ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

7. تحقيق

مان پنهنجي پٽ عادل جي ايڊميشن ڪرائڻ جي سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ ساڻس گڏ ويس. هونئن ته هن سمورا مرحلا پاڻ ئي طئه ڪيا هئا. پر مان ساڳيءَ يونيورسٽيءَ جي پراڻي شاگردياڻي هئڻ ڪري چيو مانس ته هل ته گڏجي ٿا هلون ته جيئن متان کيس ڪا پريشاني ٿئي ۽ اڪيلو نه هجي. جڏهن ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ڀرسان لنگهياسين ته نالي واريءَ تختيءَ تي هڪ ڄاتل سڃاتل نالو پڙهي پير پاڻ هُرتو رڪجي ويا.”ريحانه فتح علي“؟؟ پر پوءِ سوچيم ان نالي جون ڪيتريون ئي ٿي سگهن ٿيون ڇاڪاڻ ته مان جنهن ريحانه فتح عليءَ کي سڃاڻيندي هئس (جيڪا منهنجي يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس فيلو هئي) اها ايجوڪيشن نه پرڪئمسٽري جي شاگردياڻي هئي. اسين سڀ ته ايم ايس سي ڪري يونيورسٽي ڇڏي چڪا هئاسين. هوءَ هڪ واحد ڇوڪري هئي جنهن ان مشڪل مضمون ۾ ايم فل ۽ وري پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جي ارادي سان يونيورسٽي نه ڇڏي هئي. مان چپ چاپ اڳتي وڌي ويس.
عادل جي ايڊميشن ۾ ڪجهه رنڊڪون هيون، جن ڪري سندس داخلا رد ٿي سگهي پئي ۽ يونيورسٽيءَ وارا ڪو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. مان پراڻي شاگردياڻي هئس. ايڊميشن ڊپارٽمينٽ جو جهونو هيڊ ڪلارڪ اسان جي شاگرديءَ واري دؤر ۾ جونيئر ڪلارڪ هوندو هو. شڪر ٿيو جو ان مونکي سڃاڻي ورتو ۽ چيائين ته رنڊڪون ته آهن پر اسان جي هڪ ايڊميشن ڪو آرڊينيٽر آهي ان سان ملو جيڪڏهن ان سفارش ڪئي ته مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. نالو ٻڌايائين ”ريحانه فتح علي“.
مان دل ۾ دعائون گهرندي ويس ته خدا ڪري ڪا همدرد عورت هجي. سندس آفيس پهچڻ تي وري پي اي ٿورو انتظار ڪرايو، ان انتظار اسان جي بي چيني اڃان وڌائي. نيٺ اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ جڏهن پروفيسر ريحانه ميٽنگ مان واندي ٿي ته اسان اندر ساڻس ملڻ وياسين. سندس معتبر شخصيت کي ظاهر ڪندڙ معصوم چهرو منهنجي 20 سال پراڻي پياري سهيلي ريحانه جو ئي هو. اسان ٻنهي وٽ هڪ ٻئي جي خوشيءَ جي اظهار لاءِ لفظ نه هئا. ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪ هئا. ڪجهه دير حال احوال ڪرڻ کانپوءِ عادل جي ڪم بابت ليٽر ٺاهڻ لاءِ پنهنجي پي اي کي ڏنائين. چوڻ لڳي ”شاگردن جي انهن مسئلن ۽ مونجهارن کي حل ڪرڻ لاءِ ئي ته مون هيءُ ڊپارٽمينٽ چونڊيو .“ ”پر ريحانه تو ته ڪيمسٽريءَ ۾ ايم ايس سي به ڪئي هئي پوءِ هتي ڪيئن اچي وئينءَ“ منهنجو اچرج جاري هو. چيائين رڳو اڌ ڪلاڪ انتظار ڪر. مان ڪجهه ڪم اڪلائي وٺان ته ويهي ڪچهري ڪريون ٿا“. هن ويٺي ڪم پئي ڪيو ۽ مان عادل کي سندس ذهانت جون، اسان جي پراڻي دؤر جون ڳالهيون ٻڌائيندي رهيس. ايتري ۾ عادل جو ليٽر ٺهي آيو، ريحانه کيس وڌيڪ Procedure سمجهائي موڪليو ته هو پنهنجو معاملو ڪليئر ڪرائي ۽ اسين ويٺيون سين ڪچهري ڪرڻ.
