ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

• جوڙي سلامت رهي

عابده سان منهنجو جيءَ جو جڙيل ناتو تڏهن کان آهي، جڏهن هن اڃان ڳالهائڻ سکيو پئي. اسڪول کانپوءِ منهنجي ذميواري هوندي هئي ته هن کي کڻي کيڏايان، وهنجاري صاف سٿرا ڪپڙا پارائي هٿ ٻانهون پڪڙي زوريءَ سرمو پارائيندي هئي مانس. شام جو روزانو انبن جي مند ۾ انب کارائي امان کان داد وٺي خوش ٿيندي هئس ته مان هن کي ڪيڏو ته سٺو سنڀاليان ٿي. ڏينهن پٺيان مهينا، مهينن پٺيان سال گذريا، عمر سان گڏ سندس ذهانت به نکرندي وئي. پڙهائيءَ ۾ تمام گهڻي هوشيار، اصولن جي پڪي جيڪو ڪم ڪرڻو اٿس ڪري رهندي. بس ڳالهه مڃرائڻي آهي. ادو ڪامريڊ غلام رسول سهتوچوندو ئي هوشو ارڏي ڀيڻ هئس. امان گهر ۾ پاڻيءَ جي دلي ڀرڻ لاءِ چوندي هئس، جيڪو ڀريندي ته هئي پرڏاڍيءَ لاچاريءَ سان سو هڪ ڏينهن دلو ڀرڻ لاءِ نلڪي جا گيڙا ڳڻي ويٺي حساب ڪرڻ ته ڏينهن ۾ 3 دفعا ڀرڻ سان ڪيترا گيڙا ايندا، هفتي، مهيني ۽ سال جو حساب ڪيائين. پوءِ امان کي چيائين ته جنهن ڏينهن توهين ڪپڙا ڌوئو مان سڄو ڏينهن نلڪو هلائي پاڻي ڀري ڏينديس پر سال تائين وري مونکي دلي ڀرڻ لاءِ نه چوندا. مونکي پڙهڻو آهي. امان سندس ذهانت تي لاجواب ٿي وئي، چيائينس حسابن ۾ تنهنجون گهڻيون مارڪون اينديون آهن ته ٺهه پهه جواب ڏنائين سئو سيڪڙو. امان پاڻ ته اڻ پڙهيل هئي پر اولاد جي پڙهائيءَ لاءِ جيتريون به قربانيون ڏيڻيون هئس سي ڏنائين. سڀ سرتي کڻي چوندي هئي ته منهنجن ٻچن کي ڪا تڪليف نه اچي. گرميءَ ۾ پکو هڻندي چوندي هئي ته توهين آرام سان پڙهو! پگهر جي ڪري توهان جا ڪتاب ڪاپيون خراب نه ٿين. عابده جي معصوميت تي چيائين تون آئنده ڪم نه ڪر. اهڙيءَ طرح هن ضدي اصول پسند ڪم جو انڪار به نه ڪيو ۽ ڳالهه به مڃرائي ورتي. سو هن جو ٽيڪنالاجي ذهن ننڍي هوندي کان ئي هو.
پڙهڻ لکڻ سان دلچسپي، قلم جو هٿيار ڪڏهن به ڦٽو نه ڪيائين. تمام ننڍيءَ عمر ۾ ڪمپيوٽر ڪورس ڪري نوڪري ڪرڻ لڳي. ادب سندس ذوق رهيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي مشهور پروگرام سرتين سينگار، نوجوانن لاءِ روشن راهون، پڙهو ۽ پرايو، موتين مالها وغيره يادگار پروگرام اٿس. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جا پروگرام ڪندي هئي. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جا پروگرام ڪندي ڪمال ڄامڙي سان واقفيت ٿيس، جيڪو هن وقت خود ادب، ڪلچر، تهذيب ۽ ثقافت ۾ نالو پيدا ڪري چڪو آهي.
ريڊيو پاڪستان جي آواز جي لهرن سان گڏ سندس جيون جي رشتي جا پڙاڏا اسان جي ڪنن تائين پهتا ۽ موتين مالها پروگرام ڪندڙ زندگيءَ جي مالها ۾ پوئجي ويا. سندس خون جو رشتو ته نه هو پر ذهني هم آهنگيءَ جي پيچري اڻاگين تڪليفن کي پار ڪندي روشن راهون پيدا ڪيون. نوڪريءَ سان گڏ هڪ تڙپ ٻي به هئس. سندس قلم آڱرين ۾ پيو گهمندو ڦرندو هو ۽ آخر سنڌي اخبار عوامي آواز جي عورتن واري صفحي سورميءَ جي انچارج ٿي پنهنجي شوق کي پورو