ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

18. انصاف کپي

ڊاڪٽر سعديه جيترو وڏو عورتن جو هجوم پنهنجي گهر جي ٻاهران بيٺل ڏٺو ته پريشان ٿيڻ لازمي هوس. ”خدا خير ڪري“، بدحواسيءَ ۾ گاڏي بند ڪرڻ به وسري ويس.
ڊوڙندي گهر جي در تي پهتي در اندران بند هو ۽ اندر سندس ٻارڙا هئا. عجيب الوڻا سلوڻا خيال دل ۾ جاڳڻ لڳس. ”حرا، سعود.... دروازو کوليو! هوءَ پريشانيءَ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳي. عورتن جا آواز کيس اڃان منجهائي ٿا ڇڏن. ”هيءَ آهي؟....هيءَ آهي اها ڊاڪٽرياڻي.... هيءَ آهي سعديه.... هيءَ اچي وئي... وغيره وغيره
هوءَ سوچي ٿي ته هي مون لاءِ ائين ڇو ٿيون چون! ڇا ٿيو آهي؟ کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. هوڏانهن ٻارن در کولڻ ۾ پئي دير ڪئي. ڊاڪٽر سعديه لاءِ اهي گهڙيون صدين وانگر گذري رهيون هيون.
ايتري ۾ سندس گهر جي دريءَ جي ننڍڙي وٿي کولي سعود پڪاري ٿو... ”مما اچي وئي“... ۽ پوءِ ڊنل هيسيل سعود ٿورڙو در کولي ماءُ کي هڪدم هٿ کان ڇڪي اندر ڪري ٿو ۽ يڪدم در لاڪ ڪري ڇڏي ٿو. ڄڻ کيس خوف هجي ته عورتن جو اهو هجوم گهر اندر گهڙي ايندو. ماءُ کي گهليندو سندس پڇڻ کان اڳ ئي کيس خوف مان ٻڌائيندو اچي ٿو ته مما...مما... ماسي وحيده چئي وئي آهي ته پنهنجيءَ ماءُ کي چئه ته مونکي منهنجو حق ڏئي نه ته مان پوليس کي وٺي ايندس؟ مما ڇا هوءَ واقعي پوليس کي وٺي ايندي؟ مما ڇا اوهان کي واقعي پوليس پڪڙي ويندي؟... مما هن کي ڇا کپي؟ هوءَ ائين ڇو ٿي چوي... مما پليز ٻڌاءِ نه ڇا ٿيو آهي؟؟“
”پٽ ڇا ٿيو گهر ۾ ته سڀ خير آهي نه؟؟ توهان سڀ ٺيڪ آهيو نه. مان ڏاڍي پريشان ٿي ويس. مونکي ڪجهه ڳالهائڻ ته ڏيو... ڪجهه سمجهڻ ته ڏيو... حرا ڪٿي آهي؟“
”مما مان اجها اوهان جي پويان بيٺي آهيان. مما اسان کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي، هي ايڏيون عورتون ڇو آيون آهن؟ هنن کي ڇا کپي؟ اسان کي ته در کوليندي ئي ڊپ پيو ٿئي.
مما هاڻي ڇا ٿيندو... مما بابا کي فون ڪيو هنن کي چئو ته بابا پوليس کي وٺي اچي پوءِ وحيده ماسي پوليس کي ڪونه وٺي ايندي.“
گهر ۾ هڪ مانڌاڻ متل هو. ٻارڙا روئن پيا ۽ سعديه پريشان ته آخر هيءُ معاملو ڇو ايترو اجايو انگهجي ويو. نيٺ هوءَ سمجهي وئي ته وحيده ڇو ايتري طيش ۾ اچي وئي آهي.
