ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

15. پادري انب ۽ نينگري

جهڙيءَ طرح وڻ جو ميوو پچي راس ٿيڻ کانپوءِ وڻ سان پنهنجو ناتو ٽوڙي ڇڄي زمين تي ڪري پوي ٿو يا ڪنهن جاندار جو کاڄ يا زمين جو ڀاڻ بڻجي ڌرتيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ سندس جاءِ ڪو نئون ميوو ڪو نئون ڦل والاري ٿو، اهڙيءَ طرح انسان پنهنجي مقرر حياتي گذاري. هن دنيا مان موڪلائي وڃي ٿو. کيس زمين ۾ دفن ڪيو وڃي ٿو، جتي هو ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ سندس جاءِ ڪو نئون روح والاري ٿو.
دنيا ۾ ڪيترائي روح آيا ۽ ويا، امر اهي ٿي ويا جن ڪم چڱا ڪيا. ڪيترائي ميوا وڻن تي ڦٽن ٿا، انسان انهن کي پسند ڪري ٿو، جيڪي ذائقي ۾ چڱاٿين ٿا. چڱائي هر حال ۾ چڱي آهي. هميشه چڱائي ڪريو ۽ ڪڏهن به ڪنهن سان مدو نه هلو. ڪيٿرين، پنهنجي والد جي تقرير ٻڌي ڪڏهن والد جي چهري کي ته ڪڏهن ڀرسان پيل انبن جي ٽوڪريءَ کي ڏسي رهي هئي. هن جو معصوم ذهن فيصلو نه پئي ڪري سگهيو ته سندس ”پادري“ والد ڪهڙي ميوي ۽ ڪهڙي ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي؟
هن جو معصوم ذهن ان سوچ ۾ ئي الجهي پيو ته پوءِ ڀائو مون کان جيڪي انب ڦري ويندو آهي ۽ جڏهن نه ڏيندي آهيانس ته مون کي ڊيڄاريندو آهي ته مان اهي سڀ گٽر ۾ ڦٽا ڪري ايندم... پوءِ اهي انب ڪاڏي ويندا هوندا ۽ اهي انب گٽر ۾ڪري پوڻ کانپوءِ وڻ ۾ ٻيهر ڪيئن ڦٽندا؟
ننڍڙيءَ ڪيٿرين کي سوچن ۾ گم ڏسي ماڻس ٻچڪار ڏئي متوجهه ڪريس ٿي، ”پٽ ڇا ٿيو؟ ٿڪجي پئي آهين ڇا؟ پريئر ٿي وڃي ته گهر ٿا هلون. سڀ پريئر (Prayers) لاءِ اٿي بيٺا ته ڪيٿرين به دعا گهري... ”يا خداوند! منهنجي بابا کي ڪڏهن به پوڙهو نه ڪجانءِ... يا خداوند! مونکي گهر ۾ هڪڙو انبن جو وڻ ڏجانءِ. جيئن جڏهن ڀائو منهنجا انب ڦٽي ڪري ڇڏي ته مان وڻ مان ٻيا انب پٽي سگهان.
يا خداوند! منهنجو گهر ۽ منهنجي گهر جو انبن جو وڻ ڪڏهن به ختم نه ڪجانءِ“ هر ڪم لاءِ ڪو وقت مقرر آهي ۽ هر دعا لاءِ به ڪا قبوليت جي گهڙي هوندي آهي. ڪيٿرين جيڪا دعا گهري ان جي قبوليت لاءِ کيس ڪيتريون ئي ٻيون دعائون گهرڻيون پيون.
ابو ابو آهي، امڙ امڙ آهي... چاهي اهي دنيا جي ڪهڙيءَ به ٻوليءَ، قوم ۽ مذهب جا هجن. ڪيٿرين جو والد جيڪو چرچ جو پادري هو، سو رڳو ماڻهن کي نيڪيءَ، چڱائيءَ ۽ چڱن ڪمن واري رستي تي هلڻ جا درس نه ڏيندو هو بلڪه هو پنهنجي اولاد لاءِ به هڪ آئيڊيل پيءُ هو. سندس هنيانءُ پنهنجي پرائي جي تڪيلف تي جهري پوندو هو. هيءُ مڇي مانيءَ وارو گهراڻو هئو. ٻه زال مڙس ٻه ٻار ۽ بس. پر پادري هٿ جو کليل هو. سندس درتان ڪو به سوالي هٿين خالي نه ويندو هو. پنهنجي پورت ٿئي يا نه. گُهرجائوءَ جي گهرج ضرور پوري ڪندو. اهڙن ماڻهن لاءِ گُهرجائن جي گهڻ ته هوندي آهي پر برداشت ڪرڻ وارن جي کوٽ هوندي آهي. ڪٿي ڌرتيءَ واسي انهن لاءِ ڌرتي سوڙهي ڪري ڇڏيندا آهن ته ڪٿي وري آڪاش وارو سندن آجيان ڪرڻ چاهيندوآهي.