مون چيومانس ادي منهنجي زندگي ته سنئين سادي يونيورسٽيءَ کانپوءِ شادي، ٻار ۽ ڪاليج ۾ نوڪريءَ واري معمول تي گذري. تون پنهنجي ٻڌاءِ ته هيڏي تبديلي ڇو؟
ريحانه ان تي ٻڌائڻ لڳي؛ مون جڏهن ايم ايس سيءَ ۾ پوزيشن کنئي ته مونکي پنهنجي ڊپارٽمينٽ وارن آڇ ڪئي ته جيڪڏهن مان چاهيان ته ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي به ڪري سگهان ٿي. ان سلسلي ۾ مونکي يونيورسٽيءَ ۾ ڪوآپريٽو ٽيچر جي ڪچي نوڪري به ملي سگهندي ۽ منهنجو ريسرچ جو ڪم به ٿي ويندو. مونکي اها صلاح ڏاڍي وڻي، مون لاءِ هونئن به گهر ۾ ڪجهه معاشي مسئلا هئا. مون سوچيو سٺو آهي جيستائين سٺي نوڪري ملي اوستائين ڪم ڪري ٿي ڏسان. ان سان گڏوگڏ مان ايم فل جو فارم به ڀري ڇڏيو، ايم فل ۾ اسان کي 8 ڪورس مڪمل ڪرڻا هئا. شروعاتي چار ڪورس پڙهائڻ لاءِ چار استاد هئا. ٻه استاد ته اهي ساڳيا هئا، جن اسان کي ايم ايس سيءَ ۾ پڙهايو هئو. البت هڪ سبجيڪٽ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ پروفيسر پيو پڙهائي ۽ هڪ سبجيڪٽ هڪ نئون استاد آيو هو تنهن کي پڙهائڻ لاءِ ڏنو ويو. سر عثمان جيڪو اسان جو هيڊ پروفيسر هو، ڏاڍو ڪرڙو هو پر تمام لائق پروفيسر هو. سندس تحقيق ڪيميڪل انڊسٽريءَ کي ڏڪائي ڇڏيو هو. سندس ٻڌايل فارمولن ۽ تحقيقي رپورٽ مطابق ڪابه دوائن جي ڪمپني ايڪسپائر ۽ ناقص دوائون تيار ته نه پئي ڪري سگهي پر اهڙو خام مال به ڪمپنيءَ ۾ رکي نه پئي سگهي. سرڪار سندس تحقيق مطابق ميڊيسن ڪمپنين ۽ غير معياري دوائن ٺهڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ اربين رپيا سيڙائڻ لاءِ تيار هئي. اهو سبب هو جو سرعثمان گهڻو مغرور به ٿي ويو هو.
سر فيروز جيڪو نئون اسسٽنٽ پروفيسر ٿي آيو هو. ان جي تحقيق وري پيسٽيسائيڊز (Pesticides) تي ٿيل هئي. سندس تحقيق اها هئي ته زرعي دوائن ۽ ڪيميائي ڀاڻ ۾ وڏي پيماني تي ملاوٽ ٿيندي آهي ۽ هن هڪ اهڙو ڪيميڪل ٻڌايو جيڪو ملاوٽ ٿيڻ جي صورت ۾ اصل ڀاڻ جو اڇو رنگ مٽائي هلڪو گلابي يا هلڪو پيلو ڪري ڇڏيندو! اهڙيءَ طرح آباد گارن کي خبر پئجي ويندي ته ڀاڻ ۾ ملاوٽ آهي يا نه. ان تحقيق تي به حڪومت ڪي اپاءَ وٺڻ چاهي پئي ان سلسلي ۾ زرعي ترقياتي رٿائن تحت پروپوزل گهرايا ويا هئا.
اسان جڏهن ايم فل جو ڪورس ورڪ مڪمل ڪري ورتو ته ٿيسز لاءِ سپروائيزر جي چونڊ ڪرڻي هئي. سر فيروز ڪلاس به پابنديءَ سان وٺندو هو ۽ شاگردن جي حوصلي افزائي به گهڻي ڪندو هو. چاهي ننڍڙي اسائنمينٽ هجي پر هو هر ڪم تحقيقي انداز ۾ ڪرڻ لاءِ همت ڏياريندو هو.
