال ڪجهه عرصو لڪيل رهڻ کانپوءِ نيٺ اهو طئه ٿيو ته عمير ٻنهي گهروارين کي گڏ رکندو. صفيه کي ان گهر ۾ رهڻ جي جاءِ ته ملي پر کيس گهر جي ڀاتيءَ واري حيثيت نه ملي سگهي. عمير جا گهر وارا انتهائي لالچي ماڻهو هئا. هنن صفيه کي رڳو ان ڪري قبول ڪيو ته هوءَ نوڪري ڪندڙ هئي. صفيه جي سڄي ڪمائي به هو کڻي وٺندا هئا، سندس حيثيت ڀيڻ جهڙيءَ سوٽ تي هڪ پهاڄ واري هئي ۽ عمير جو رويو به ساڻس پهريان وارو نه هو. ان دوران هن جو هڪ ٻار به ضايع ٿي ويو. اهي حالتون برداشت ڪري ڪري نيٺ جڏهن پاڻي مٿي کان چڙهي ويو ته صفيه عمير کان خلع وٺڻ جو فيصلو ڪيو. تمام گهڻيءَ مشڪل کانپوءِ هوءَ آزاد ته ٿي پر پهريان واري صفيه ته ڄڻ ڪٿي گم ٿي وئي هئي. ساڻس همدردي سڀني کي هئي پنهنجا هجن يا پراوا. خاندان وارا ماڻهو، دوست، پاڙي وارا ۽ دفتر ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي سندس همدرد هئا. سڀني جي ڪوشش هئي ته صفيه جو غم ڪهڙي به طريقي سان ختم ٿئي. سندس سهڻي اخلاق ۽ ڏکن ڀريءَ زندگيءَ ڪري همدرديءَ وارو جذبو رکندڙ ۽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ آفيسر جنيد کيس سهارو ڏيڻ چاهيو. جيتوڻيڪ جنيد جي دل ۾ به سچائي هئي ۽ هاڻي صفيه ڪو به فيصلو پنهنجي طور تي ڪرڻ نه پئي چاهيو. هن ڀيري هن فيصلو گهر وارن تي ڇڏيو. سندس گهر وارا راضي ٿي ويا پر هر مائٽ وانگر هنن جو به شرط اهو هو ته جنيد جا مائٽ اها مٽي پنهنجي ذميواريءَ سان جوڙن پر جنيد جا مائٽ ته سندس ان فيصلي تي ناخوش هئا. جنيد جا مائٽ، غير خاندان جي صفيه جهڙو ماضي رکندڙ ڇوڪريءَ سان جنيد جي شادي ڪرڻ لاءِ قطعي راضي نه ٿيا ۽ جنيد جي شادي زبردستي پنهنجي خاندان جي ڇوڪريءَ سان سندس مرضيءَ کانسواءِ ڪرائي ڇڏيائون. صفيه جي زندگيءَ ۾ ڄڻ ڏکن جا پهاڙ هئا جيڪي کُٽڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن. هن جي جاءِ تي ڪا ٻي ڇوڪري هجي ها ته شايد پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏي ها پر شابس آهي صفيه کي جنهن هڪ ڀيرو وري جي ڏيکاريو. هن لاءِ زندگيءَ جا سڀ رنگ مري چڪا هئا. هن ڪڏهن به شادي نه ڪرڻ جي فيصلي واريءَ زندگيءَ جي وهنوار ۾ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو. هن ماضيءَ جا سڀ ڏنڀ وسارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن لاءِ مرد جو نالو تڪليف ۽ ڏک جو نشان بڻجي چڪو هو. سندس چوڻ هو ته هاڻي هن ۾ وڌيڪ ڏک سهڻ جي سگهه ناهي ۽ هاڻي هوءَ اڪيلي سڪون سان زندگي