ڊاڪٽر سعديه کي هاڻي سمورو معاملو سمجهه ۾ اچي ويو. ٻارن کان پاڻي گهريائين، سوچڻ لڳي ته آخر ان اجائيءَ مصيبت مان ڪيئن ڇوٽڪارو وٺي ۽ ڪيئن اهو مسئلو حل ڪري؟
ڊاڪٽر حسن ۽ ڊاڪٽر سعديه ننڍپڻ کان ئي گڏ پڙهيا هئا. ننڍڙي شهر ۾ هڪڙوئي ڇوڪرين جو ۽ هڪ ئي ڇوڪرن جو اسڪول هو ۽ ٻئي هڪ ئي گهٽيءَ ۾ هوندا هئا . حسن ڳوٺ کان پڙهڻ لاءِ ايندو هو. جڏهن ته سعديه اسڪول کان ٻه ٽي گهٽيون پرتي رهندي هئي. حسن هميشه پهريون نمبر ايندو هو. سعديه جي پيءُ جو ننڍڙو ڪرياني جو دڪان هو ۽ حسن جي پيءُ وٽ ٿوري گهڻي زمين هئي. نه حسن جي پيءُ جو فصل ايترو گهڻو لهندو هو ۽ نه ئي سعديه جي پيءُ جو ڪاروبار وسيع هو. سو حسن جو پيءُ ٿورو گهڻو اناج ڪڻڪ، چانور وغيره سعديه جي پيءُ کي فصل لهڻ کانپوءِ پهچائيندو هو ۽ سعديه جي پيءُ کي به مارڪيٽ ۾ وڃڻ بدران مناسب اگهه تي اناج ملي ويندو هو. اهڙيءَ طرح ٻنهي جو هڪٻئي سان ننڍيءَ ليول تي ڪاروباري واسطو هو.
ننڍڙو حسن اڪثر پيءُ سان گڏ شهر ايندو هو ته سعديه وارن جي گهر به ايندو هو، سعديه ۽ سندس ٻين ڀينرن ڀائرن سان راند ڪندو هو ۽ کين به ڳوٺ اچڻ لاءِ چوندو هو.
ٻارن جي انسيت وڏن ۾ به دوستي وڌائي. اها دوستي تڏهن گهڻي مضبوط ٿي، جڏهن حسن جي والده کي ٽائيفائڊ ٿي پيو. هو کيس اڌ رات جو شهر کڻائي آيا ۽ شهر ۾ ٻيو ته ڪو سندن مائٽ نه هو تنهن ڪري هو سعديه وارن جي گهر رڪيا. پورو هفتو حسن جي ماءُ سخت بيماريءَ ۾ گذاريو۽ سعديه جي ماءُ سندس خدمت هڪ ڀيڻ وانگر ڪئي. ان کانپوءِ ته هو سڳين ڀينرن کان به ويجهيون ٿي ويون.
حسن ۽ سعديه ٻئي ڊاڪٽر ٿيڻ چاهن پيا. ٻنهي گڏ ميٽرڪ ۽ انٽر پاس ڪئي.سندن اسڪول ۽ ڪاليج جدا جدا هئا پر پڙهائيءَ ۾ هو ٻئي هڪ ٻئي کان مدد وٺندا هئا. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته درسگاهه جي حدن کانسواءِ هو گڏ پڙهندا هئا. ٻنهي جي ميڊيڪل ۾ سليڪشن به گڏ ٿي ۽ هڪ ئي ڪاليج مان پڙهي، ڊگري ورتائون ۽ ڪميشن پاس ڪري ڪوشش ڪيائون ته هڪ ئي جاءِ تي پوسٽنگ ملي. پر کين اسپتالون ڌار ڌار مليون.
