ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

2. ليکڪا

امي پاڻي اون اون امي امي پاڻي... ٻارڙي جي مسلسل روئڻ تي اکيون مهٽي اٿي گلاسڙيءَ ۾ پاڻي کڻي اچي پياريس ٿي ته ٻار جي روئڻ تي ٻيا ٻار به جاڳي پونس ٿا. اون، اون، يان يان، پاڻي. ٻئي ٻار کي جلدي جلدي کير ڏئي سمهڻ جي ڪري ٿي ته ڪي نوان تخيل ذهن ۾ اڀرنس ٿا. هڪ سٽ، ٻي سٽ، سوچي ٿي جيڪر 5 منٽ ڪڍي پين پنو کڻي ويهان، ٻاهر ڊرائنگ ٽيبل تي هلڪي روشنيءَ ۾ ڪوشش ڪري ٻه سٽون لکڻ چاهي ٿي ته وري ٻارن جا ساڳيا آواز امي پشي... ذهن ۾ اڀري ايندڙ سٽون سانڍڻ چاهي ٿي. بس هن مان هٿ ڇڏايان ته پوءِ ڪجهه لکي وٺان ٿي. ننڍڙيءَ کي پشي ڪرائي سمهاري مس واندي ٿي ته وري سندس فرمائش امي دُدُو، اٿي وري کيس کير ٺاهي ڏئي ٿي، جيتريءَ دير ۾ فيڊر پي وٺندو اوتريءَ دير ۾ مان ڪجهه سٽون سهيڙي وٺان.
لکڻ شروع ڪري ٿي رات جا سَوا ٽي پيا ٿين. ساڍي ٽين وڳي اوچتو امي امي امي سمهار! اون اون ٻار کير پي ورتو هئو ۽ هاڻي ماءُ جي ڪڇ ۾ سمهڻ پئي چاهيائين. سوچي ٿي هن کي سمهاري وٺان ته پوءِ ئي ڪجهه لکان! هونئن ذهن به اڄ سٺو ڪم پيو ڪري، ٿي سگهي ٿو ته ڪا چڱي شئي سرجي پوي. اهي پورپچائيندي ننڍڙي کي سمهاري وري اچي پين پنو کڻي ويهي ٿي. اوچتو ايئن محسوس ٿئيس ٿو ڄڻ بورچيخاني واري پاسي کان دريءَ مان ڪُئي اندر ٽپو ڏنو آهي. ڊپ کان هيانءُ ئي ڏڪي وڃيس ٿو. ان کان پهريان جو دل جهلي ۽ ليئو پائي ڏسي ڪنهن ٿانوَ ڪرڻ جو آواز اچيس ٿو ۽ پوءِ هڪ وڏو ٿلهو ڪارو تقريبن ٻليءَ جيترو ڇڇوندر هيڏي هوڏي ڊوڙندي ڏسي ٿي، جيڪو ٻاهران ڪنهن طريقي سان اندر گهڙي ته آيو آهي پر وڃڻ جو رستو نه ٿو لهي سگهي. اٿي بورچيخاني جو ٻاهران وارو در کولي ٿي ته جيئن ڇڇوندر واپس هليو وڃي. وري اچي پين هٿ ۾ کڻي ويهي ٿي ته متان هاڻي ڪجهه منٽ ملي وڃن ۽ متان ڪي ٻه سٽون سهيڙي سگهان.