پادريءَ کي به اهڙو ئي ڪُمهلو سڏ آيو. سندس جهرندڙ دل اڳ ۾ ئي ڪمزور هئي سا سرڪار جي سَڏ جو سٽڪو نه سهي سگهي ۽ ڊهي پئي.
ڪيٿرين ۽ ان جي ماءُ سندس پرگهور ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. ڪيٿرين ان وقت اٺين درجي ۾ پئي پڙهي ۽ ننڍو ڀاڻس اڃان ڇهين درجي ۾ آيو هو. هنن جي ڪل ڪائنات پادري هو. پر پادريءَ لاءِ ڪائنات وارن ڪجهه ٻيو سوچيو هئو. هڪ ڏينهن ٻنهي ٻارن ۽ گهر واريءَ کي گهرائي چيائين: ”هاڻي مان اوهان سان گهڻو وقت نه هوندس. منهنجا ٻچڙءُ ۽ منهنجي پياري سوزي مون کي معاف ڪجانءِ، مان شايد زندگيءَ جون اهي خوشيون ۽ مسرتون اوهان کي نه ڏئي سگهيس، جيڪي اوهان چاهيون. منهنجي اوهان لاءِ دعا آهي ته خداوند اوهان کي ڪڏهن ڪنهن جي آڏو گُهرجائو نه بڻائيندو. منهنجي هاڻي موڪلاڻي اٿو. ڪيٿرين تون وڏي آهين ڀاءُ جو به خيال رکجانءِ، جيمس ڏس تون آهين ته ننڍڙو پر ڀيڻ جو خيال رکجانءِ. تون ان جو ڀرجهلو ٿجانءِ. منهنجا پيارءُ مان جيمس جي اولاد جي صورت ۾ موٽي ايندم ۽ اوهان سان ملندم. اوهان ڳڻتي نه ڪجو“ پادريءَ جو روح پرواز ٿيو، ڄڻ هنن جا سک پرواز ڪري ويا. سوزيءَ پادريءَ جو ڇڏيل بيماريءَ جو بسترو وڃي وسايو. ڪيٿرين جي پڙهائي متاثر ٿي وئي.
پادريءَ ملڪيت ۾ رڳو هڪڙو گهر ڇڏيو هئو. سوزيءَ وٽ ڪجهه زيورن ۽ گهرجي ڪجهه سامان کانسواءِ ڪجهه به نه هئو، اهي شيون به رڳو سال کن هليون.
سال گذرڻ کانپوءِ گهر ۾ نه ڪا شئي وڪڻڻ لاءِ بچي ۽ نه ڪجهه کائڻ لاءِ هو. ڪيٿرين پاڙي جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ وٺي آئي.
هڪ ڏينهن سلائي پئي ڪري ته چار ڏينهن بسترو پئي وسايائين. اهڙيءَ طرح انتهائي سخت حالتن ۾ ڪيٿرين هڪ ڪم ڪيو جو ماسيءَ کان اڌارا پئسا وٺي نائين ڏهين جي امتحان جو فارم ڀرائي ڇڏيائين.
ڏهين جو امتحان ڏئي نوڪريءَ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻ لڳي. هڪ اداري ۾ ڪلارڪي ملي ويس. گهر ۾ پگهار اچڻ شروع ٿي ته گهر جو چرخو به اڳتي هليو.
ڀاڻس نائين درجي کانپوءِ پڙهڻ کان نابري واري ڇڏي. هن ڪو ڪم پئي ڪرڻ چاهيو پر بغير تعليم جي کيس ڪهڙو ڪم ٿي ملي سگهيو. ڪنهن طريقي سان ڪيٿرين کيس به هڪ فيڪٽريءَ ۾ ڪم سان لڳرائي ڇڏيو.
جيمس کي هٿ ۾ پگهار اچڻ شروع ٿي ته مٽ مائٽ به ويجها ٿيس ۽ دنگ ريٽا کي سندس زندگيءَ ۾ آڻي ڪيائونس. ڪيٿرين ۽ ماڻس ويڳاڻيون ئي رهيون. ريٽا جي زندگيءَ ۾ اچڻ سان جيمس جا تيور ئي مٽجي ويا.
سوزي ۽ ڪيٿرين جو سهارو جيمس هو پر جيمس جي آس ريٽا هئي. سوزي اهي حالتون وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهي ۽ نيٺ وڃي پادريءَ جي ڀرواريءَ قبر ۾ سڪون ورتائين. هاڻي هئي ڪيٿرين، جيمس ۽ زندگيءَ جا امتحان.
جيمس جي پهرئين پٽ کي جهول ۾ کڻندي ڪيٿرين کي پادري پيءُ جا لفظ ياد پيا. ”آءٌ جيمس جي اولاد جي صورت ۾ وري ايندس.“ ڪيٿرين سندس پٽ کي سيني سان لاتو ۽ سندس سيوا ڪرڻ جو پهه ڪيائين.
جيمس کي وري ٻيو به پٽ ڄائو، ان کانپوءِ ٻه ڌيئر، ڪيٿرين کي اهي سڀ پادريءَ جا مختلف روپ لڳا ۽ هوءَ سندن سيوا ۾ لڳي وئي.