ننڍپڻ جو اهو ساٿ ۽ پنهنجائپ جو احساس هڪ ئي منزل جي تلاش لاءِ هڪ ئي خواب ڪڏهن بڻيو، ان جي کين خبر ئي نه پئي. پر هي اهي خوشنصيب نوجوان هئا، جن کي پنهنجن سپنن جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ ڪي به رڪاوٽون نه هيون. سواءِ هڪ مسئلي جي ته هو ٻئي چاهن پيا ته جڏهن هو عملي زندگيءَ ۾ پير رکن ته هو پنهنجي خاندان تي ٻوجهه بڻجڻ بدران پنهنجي زندگي پاڻ شروع ڪن ۽ سماجي طور پنهنجي هڪ سڃاڻپ بڻائين. ٻنهي جا مائٽ گهڻا تونگر نه هئا، کين پنهنجا ننڍڙا گهر هئا. حسن ۽ سعديه چاهن پيا ته شهر ۾ ڪنهن وڏيءَ اسپتال ۾ ڪم ڪن ۽ کين ايستائين سرڪاري گهر ملي جيستائين هو پنهنجو ڪو سٺو گهر وڏي شهر ۾ نه ٺاهي وٺن. پر سرڪاري گهر حاصل ڪرڻ به سولو ڪم نه هو. جيستائين کين اهو گهر ملي هو مسواڙ جي گهر ۾ رهڻ لاءِ مجبور هئا.
هيءُ ننڍڙو فليٽ جيڪو کين ڏاڍيءَ مشڪل سان مليو هو. مسواڙ وغيره ۾ ته مناسب هو، پرحسن کي پنهنجي هڪ گجراتي دوست جي مدد سان مليو هو جو سندس دوست جي ڀاءُ جو اهو ذاتي فليٽ هو. هو پنهنجي ايريا ۾ ڪنهن به ٻيءَ ذات وارن کي نه رهڻ ڏيندا هئا ۽ نه ئي کين اهي گهر خريد ڪرڻ جو حق هو. اهو سبب هوجو حسن ۽ سعديه لاءِ هر مهيني ڪونه ڪو مسئلو پيو اڀرندو هو. پر جيئن ته ٻئي ڊاڪٽر هئا ۽ پاڙي وارن لاءِ هلڪو ڦلڪو کنگهه بخار ٿيڻ تي سندن مدد وٺڻ سولي هوندي هئي، ان ڪري جيڪڏهن ڪا مخالفت اڀرندي هئي ته ڪير نه ڪير پاڙيوارو ڪاميٽيءَ وارن کي پرچائي وٺندو هو.
هوڏانهن حسن جي سرڪاري گهرجي تلاش به جاري هئي، سعديه جي ڊيوٽي ڪڏهن ڏينهن ته ڪڏهن رات جي هوندي هئي. کيس ان بلڊنگ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن مان هڪ ماسي وحيده ڪم ڪار لاءِ ملي وئي هئي. شروع ۾ ته وحيده هڪ ٻه ڪم ڪندي هئي پر پوءِ سعديه کيس سڄي ڏينهن جي ڪم لاءِ رکي ڇڏيو. هوءَ صبح جو اچي گهر جو ڪم ڪار لاهيندي هئي. ٻارن جي اسڪول کان موٽڻ کانپوءِ کين ماني وغيره ڏئي ٻئي ڪم سان هلي ويندي هئي، وري شام جو ايندي هئي. ٿورو گهڻو ڪم ڪري 7-8 وڳي واپس گهر هلي ويندي هئي. سندس گهر به ڀر واري ڪالونيءَ ۾ هو. انڪري اچڻ وڃڻ جي ڪا گهڻي پريشاني به نه ٿيندي هئس. سعديه جي گهر جو نظام اهڙيءَ طرح ڏاڍي سڪون سان هلي رهيو هئو. وحيده جا ننڍا ننڍا مسئلا سعديه حل ڪري وٺندي هئي. وحيده به ڪم جو گهڻو حساب ڪتاب نه ڪندي هئي، ان سڪون جي سانتيڪي تلاءَ ۾ مسئلن جو ڀتر وحيده خبر ناهي ڇا سوچي اڇلايو جو سعديه جي زندگيءَ ۾ ڀونچال اچي ويو.