ڪيائين. سورمي پڙهڻ وٽان هو. عابده جي دلچسپيءَ جو اندازو ان وقت محسوس ٿيو جو مان هن سان گڏ سندس ٻار جي پيدائش تي اسپتال ۾ رهيل هئس. سرڪاري اسپتال، آپريشن ٿيل، رهائش جو ڪو خاص انتظام نه هو. مايون ٻار پيدا ڪري مڙس سان نخرا ڪنديون آهن پر هن ڪمال کي چيو ته واپسيءَ تي عوامي آواز مان سورميءَ جو مواد کڻي اچجانءِ ته ايڊٽ ڪري وقت سر اماڻيان. اهڙيءَ طرح ٻار کي کير پياري پاسي ۾ سمهاري ٻن وهاڻن جي ٽيڪ سان پيٽ جي پٽيءَ کي پنن سان ڍڪي قلم جي نوڪ سان سورميءَ جي سيج کي سبندي سبندي مواد کي ترتيب ڏئي آڻ نه مڃيائين. آپريشن کانپوءِ ايڏيءَ تڪليف جي باوجود پنهنجو فرض پورو ڪيائين. سورميءَ ۾ قلم جي سگهڙائپ سان گڏ گهر جي سگهڙائپ ۾ به گهٽ نه رهي.
سندس چار ٻار، سٺي تعليم، هوشيار، سٺو لباس، ادب آداب ۾ ڪنهن به حوالي سان گهٽ نه آهن. سرهاڻ، مهراڻ، رهاڻ، سهائيءَ سان ڪچهري ڪرڻ وقت پيءُ ماءُ جو عڪس ٻارن ۾ به نظر ايندو.
ڪمال سان سندس ساٿ، ڪمال جو عابده سان ساٿ ٻنهي جي ادبي زندگيءَ جي اولڙي ۾ محسوس ٿئي ٿو. هيءَ عام رواجي عورتن وانگر ناهي سوچيندي. سندس (ڪمال جي امڙ) گذاري وڃڻ کانپوءِ نڻانن ۽ ڏيرن تي شفقت جو پاڇو قائم آهي. بلڪه ڪجهه وقت اڳ سندس نڻان جي شادي هئي مين بازار ۾ خريداري پيا ڪريون، مونکي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪا سندس ڌيءُ هجي. هن پنهنجي وس وت آهر هر شئي پئي خريد ڪئي. روزانو بازار جا چڪر، گهرجي ذميداري ۽ نوڪري ٽنهي کي پئي نڀايائين. ڪمال کي به مٿس گهڻو ڀروسو هو، جو شام جو جڏهن سامان ڏيکاريندي هئس ته هي شيون آنديون آهن ته سندس چهري جي اطمينان سان جواب ڏيندي چوندو هو ته ها بس ٺيڪ آهي. هنن ٻنهي جي سٺي ساٿ جي ڪري ٻنهي جو رويو پنهنجن پنهنجن ساهرن سان سٺو آهي. مان ڪمال کي ادب جو ٽوٻو چوندي آهيان پر عابده کي ادب جي مڇي چونديس. جيئن پاڻيءَ بنا مڇيءَ جو زنده رهڻ محال آ تيئن عابده جو ڪتابن جي وهڪري کان وانجهيل زنده رهڻ اڻپورو آ. هميشه ڪاميابيءَ لاءِ ڪوششون ڪندڙ عابده کي مان ڪڏهن ناڪام نه چونديس. پر نراڙ تي لڳل نظر جي ٽڪي وانگر ڪڏهن ڪنهن امتحان ۾ گهٽ نمبر کنيائين ته مان کيس چوندي آهيان تون تمام گهڻي ڪامياب آهين ڇاڪاڻ جو تون آڻ نٿي مڃين. راتين جون راتيون جاڳي پي ايڇ. ڊي. ٿيسز مڪمل ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هن ۾ جيتري صلاحيت آهي ته هيءُ ڪتاب گهڻو اڳ اچڻ گُهرجي هان اها سندس سستي آهي يا ٻيو ڪجهه ان جو هوءَ پاڻ جواب ڏيندي. اميد آهي ته سندس ادبي سفر جاري ساري رهندو. ڇاڪاڻ جو ادبي مالها ۾ سندس عورتن جي هر پهلوءَ، بهادري، زيادتي، ظلم، مظلوميت کان وٺي حوصلي ڏيڻ لاءِ رڌ پچاءَ جا ٽوٽڪا وغيره وغيره سورميءَ جي زينت رهيا. ٻاراڻن ٻولن تي به لکيو اٿس. دراصل عابده اها حساس عورت آهي، جيڪا هر منظر جي عڪاسي ڪري ٿي. دُعا آهي ته عابده جي قلم جي سگهه اڳ کان اڳري رهي.

حميده گهانگهرو
چيئرپرسن، شهيد نظير عباسي فائونڊيشن