جيمس جا پٽ جڏهن پيءُ جي قد جيترا ٿيا، ته گهر سوڙهو ٿي ويو. پر گهر کان اڳ ۾ دليون سوڙهيون ٿي ويون هيون. دل جا دروازا بند هجن ته گهر جي درين مان تازي هوا اچڻ بند ٿي ويندي آهي ۽ گهر جي کليل دروازن کي به تالا لڳي ويندا آهن. ڪيٿرين لاءِ دل ۽ گهر ٻنهي تي تالا لڳي ويا. گهر جي مٿئين حصي ۾ هڪ ننڍڙو اضافي ڪمرو ڪيٿرين وسايو ڇو ته هن ٻئي ڪنهن گهر ٺاهڻ جو سوچيو ئي نه هئو يا سندس گهر ٺاهڻ جي سوچ ٻئي ڪنهن کي به نه آئي. هيءَ ته هڪ سوني جهرڪي هئي، جنهن کي اڏرڻ به نه ڏيڻو هو ۽ قيد به رکڻو هو.
جيمس جا ٻئي پٽ ڪيٿرين سان گڏ رهن ٿا، پر پيءُ کي پورو خرچ ڏيندا آهن. جيمس ڪيٿرين سان، کانئس خرچ وٺڻ واري ڏينهن کانسواءِ ڳالهائي ئي نه ٿو. هوءَ ان گهر ۾ مهمانن وانگر اچي ٿي، جنهن جي بقا لاءِ دعائون گهريون هئائين.
سندس گهر ۾ انبن جو ٻور به ڇڻي وڃي ٿو، جيڪو ريٽا ٻهاري ڇڏي ٿي. ڪيٿرين کي نه گهر تي اختيار آهي ۽ نه انبن جي ٻور تي...
نوان پادري سندس پادري پيءُ جي ڪتابن مان ٽڪرا کڻي عبادت وارن ڏينهن تي پڙهن ٿا. ان مان سبق ڏين، پرائن، سمجهائن ۽ ڦهلائن ٿا پر سڀ پادري ان جي يتيم نياڻيءَ ۽ اڻ سڌريل پٽ جي مسئلن ڀريل زندگيءَ کان لاتعلق ۽ ڄڻ اڻ واقف آهن. گهرجي مٿئين ڪوٺڙي جنهن ۾ ڪيٿرين رهي پئي هئي، سا به برساتن ڪري ڪمزور ٿي وئي ۽ ڪنهن به مهل ان جي ڇت ڪري پئي سگهي. ڪيٿرين لاءِ هاڻي اڃان به وڌيڪ مشڪلاتون شروع ٿي ويون .
جيمس ڪنهن به حالت ۾ ساڻس تعاون ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. گهر ٺهرائڻ جي ڳالهه تي به چيائونس ته پاڻ ٺهراءِ، جڏهن ته گهرجي وڏي حصي ۾ جيمس جي فيملي پئي رهي. ريٽا ايندي ويندي طعنا هڻيس. ڪيٿرين کي پنهنجي پيءُ جو روپ نظر ايندڙ ڀائٽين جو مستقبل ٺاهڻو هو. جيمس جو خيال هو ته ڇوڪرا نه پڙهن ۽ ڪنهن ڪم ڌنڌي سان لڳن ته جيئن گهر ۾ پئسو اچي. ڪيٿرين جو خيال هو ته ڇوڪرا پڙهي لکي وڃن ۽ جيمس وانگر جاهل نه رهجي وڃن. ڇوڪرا به ڪيٿرين جو چيو مڃن پيا، ڇو ته هو به پنهنجو مستقبل بهتر بڻائڻ پيا چاهين.
مسئلن جي ڇڪتاڻ وڌندي وئي ۽ ڪيٿرين وٽ سواءِ ان جي ڪوبه چارو نه هئو ته هوءَ جدا گهر وٺي رهي، هن ڀرسان هڪ مسواڙ تي گهر ورتو. ڇوڪرا ساڻس گڏ هئا. جيستائين سندن تعليم جا خرچ هئا ته مائٽ کانئن به ڪاوڙيل هئا. جيئن ئي هاڻي هنن پڙهائي پوري ڪئي آهي ته جيمس ۽ ريٽا کي پٽن جي محبت جو احساس به ٿيو آهي ۽ هو انهن سان ويجها ٿيا آهن.
ڪيٿرين اڄ به Prayers ۾ وڃي پادري (پنهنجي پيءُ)، سوزي پنهنجيءَ ماءُ، سندن گهر ۽ پادريءَ جي آل اولاد جي بهتريءَ لاءِ دعائون گهري ٿي. زندگيءَ جي گولڊن جوبلي پوري ڪرڻ واري ڪيٿرين لاءِ هينئر پيءُ جي تعليم جو اکر سمجهڻ مشڪل ناهي رهيو. مشڪل آهي ته زندگيءَ جو ۽ زندگيءَ جي مسئلن، مونجهارن جو سٽ جيڪو خبر ناهي ڪڏهن کلندو.