ان جي ڀيٽ ۾ سر عثمان نه ڪجهه ٻڌائيندو ۽ نه ئي ڪا صلاح ڏيندو بس سندس حڪم اهو هوندو هو ته Study ڪريو پاڻهي سڀني شين جي خبر پئجي ويندوَ. ظاهر آهي شاگرن کي پاڻ هر شئي ڳولڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ سر فيروز کين نه رڳو صحيح صلاحون ڏيندو هو بلڪه جديد طريقي سان تحقيق جا طريقا ۽ ذريعا ٻڌائيندو به هو ۽ جيڪڏهن شاگرد منجهي پوندا هئا ته تحقيقي مواد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجي سر سندن مدد به ڪندو هو. ڪتاب آڻڻ يا ٻڌائڻ ته ڪهڙي شئي ڪيئن ۽ ڪٿي ملندي، ان سلسلي ۾ پنهنجون شيون ۽ پنهنجا ذريعا به کين استعمال ڪرڻ ڏيندو هو. انڪري هر ڪنهن شاگرد جي خواهش هئي ته هو سندس سپرويزن ۾ ڪم ڪري. جيڪا ڳالهه سر عثمان کان برداشت نه ٿيندي هئي. مٿان وري سرفيروز جي تحقيق تي حڪومت اپاءَ وٺڻ چاهيا ته ان جو سنئون سڌو اثر زرعي دوائون سپلاءِ ڪندڙ ايجنسين تي پوي پيو. سر عثمان جو هڪ دوست پڻ هڪ وڏيءَ ايجنسيءَ جو مالڪ هو. سو سر عثمان اڪثر سر فيروز کي پنهنجيءَ تحقيق تان هٿ کڻڻ لاءِ چوندو رهندو هو ۽ کيس زور وجهڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪندو هو.
منهنجو والد هڪ ننڍڙو آبادگار هو. اڃان تائين منهنجا ڀائر زمينون ۽ باغ سنڀاليندا آهن. بابو ۽ ڳوٺ جا ٻيا زمينداران ڳالهه جا شاهد هئا ته زرعي دوائن خاص طور تي ڀاڻ ۾ ملاوٽ ٿئي ٿي. مون جڏهن کين سرفيروز جي تحقيق بابت ٻڌايو ته هنن مون کي به اها صلاح ڏني ته مان سندس نگرانيءَ ۾ تحقيق ڪريان. جيئن منهنجي ڪم جو فائدو به ڳوٺ وارن کي ٿئي.
مون جڏهن پنهنجو سناپسز سر عثمان جي سامهون پيش ڪيو ته ان ۾ سر فيروز جو نالو نگران طور ڏسي کيس ڪاوڙ ورتي ۽ چيائين ته ڇوڪري توکي پي ايڇ. ڊي ڪرڻي آهي يا نه؟ مان منجهي پيس. هن مون تي زور وڌو ته مان نه رڳو سر فيروز جو نالو نگران طور ڪٽيان پر سندس نالو ان جي بدران لکان بلڪه هن مونکي اهو به چيو ته هو منهنجي ان صورت ۾ ڀرپور مدد ڪندو جيڪڏهن مان پنهنجي تحقيق سر فيروز جي مخالفت ۾ ڪريان.
هن مونکي وڏا سبزباغ ڏيکاريا ته جيڪڏهن مون سندس نگرانيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي ته هو مونکي سر فيروز کان به وڏو محقق ثابت ڪندو ۽ پوءِ منهنجو وڏو نالو ٿيندو.
پر مان سر فيروز سان Commitment ڪري چڪي هئس، رڳو سر فيروز نه پر بابي ۽ ادي پڪ ڏياري هئم ته توکي ته خبر آهي اسان جي ڳوٺن ۾ ننڍڙيءَ ڳالهه کي به داستان وانگر شهرت ملي ويندي آهي.
ڳوٺ جا اٻوجهه ماڻهو اهو نه پيا سمجهن ته مان رڳو اڃان تحقيق ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهيان. مان اڃان ڳوٺ وارن لاءِ ”ڀاڻ/ ڪلر يا دوائن لاءِ ڪجهه ڪري نه ٿي سگهان پر هو اهو پيا سمجهن ته ڄڻ منهنجي پڙهائيءَ ڪرڻ کانپوءِ ڪو وڏو انقلاب اچڻ وارو آهي. ڪجهه ڳوٺاڻا ته سر فيروز جي آفيس به اچي پهتا هئا. منهنجي سامهون وڏو چئلينج هو. سرفيروز کي نگران بڻائڻ جي صورت ۾ سر عثمان رلائي ڇڏي ها. تڪڙو رٽائر ٿيڻ وارو به نه هو. جو مان اهو سوچيان ها ته ٺهيو ڪجهه وقت ڏکيو نڪري ويندو ۽ جيڪڏهن سر عثمان جي چوڻ تي سندس نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيان ها ته اهو سرفيروز جي تحقيق جي ابتڙ ڪرڻو پوي ها...