ڪاڏي وئينءَ وري؟ مڙس جي رڙ ڪن تي پويس ٿي. اجها ها ها اچان ٿي. هو وري چويس ٿو هنن کي ته سنڀال منهنجي ننڊ ٿا خراب ڪن! ٻار جيڪي هڪ هڪ ٿي پيءُ سان گڏ سمهڻ لڳا آهن، تن کان بيزار ٿي چويس ٿو ته پهريان هنن کي ته سمهار پوءِ ويٺي پنهنجا ڪم ڪر! نه ٿا رات جو سمهڻ ڏين نه ڏينهن جو آرام اٿن. هو مسلسل ننڊاکڙي لهجي ۾ ڀڻڪندو ڀڻڪندو ٻيهر سمهي پوي ٿو. هيءَ ٻارن کي سمهارڻ لڳي ٿي لائيٽ بند اکيون بند ڪريو آواز نه اچي. ٻارن کي هدايتون ڏئي سمهڻ لاءِ زور ڀري ٿي. گهڙيال تي نظر وجهي ٿي ساڍا پنج پري پري کان آذانن جو آواز ڪن تي پويس ٿو. سوچي ٿي ٻارن کي سمهاري وٺان. ايستائين آذان به پوري ٿيندي پهريان نماز پڙهندس، پوءِ سٺو ٽائيم ملندو. اڄ يقينن ڪجهه مان لکي سگهنديس! اکيون بند آواز نه اچي. جلدي جلدي سمهو. هڪ دفعو ٻيهر ٻارن کي هدايتون ڏئي ٿي جيڪي هينئر قطعي سمهڻ جي موڊ ۾ نه آهن. ٻار ماءُکي به ستل ڏسي پاڻ به سمهي پون اهو سوچي هن به اکيون ٻوٽيون، اکيون ٻوٽيندي ائين محسوس ڪري ٿي ڄڻ ڏاڍي ٿڪ کانپوءِ سُڪون مليو هجيس. سوچي ٿي اسر جو ٽائيم ڪيڏو سُڪون ڏيندڙ هوندو آهي. سانت ڪنهن ڪنهن مهل پري کان آذان جو آواز، واهه، ڏاڍي سٺي مهل آهي. اڄ ته مان ضرور ڪو مضمون به لکي سگهان ٿي. بس ٿورو هي ٻار سمهي پون پر ٿڪجي به ڏاڍي پئي آهيان. بند اکين سان پور پچائي ٿي.
اٿ ڀلا، آفيس ڪو نه وڃڻو اٿئي ڇا؟ اٺ پيا ٿين. ڇا ارادو اٿئي؟ مڙس جي ڌونڌاڙڻ تي اکيون مهٽي اٿي ٿي، ڇا؟؟ اٺ پيا ٿين؟؟ گهڙيال ڏسندي ڄڻ دل وسامي وڃيس ٿي، اڙي.... ؟ مان ته ٻارن کي سمهارڻ لاءِ ستي هئس ننڊ اچي وئي؟ نماز به رهجي وئي ۽ هو منهنجو ڪجهه لکڻ جو پلان؟ ڪيڏو نه سٺو ذهن ٺاهيو هئم؟ ڪيڏا نه آئيڊيا هئا ذهن ۾؟؟ سڀ ڪم رهجي ويا؟؟ ۽ هاڻي يقيناً آفيس کي به دير ٿي ويندي.. سڄي رات اوجاڳو به ڪيو، هاڻي سڄو ڏينهن ٿڪ به هوندو، ڪو ڪم به نه ٿي سگهندو، هوءَ حيرانيءَ ۽ ڏک ۾ سڀ ڳالهيون چئي وڃي ٿي. مڙس جو رويو مستقل ڪاوڙ ۾ ڀريل آهي ۽ هو معمول وانگر کيس گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي؟ تون آهين ئي ناڪام عورت، تون ڪڏهن به صحيح نه ٿي ٿي سگهين؟ هاڻي هن مهل دير نه ڪر، مون کي ته دير نه ڪراءِ پوءِ پاڻ ڄاڻ پنهنجن ڪمن سان.
اڃا بس مڙس جي شڪل ڏسندي رهجي وڃي ٿي، اڄوڪي صبح جي شروعات به سٺي ٿي وئي. ها مان واقعي هڪ سست عورت آهيان، شايد مان زندگيءَ ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهنديس، پراهو ڪير فيصلو ڪندو ته مان واقعي رگهلي ۽ ناڪام آهيان؟؟ ناشتو ٺاهيندي سوچي ٿي، ناشتي کانپوءِ هڪ ڊگهي لسٽ ڪمن جي، آفيس ۽ گهر جا ڪم، ٻار، اڻ کٽندڙ ڪم ۽ اڻ کٽندڙ ناراضگي، ڪڏهن اهو وقت ايندو جڏهن هنن سڀني ڪمن مان واندي ٿي مڙس کي وڻڻ وارو ڪو ڪم ڪرڻ جهڙي ٿينديس ۽ پوءِ ناڪاميءَ جو ليبل لهندو؟