17. اسٽيٽس
”امان پليز رڳو هڪ ڪلاڪ کن ٻيو ڇڏ ته هيءُ آخري بنڊل آهي چيڪ ڪري وٺان ته پاڻهي سمهي پونديس“ مريم ماءُ کي منٿ ڪندي چيو ۽ مريم به ڇا پئي ڪري سگهي. هوءَ پاڻ هڪ رٽائرڊ لائبريرين هئي. ڌيءَ جون ذميواريون سمجهي پئي. هن کي خبر هئي ته يونيورسٽيءَ ۾ رڳو پڙهڻ نه پر پڙهائڻ به وڏي جوکم جو ڪم آهي. مومل تي ته هوءَ فخر ڪندي هئي پاڻ هڪ لائبريرين هئي ۽ علم سان چاهه رکندڙ هئي . سندس وڏيون ٻه ڌيئر تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گهر ٻارن سڀنالڻ ۾ لڳي ويون، ٽئين نمبر واريءَ مرڪ کي ٽيچر ٿيڻ جو شوق هئو. هوءَ پڻ يونيورسٽيءَ ۾ اڪنامڪس پڙهائي رهي هئي. سڀني کان ننڍي ۽ دادلي ڌيءُ مومل ڪڏهن به ٽيچينگ جي شعبي ۾ اچڻ نه پئي چاهي.ڊاڪٽر ٿيڻ مومل جو جنون هئو. هوءَ راند کيڏندي هئي ته ڊاڪٽر ڊاڪٽر. گهر ۾ ڪنهن کي مٿي ۾ سور پوي يا بخار يا ٻي ڪا تڪليف، ”مومل جي ميڊيڪل ايڊ “ هر وقت تيار ملندي هئي . لائونج ۾ رکيل ڊوائيڊر جو هڪ خانو مومل جي ڊسپنسري هئو. جتي هر قسم جي فرسٽ ايڊ موجود هوندي هئي. هوءَ سڀني ڀينرن ۾ ماٺيڻي طبيعت جي هئي، وڏيون اکيون، تکا نقش هر وقت ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ ٻڏل، ڪنهن جي به متوجه ڪرڻ تي هر وقت مرڪي جواب ڏيڻ سندس عادت بلڪه فطرت هئي.
مريم مومل کي ڪم ڪندي ڇڏي وڃي، بستري تي سمهي پر اڄ الائي ڇو ننڊ اکين مان موڪلائي وئي هئس. روز رات جو ننڊ جون گوريون کائڻ سندس معمول هئو. پر اڄ ته گوريءَ به اثر نه ڪيو. اڌ ڪلاڪ مشڪل سان ننڊ آيس پر ڇرڪي اٿي. مومل جي ڪمري جي بتي کليل ڏسي کيس ڏسڻ هلي وئي. موٽي اچڻ تي ننڊ کانئس موڪلائي وئي. مريم کي مومل جا گهر ۾ اڇو ڪوٽ پائي ۽ ڳچيءَ ۾ رانديڪن وارو اسٽيٿو سڪوپ پائي گهمڻ وارا ڏينهن ياد اچي ويا. اهي لمحا ياد ڪندي اکيون آليون ٿي وينس. مومل جي زندگيءَ ۾ اهڙو ته طوفان آيو جو سندس سمورا خواب گهلي ويو. اڳ ۾ ئي هوءَ خاموش رهڻ واري هئي. هاڻ ته ڄڻ زبان تي تالو لڳي ويس. مريم اتي اچي دريءَ کان بيٺي ۽ آسمان ڏي منهن ڪري خدا کان فرياد ڪندي پڇي ٿي، ”يا خدا آخر اسان کان ڪهڙو قصور ٿيو، منهنجيءَ معصوم نياڻيءَ سان اهو ظلم ڇوٿيو؟ جو هن سڄيءَ زندگيءَ جو روڳ پالي ورتو. آخر مومل ۾ اهڙي ڪهڙي خامي ڪهڙو نقص هئو، جو پنهنجن کيس ٺڪرايو. پنهنجن سڳن رشتن ۾ ايڏا ويڇا ڇو ٿا اچي وڃن؟ دولت وڏي بربادي آهي. اها انسان جو مقام مٽائي ڇڏي ٿي. ان جي روشنيءَ ۾ ماڻهو انڌو ٿي وڃي ٿو. انهيءَ انڌ ۾ کيس رشتا به نظر نه ٿا اچن. ها اهو ئي قصور هئو مومل جو، جو هوءَ ڪنهن وڏيري/جاگيردار جي ڌيءَ نه هئي. هن جي ماءُ هڪ سورهين گريڊ جي سرڪاري ملازم ۽ پيءُ دڪاندار هو. سندس ڪو وڏو بزنس نه هو. چار ڌيئر ٻه پٽ ۽ ٻه زال مڙس، اٺن ڀاتين جو خاندان ۽ پٺيان ڀينرن ڀائرن کي به مدد ڪرڻ کانپوءِ ان وٽ ايتري بچت نه ٿيندي هئي جو ڪاروبار وڌائي سگهي. هو جيڪو اسٽيٽس پنهنجي خاندان کي ڏئي سگهيو، ان ۾ رڳو عزت جي روزي روٽي ۽ هڪ حد اندر رهي زندگيءَ جي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ شامل هو. ڪيترين ئي سهولتن لاءِ اڃا هو سَڌون ئي ڪندا رهندا هئا. ماءُ ويچاري ٻارڙن جي فرمائشن کي ايندڙ پهرينءَ تائين ٽاري هڪ آسرو ۽ اميدن جو ڏيئو ڏيکاري ڇڏيندي هئي، جنهن جي وَٽ پهرينءَ اچڻ تي وسامي ويندي هئي ۽ ماءُ وري نئين وٽ وٺي ايندڙ پهرينءَ تائينءَ جو اوسيڙو ٻارڙن جي اکين ۾ ڏئي پاڻ ڪُنڊن پاسن ۾ پنهنجين اکين جا لڙڪ پلئه سان پئي اگهندي هئي.