وحيده اڳ ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ هئي.سندس پٽ ۽ ڌيءُ پنجين ۽ ڇهين درجي ۾ پڙهي رهيا هئا. سعديه به سندس مدد پئي ڪندي هئي. ڪڏهن سندس ٻارڙن جي يونيفارم ۾، ڪڏهن ڪتاب، ڪڏهن اسٽيشنري مطلب ته مدد ڪندي رهندي هئا. وحيده جي گهر ۾ ٽيون ٻار به اچڻ وارو ثابت ٿي ويو. ان تي وحيده ڏاڍي پريشان ٿي وئي ۽ هن ڊاڪٽر سعديه تي ڏاڍو زور ڀريو ته هوءَ ان معاملي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. سندس خيال هو ته 90 ڏينهن اندر ٻار ضايع ڪرائڻ جائز آهي پر اهوڪم ڊاڪٽر سعديه جي پروفيشن جي بلڪل ابتڙ هو. هنن کي ڪڏهن به اها اجازت نه هئي ته ڪو وقت کان اڳ ڪنهن زندگيءَ کي ضايع ڪن. اهو قانوني ڏوهه هو، جنهن جي ڪڙي سزا هئي. سعديه ان مسئلي ۾ وحيده جي مرضيءَ مطابق حل ڪرڻ کان لاچار هئي. سو هن کيس کتو جواب ڏنو. وحيده سندس ان جواب تي ڇتي ٿي پئي.
هن بلڊنگ ۾ وحيده جون ڪيتريون ئي مائٽياڻيون ڪم ڪري رهيون هيون. ٻئي صوبي کان آيل اهي عورتون ٽولا ٺاهي ڪمن لاءِ نڪرنديون هيون، هڪ ٻئي کي ڪم وٺي ڏيڻ ۽ گهر جا ڪم هڪ ٻئي کي سيکارڻ ۾ ڏاڍيون هوشيار هيون. پنهنجين ننڍين نيٽن ڇوڪرين کي به پاڻ سان گڏ وٺي اينديون هيون. کين گهرن جا ڪم سيکاري ڀڙ ڪري ڇڏينديون هيون. لابارن يا چونڊن جي موسم ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ هليون وينديون هيون ۽ عيد جي ڏينهن ۾ واپس اچي ڪمائڻ ۾ سندن وڏو فن هو.
وحيده جي ڪاوڙ سعديه برداشت (afford) ڪري نه پئي سگهي. ڇاڪاڻ ته گهر جي ڪم جو وڏو مسئلو هوس. انڪري پهريان ته کيس پرچائڻ جي ڪوشس ڪيائين پر وحيده جو شرط اهو ساڳيو... جيڪو پورو ڪرڻ سعديه جي وس کان ٻاهر هو. سعديه به کيس جواب ڏئي ڇڏيو ته ڀل وحيده ڪم ڇڏي ڏئي پر سعديه سندس هٿان Exploit نه ٿيندي. هوڏانهن وحيده به چَپ پئجي ويس. هن ڇا ڪيو جو پنهنجين سمورين مائٽياڻين کي پاڻ سان ملايائين ته ڪير به ڊاڪٽر سعديه جي گهر ڪم ڪرڻ جي هامي نه ڀري ته جيئن هوءَ پريشان ٿي وحيده جو مطلب پورو ڪري پر سعديه ان تي به نه مڃيو. جيئن ته بلڊنگ ۾ 90% سيڪڙو ڪم واريون عورتون وحيده جون مائٽياڻيون هيون ۽ سڀ هڪ ٻئي جي اڇي ڪاري ۽ سڳي ڌاڳي ۾ ٻڌل هيون، ان ڪري انهن سعديه لاءِ هڪ محاذ کڙوڪيو.شروع ۾ ته کيس اجايو تنگ ڪرڻ لڳيون،سندس دروازي تي ڪچرو ڦٽي ڪري وڃڻ، سندس رڌڻي جي نالي ٻاهران بند ڪرائڻ وغيره. پر پوءِ ته ڄڻ دشمن ٿي بيهي رهيون . هاڻي هنن سڀني گڏجي پاڙي جي ماڻهن کي به پنهنجي طرف ڪري ڇڏيو هو. ان علائقي/بلڊنگ ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ پئسو ته جام هو پر عورتون گهٽ تعليم يافته ۽ گهريلو هيون، جيڪي گهر جا سمورا ڪم انهن عورتن کان ڪرائينديون هيون. انهن به نه پئي چاهيو ته اهي ڪم واريون عورتون ناراض ٿي ڪم ڇڏي وڃن ۽ کين پوءِ پريشاني ٿئي ، انڪري بلڊنگ جون 70% عورتون به وحيده ۽ ان جي مائٽياڻين جي پاسي ٿي بيهي رهيون. چون ته ڊاڪٽر سعديه پڙهائيءَ جو رعب ٿي وجهي! هو سڀ وحيده جي ڪوڙي سچي بيان ڪيل ڪهاڻيءَ تي اعتبار ڪري ويٺيون هيون.