گذارڻ چاهي ٿي. سندس مائٽن جي ڪوشش هئي ته سندس گهر وسي وڃي پر هن جي ڪابه خواهش ۽ سپنو نه رهيو هو ۽ بس هن پنهنجي زندگي ماءُ جي خدمت ۽ ڀينرن ڀائرن جي ڪم اچڻ لاءِ وقف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر قسمت کي ڪجهه ٻيو منظور هو. اڃا صفيه کي زندگيءَ جون قيمتي خوشيون پلئه وجهڻيون هيون يا اڃا کيس ڏکن جي هڪ وڏي پلصراط پار ڪرائڻي هئي. اڄ کان پورا پنج سال پهريان صفيه جڏهن مون سان اسپتال ۾ ملڻ آئي هئي ته هوءَ بلڪل بدليل پئي لڳي. مائٽن جو مٿس ڏاڍو زور هو ته هوءَ پنهنجو گهر وسائي پر صفيه جي ڄڻ دل ٽٽي پئي هئي ۽ هوءَ هاڻي باقي زندگي پنهنجي گهر وارن جي خدمت ۾ گذارڻ چاهي پئي پر قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هو. شايد صفيه کي ڪا خوشين جي جهلڪ ڏيکارڻي هئس يا وري نون امتحانن لاءِ تياري، جو منظور جو رشتو صفيه لاءِ منظور ڪيو ويو. منظور ۾ خبر ناهي ته ڪهڙو جادو هو جو صفيه جو ڀاءُ چوي ته صفيه جي شادي ٿيندي ته منظور سان جڏهن ته هو پهريان ئي شادي شده هو ۽ کيس چڱا خاصا وڏا ٻار به هئا پر سندس چوڻ اهو هئو ته گهرواريءَ سان اڻ بڻت ڪري طلاق ٿي وئي آهي. ان ڪري هو ٻيهر گهر وسائي سک جي زندگي گذارڻ چاهي ٿو. صفيه به ڀاءُ اڳيان ڪجهه نه ڪُڇي سگهي. منظور شاديءَ تي ڏاڍي شوشا ڪئي. صفيه هونئن ئي سگهڙ، ويتر گهر سٺو سنواريل مليس ته ڄڻ ٻهڪي پئي. هن انهن خوشين ۾ پنهنجا پٺيان سڀ غم وسارڻ چاهيا پر وساري نه سگهي. ڇو ته ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس خوبصورت گهر جو سامان مالڪ کڻڻ آيا. اها پوءِ خبر پئي ته منظور وٽ ايترو گهڻو مال ملڪيت ناهي، جيترو هن ڏيکاءُ ڪيو ۽ نه ئي وري هن جي پنهنجي اڳين گهرواريءَ سان ڪا اڻ بڻت هئي. خبر ناهي ته ڇو هو صفيه جي زندگي جيڪا اڳ ۾ ئي ڏکن جي پلصراط تان لنگهي رهي هئي ويتر برباد ڪرڻ لاءِ اوچتو سندس زندگيءَ ۾ نانگ بڻجي آيو؟ شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا. اهڙو وقت به آيو جو کين اهو ”بهترين فليٽ“ ڇڏي هڪ ننڍڙي مسواڙي فليٽ ۾ رهڻو پيو. هينئر اهو وقت هئو، جڏهن منظور کي صفيه ڳري محسوس ٿيڻ لڳي هئي ۽ هو ان مان جان ڇڏائڻ پيو چاهي. صفيه جيڪا ٻه ٻه ڏينهن سندس انتظار ۾ گذاري ڇڏيندي هئي گهر ۾ نه ڏينهن جو ايندو هو ۽ نه رات جو. بس ٻن ٽن ڏينهن ۾ هڪ اڌ دفعو چڪر هڻي واپس هليو ويندو هو. صفيه اهي سڀ تڪليفون برداشت ڪيون. صرف ان ڪري ته هن ڀيري هن طلاق جو ٽڪو نرڙ تي سينگارڻ نه پئي