سر عثمان مونکي هفتي جو ٽائيم ڏنو هو سوچڻ لاءِ. ان دوران ٽن ڏينهن تائين لاڳيتو مونکي بهاني بهاني سان گهرائيندو رهيو. هو مونکان پڇي نه پيو ته مون ڇا فيصلو ڪيو پر اهو محسوس ڪرائي پيو ته سندس چوڻ وٺڻ ۾ ئي منهنجي بهتري آهي.“ چوٿين ڏينهن تي ڇنڇر هو. مان صبح سان يونيورسٽيءَ وڃڻ بدران پنهنجو ٿيلهو کڻي سنئون سڌو ڳوٺ هلي آيس ۽ نئين تعليمي سال شروع ٿيڻ تائين واپس ڪونه ويس.
جڏهن نئون سال شروع ٿيو، نيون داخلائون ماسٽرس ڪلاس ۾ شروع ٿيون، ته مون به ”ايجوڪيشن“ ۾ داخلا ورتي. مون سائنس فيڪٽلي وڃڻ به ڇڏي ڏنو. ايجوڪيشن ۾ ايم اي ڪري ايم فل ڪيم ۽ پوءِ پي ايڇ. ڊي ڪيم ته اتي ئي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي وئي. تون سوچيندي هوندينءَ ته مون ائين ڇو ڪيو؟ مان هن ڊپارٽمينٽ ۾ اچي انهن شاگردن جي مدد ڪندي آهيان جيڪي مختلف سياستن جي ور چڙهي پنهنجو ڪيريئر وڃائي ويهندا آهن. منهنجي مهارت (Specialty) جو موضوع ئي اهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو عادل جي داخلا جي سلسلي ۾ هنن توکي مون ڏانهن موڪليو. مون نه رڳو هن يونيورسٽيءَ مان ان موضوع تي ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي بلڪه ٻاهرين يونيوسٽين مان به مختلف ڪورس ڪيا آهن. سال ۾ ٻه ڀيرا منهنجو ليڪچر ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ هوندو آهي. مون کي پنهنجي پيءُ جي اها نصيحت ياد آهي جڏهن هن چيو هو ته معاشري مان جهالت جو خاتمو ڪرڻو اٿو ته پاڻ پڙهو ۽ استاد بڻجي جهالت کي ختم ڪريو.
منهنجيءَ تعليم لاءِ جيڪي دروازا بند ڪيا ويا. مان ان لاءِ ڇا پئي ڪري سگهان؟ مون انهن دروازن جا تالا ۽ ڪنجيون هٿ ۾ ڪيون آهن ۽ هاڻي منهنجي اها ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن به ٻار لاءِ تعليم/ تحقيق لاءِ ڪوبه دروازو بند نه ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن اهو دروازو بند ڪيو ته ڪلف ڪنجي اسان وٽ آهي ۽ اسين حاضر آهيون.“
ريحانه فتح علي جون افسانوي ڳالهيون ماٺ ڪري ٻڌي، مان سندس قدردان ٿي ويس. سندس ڳالهين تي مان شايد يقين نه ڪريان ها پر مان جيئن ته پاڻ ان يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي هئس ان ڪري سڀ سمجهان پئي ۽ مون کي ڪجهه خبر به هئي. پڇيو مانس ته پوءِ سرفيروز جي تحقيق ۽ تنهنجي ڳوٺ وارن جي توقعات (Expectation) جو ڇا ٿيو؟“ وراڻيائين.
”سڀ ڪم ڊگريءَ لاءِ نه ٿيندا آهن. اسان ڪم ڪيو، مون پي ايڇ. ڊي ته نه ڪئي پر سرفيروز جي ٻانهٻيلي ٿي ضرور ڪم ڪيم، ڇو ته اهو منهنجو Passion هئو ۽ هيءُ Profession . اسان جي هڪ ليبارٽري آهي اتي ريسرچ ٿيندي آهي. اسين اڄ به گڏ ڪم ڪريون پيا. ڊرائيور پهريان فيروز کي وٺڻ ويندو آهي پوءِ هو ٻئي مونکي ۽ آخر ۾ اسين سوها کي پِڪ (pick ) ڪندا آهيون. سوها اسان جي ڌيءُ آهي. هوءَ ڪيمسٽريءَ ۾ پي ايڇ.ڊي ان ساڳئي مون واري موضوع تي ڪري رهي آهي.“