اڄ سعديه جي گهر جي ٻاهران جيڪو جلوس ڪٺو ٿيو هو سو به ان ڪري ته ڊاڪٽر سعديه جيئن ته غريب وحيده تي تمام گهڻو ظلم ڪندي رهي آهي، ان ڪري هوءَ ڏوهارڻ آهي. مٿانئس الزام هئا ته هوءَ وحيده کان ڪم گهڻو وٺي ٿي ۽ اجرت گهٽ ٿي ڏئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مورڳو پگهار نه ٿي ڏئي ۽ کيس مختلف قسمن جا خطرناڪ ڪيميڪل گهرجي صفائيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ چوي ٿي، جن جي ڪري وحيده جي صحت کي خطرو آهي. ان کان سواءِ هر وقت وحيده تي تنقيد ڪري ٿي، کيس هروڀرو بي عزتو ڪري ٿي وغيره وغيره...
ڊاڪٽر سعديه هڪ سمجهدار ۽ پڙهيل ڳڙهيل عورت هئي، هوءَ هروڀرو ڊڄڻ واري به نه هئي. هن هڪدم ڊاڪٽر حسن کي فون ڪيو. ايس پي هميراڻي ڊاڪٽر حسن جي ڳوٺ جو هو ۽ سندن سٺي دوستي به هئي. هو هڪدم گاڏي تيار ڪري حسن جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. هيڏانهن حسن به تڪڙ ۾ ڪجهه مريض اڪلائي ۽ ڪن جي ٻئي ڊاڪٽر کي پارت ڪري گهر ڏانهن وريو. ايتريءَ دير ۾ ڊاڪٽر سعديه جو ڪم وارين عورتن نڪ ۾ دم ڪري رکيو. سندن هڪ ئي رٽ هئي ته هوءَ گهر ڇڏي وڃي. پاڙي جي ڪجهه گهٽ سمجهه وارين عورتن به سندن ساٿ ۾ پئي واڪا ڪيا. اهو سمورو لقاءُ جڏهن بلڊنگ جي ڪاميٽيءَ وارن ڏٺو ته هنن به اچي معاملي جي اصليت ڄاڻڻ چاهي. اهي عورتون جيڪي سعديه جي اچڻ کان اڳ موجود نه هيون سي سعديه کي گهر ۾ موجود ڏسي ٻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺيون. هنن کي تصور ۾ اهو هو ته سعديه اڪيلي آهي ۽ آهي به ٻيءَ ڪميونٽيءَ جي ان ڪري کيس اتان لڏائڻ به سولو آهي. پر سعديه به پنهنجيءَ جاءِ تي اٽل پهاڙ جيان بيٺي هئي. وحيده جي ڪنهن مائٽياڻيءَ وحيده جي گهر واري کي به فون ڪري ڇڏيو هو. عورتن رکي رکي پئي نعرا هنيا ”وحيده کي... انصاف کپي.“ سعديه پهريان ته گهر مان نه پئي نڪتي ۽ سوچيائين ته حسن اچي ته پوءِ ٿي نڪران پر ڪاميٽيءَ وارين عورتن کيس گهر ۾ ويهڻ ئي نه ڏنو. اها سموري ڇڪ ڇڪان واري صورتحال هلي پئي جو حسن ۽ ايس پي هميراڻي به اچي پهتا.