چاهيو. زندگي اهڙي آ ته اهڙي ئي سهي، گذاري وينداسين. سندس وڌيڪ چوڻ اهو هو ته هونئن به ته جيئان پئي نه هاڻي به گهاري وينديس. بس ڪا اهڙي ڳالهه يا ڪو حادثو نه ٿئي، جنهن سان منهنجا مائٽ بدنام ٿي وڃن پر منظور جي ته پلاننگ ڪجهه ٻي هئي. هو جڏهن گهڻن ڏينهن کان گهر نه آيو ته صفيه پريشان ٿي وئي. اڃا هن سوچيو ته جيڪر گهر وارن سان رابطو ڪجي ته جيئن اهي ڪجهه واهر ڪري سگهن ته کيس منظور پاران رجسٽري ٿيل طلاق نامو مليو. اهو صفيه جو حوصلو هو جو هن ايڏي وڏي طوفان جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. پنهنجن مائٽن کي گهرايائين. پر انهن کي اهو نه ٻڌايائين ته هوءَ ساڻن گڏ وڃڻ چاهي ٿي. گهر جو ڪرايو به نه مليو هئو. صفيه تمام گهڻي تڪليف کانپوءِ ان گهر مان جان ڇڏائي. ڇو ته منظور گهڻي عرصي کان ان گهر ۾ نه آيو هئو ۽ طلاق موڪلڻ کانپوءِ ته هن کي گهر نه اچڻ جو جواز ملي ويو هو.
ان واقعي کانپوءِ هن ماڻهن سان ملڻ جلڻ به گهٽائي ڇڏيو هو. مون سان به سندس ملاقات تقريبن چئن سالن کانپوءِ ٿي ۽ انهن چئن سالن جي دوران ان سان اهي سڀ ڪِيس ٿيندا رهيا. صفيه پنهنجو ڏک ڪنهن کي ٻڌائڻ نه پئي چاهيو. هيءَ ته اتفاق سان اسان ٻنهي جي گڏيل سهيلي جيڪا هاڻي وڪيل آهي اها رستي ۾ ملي ۽ ان سندس طلاق واري مامري متعلق مون کي ٻڌايو ته مان به اهو پئي سمجهان ته شڪر جو هاڻي هوءَ خوش هوندي. ڪجهه ڏينهن اڳ هوءَ مون وٽ آئي ملڻ شرط ڄڻ اندر جو سمنڊ اٿلي پيس. مان کيس آٿت ڏيان يا هن کان خيريت پڇان. مون چيو مانس صفيه برقعو ڇو پائڻ شروع ڪيو اٿئي. چيائين ته اهو منهنجي ٽئين مجازي خدا جو ڇڏيل تحفو آهي. هاڻي ڇا ڪريان؟ لاهيان ٿي ته ماڻهو پڇن ٿا هاڻي ڪنهن ڪنهن کي ڇا ڇا ٻڌايان؟ هڪ دفعو عورت تي طلاق جو ٽڪو لڳي پوءِ سڄي زندگي وِهُه. جيتوڻيڪ سڀني کي خبر آهي پوءِ به همدردي جتائي مزو وٺندا آهن. ايئن چئي وري روئڻ ۾ شروع ٿي وئي. اها صفيه جيڪا ڳالهه ڳالهه تي مرڪندي هئي. خبر ناهي سندس مرڪون مري ويون يا وري جاڳي سگهن ٿيون؟ ڇا کيس ڪنهن مرڪ جو انتظار آهي؟ مان اهو سوال سوچي ته سگهان ٿي پر کانئس پڇڻ جي همٿ مون ۾ ناهي. صفيه کي ڏک ڏيڻ وارا پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ مست آهن. اها ڳجهارت اڃا نه ڀڄي سگهي آهي ته جيڪڏهن کين پنهنجون خوشيون ملهائڻيون ئي هيون ته پوءِ صفيه جي زندگي ڇو برباد ٿي؟ نه ڄاڻ صفيه جهڙيون ڪيتريون ڇوڪريون اهڙيءَ برباديءَ جا منهن ڏسن ٿيون.

عوامي آواز (اربع 04 آگسٽ 2004ع)