سندن اچڻ کانپوءِ هجوم ۾ ڪجهه ماٺ ٿي. ايس پي سڀني ماڻهن کي هڪ پاسي ڪيو ۽ معاملي جي حقيقت معلوم ڪرڻ چاهيائين. وحيده جي مائٽياڻين هٿ نچائي نچائي ڊاڪٽر سعديه تي الزام پئي هنيا ۽ وحيده ته ڄڻ اڏامي پئي. ايتري ۾ سندس مڙس به اچي پهتو. وحيده پهريان ته کيس ڏسي حيران ۽ ٿورڙي پريشان نظر آئي پر پوءِ سندس چهري تي اڃان وڌيڪ ڪرختگي اچي وئي. سندس چهري مان پئي لڳو ته ڄڻ ڪنهن سفر تان موٽيو هجي ۽ کيس ڪنهن به معاملي جي ڄاڻ نه هجي. ايس پي عورتن جي غير ضروري بيان بازيءَ کان تنگ اچي ڊاڪٽر سعديه کي چيو ته ڀاڄائي اوهان ٻڌايو ته ڇاهي سچ پيون چون. سعديه ڏاڍي پر اعتماد لهجي ۾ سمورن الزامن جي ترديد ڪندي جڏهن چيو اصل حقيقت مان اوهان کي سڀني جي سامهون ٻڌايان ٿي پوءِ اوهان پاڻ فيصلو ڪجو ته مان ڇا واقعي ڏوهه ڪيو آهي؟ يا ڏوهه کان بچڻ چاهيو آهي؟
سندس ڳالهه شروع ڪرڻ کان اڳ ئي وحيده جي رويي ۾ انقلابي تبديلي اچي وئي، اچي کيس ڀاڪر پائي چوڻ لڳس “چلو باجی چھوڑواس قصے کو دفع کرو۔۔۔میں نے آپ کو معاف کیا۔۔۔ آپ تو میری بہنوں جیسی ہیں۔۔۔ چلو ایس پی صاحب دفع کرو قصے کو۔۔۔” سعديه سندس ايڏي وڏي تماشي ڪرڻ کانپوءِ ائين سانڊي وانگر رنگ مٽائڻ تي حيران رهجي وئي. ان کان اڳ جو هوءَ ڪجهه چوي ايس پي هيراڻي پڻ حيران ٿي ويو ته هي ڏهه منٽ اڳ ڪهڙا تيور هئا هينئر ڇا ماجرا ٿي وئي آخر وحيده کي ڇا ٿي ويو... حيران ٿي وحيده جي مڙس کان پڇڻ لڳو ته “ارے! تمہاری بیوی نے یہ کیا ڈرامہ کیا ہے؟ کبھی محلہ کٹھا کرتی ہے تو کبھی صلح کر کے بہن بناتی ہے۔ تم بتاؤ اصل کیا بات ہے؟”
وحيده جو مڙس جيڪو ايتريءَ دير کان پاڻ حيران پريشان معاملو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو سو ايس پي هميراڻيءَ کي هٿ ٻڌي چوڻ لڳو؛
“پتا نہیں صاحب میں تو ابھی ابھی اسٹیشن سے سیدھا ادھر آرہا ہوں گھر بھی نہیں گیا۔۔۔ پتا چلا ادھر کوئی مسئلہ ہے۔ میں تو گاؤں گیا ہوا تھا۔ پورے چھ مہینے بعد ابھی یہ بات سن کر آیا ہوں۔۔۔ پتہ نہیں صاحب۔۔۔”
هو ايس پيءَ کي ثابتيون ڏئي رهيو هو.ڊاڪٽر سعديه وحيده جي منهن ۾ ڏٺو، جنهن تي ڄڻ هيڊ هاريل هُئي.