هنن پوءِ به مومل کي ڊاڪٽر بڻائڻ ٿي چاهيو. جيئن سندس سپنو به پورو ٿئي ۽ مومل پنهنجي زندگي به سکي گذاري سگهي. پر قدرت کي مومل جو ڊاڪٽر بڻجڻ قبول نه هئو.”سارنگ سندس زندگيءَ ۾ ميگهه ملهار بڻجي خوشين جو وسڪارو آڻڻ بدران سورن ڀريل سوڪهڙو کڻي آيو، جنهن مومل جي آسن، اُميدن، امنگن ۽ ارمانن کي ڏکن سان ڏاري سندس زندگيءَ ۾ حسرتون ڀري ڇڏيون.
مريم وري اچي پلنگ تي ليٽي ٿي پر بستري ۾ ڄڻ ڪنڊا ٿا چڀنس.
مريم ۽ صالحا پاڻ ۾ سڳيون سوٽيون هيون. صالحا به هڪ سرڪاري اداري ۾ ملازم هئي. سندس پٽ سارنگ لنڊن مان ڊاڪٽري پڙهي آيو هو. کيس مومل سان گهڻي انسيت ٿي پئي هئي. هن کيس پنهنجو جيون ساٿي بڻائڻ چاهيو پر سارنگ جي مائٽن جا خواب وڏا اوچا هئا. سندن پهريون پٽ ٻاهرئين ملڪ مان پڙهي آيو هو، ان ڪري سندن خيال به آسمان ۾ پيا اُڏامن. هنن کي ڪا اهڙي ڇوڪري پئي کپي جيڪا سارنگ سان گڏ اوچي سوسائٽيءَ ۾ بنا هٻڪ جي هلي سگهي. حالانڪه هو پاڻ به مڊل ڪلاس خاندان جا هئا ۽ ڏاڍيءَ مشڪل سان سارنگ ٻاهر پڙهي سگهيو هو. پر جيئن ته ترقيءَ جي ڏاڪڻ تي پير رکي چڪو هو انڪري نظر مٿي کان مٿي واري ڏاڪي تي هئس. هو اهي ڏاڪا مومل سان گڏجي پار ڪرڻ پيو چاهي پر سندس مائٽن جي نظر ۾ مومل ان لاءِ مناسب نه هئي. کين اهڙيءَ ڇوڪريءَ جي تلاش هئي، جيڪا نه صرف اعلى سوسائٽيءَ ۾ ڦڙتيءَ سان هلي سگهي بلڪه جيڪا معاشي طور به سارنگ تي ٻوجهه نه پوي ۽ سندس ڪابه ذميواري سارنگ کي پريشان نه ڪري يعني هڪ خود مختيار ڇوڪري جيڪا سماجي ۽ معاشي طرح سندس ساٿي بڻجي. مومل اڃان تعليم ئي مڪمل نه ڪئي هئي ۽ نه ئي سندس مائٽن وٽ ايتري دولت هئي، جيڪا هو کيس ڏئي سگهن. مومل تن ڏينهن ۾ ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪري رهي هئي. سندس انٽر جو نتيجو تمام سٺو هو. جيڪڏهن انٽري ٽيسٽ پاس ڪري سگهي ها ته آسانيءَ سان ميڊيڪل ۾ داخلا ملي وڃيس ها. پر سندس زندگيءَ ۾ اهو ڀونچال انهن ئي انٽري ٽيسٽ ڏيڻ وارن ڏينهن ۾ آيو. گهر ۾ مستقل ڇڪتاڻ مومل جي ذهن کي مائوف ڪري ڇڏيو هو. هوءَ سڀ ڪجهه وساري ويٺي ۽ انٽري ٽيسٽ ۾ گهربل نمبر نه آڻي سگهي. جنهن ڳالهه سارنگ جي مائٽن کي ويتر شهه ڏئي ڇڏي. چون ته ڊاڪٽر به نه ٿي سگهندي ته پوءِ ڇا ڪندي؟ ڊاڪٽر ٿي وڃي ها ته وري به سوچيون ها... مومل هڪ پاسي ميڊيڪل نه ملڻ ڪري سخت پريشان هئي. کيس ائين پئي لڳو ڄڻ ته ڪنهن کيس پهاڙ تان هيٺ اڇلايو هجي ۽ هوءَ پاتال ۾ ڪري پرزا پرزا ٿي وئي هجي. مٿان وري سارنگ جي پريشانيءَ کيس جهوري وڌو. هن سارنگ کي ڪيڏيون ته منٿون ۽ ايلاز ڪيا، کيس ڪيڏو نه يقين ڏياريائين ته هوءَ محنت ڪندي ۽ زندگيءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري وٺندي. هن ناڪامين ۽ سخت مشڪلاتن واري وقت ۾ سارنگ جو ساٿ چاهيو پر هو کيس نا اهل سمجهي نظر انداز ڪندو رهيو. مٿان سندس مائٽن جو زور بار ته هڪ اهڙيءَ ڇوڪريءَ پٺيان وقت برباد ڪرڻ بدران ڪنهن نوڪريءَ واريءَ ڇوڪريءَ جي ڳولا ڪر، سارنگ جو به مٿو ئي ڦيري ڇڏيو. هو دلبرداشته ٿي نيٺ موٽي هليو ويو.
هيڏانهن مومل جي زندگيءَ ۾ ڄڻ ته طوفان مچائي ويو. هڪ پاسي سندس ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب پورو نه ٿي سگهيو، ٻئي پاسي سارنگ به ڇڏي هليو ويو. سندس زندگي هڪ انتهائي تڪليف واري موڙ تي اچي بيٺي، جتي جيئڻ جي خواهش به ڊانوانڊول پئي محسوس ڪيائين. زندگيءَ کي ايڏو ٻُسو، بي رونق ۽ بي رنگ مومل ڪڏهن به نه سمجهيو هو. ڇهه مهينا گذري ويا پرهن جي منهن تي مرڪ موٽي نه آئي.
پڙهائيءَ ۾ مگن رهڻ واريءَ مومل کي ڪتابن کان ئي چڙ وٺي وئي هئي ۽ هر وقت گم سم رهڻ لڳي. گهر جي ڪم ۾ مشين وانگر جنبي رهڻ لڳي. مائيءَ جا ڌوتل ٿانوَ کڻي ٻيهر ڪيتريءَ دير تائين انهن کي مهٽي مهٽي چمڪائيندي، سيٽ ٿيل الماڙيءَ جا ڪپڙا ٻيهر ٻيهر پئي ٺاهيندي، گهر جي شين کي پئي رڳو جرڪائيندي. هر شئي کي تمام بهتر ٺاهڻ جو ڄڻ جنون سوار ٿي ويس. جڏهن ته پاڻ پنهنجيءَ ذات کان بي خبر ٿي وئي، کائڻ پائڻ گهٽائي ڇڏيائين. پاڻ کي ٺاهڻ ته وسري ئي ويو هئس. نه ڪاڏي وڃڻ نه ڪنهن آئي وئي سان ملڻ هڪ عجيب معمول بڻائي ڇڏيو هئائين. سندس امڙ ۽ ڀينر سندس اهو حال ڏسي پيون ڪَڙهنديون هيون. نيٺ ماءُ ۽ ڀينرن جي گهڻي اسرار تي مومل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. پهريون سال ته ڄڻ ننڊ جاڳ ۾ پورو ڪيائين. آنرز ۽ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه هوش آيس. هوءَ ذهين ۽ هوشيار ته اڳ ۾ ئي هئي. ٿوري محنت ڪيائين ته ايم اي ۾ ٽاپ ڪري ورتائين. استاد کيس ڀائيندا به گهڻو هئا. تن زور ڀريس ته ايم فل ۽ پي ايڇ.ڊي به ڪري وٺ. مومل سوچيو ته ٻيو ته ڪجهه سوچيو ئي ناهي ڇو ته پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ تعليم کي ئي جاري رکڻو آهي. هن ڏاڍيءَ محنت سان ايم فل ۽ پي ايڇ.ڊي ڪئي. ان دوران سندس ڪيترائي رشتا آيا پر مومل ذهني طور شاديءَ لاءِ تيار ئي نه هئي. نه هن کي سارنگ جو انتظار هو ۽ نه ئي ان کان نفرت، بس هڪ اڻڄاڻ ڪيفيت کيس ان ڳالهه کان روڪيندي رهي. هينئر هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هئي. هوءَ هڪ برد بار، خود مختيار ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل اها ڇوڪري هئي، جيڪا ڪنهن به سارنگ کي قبول ڪرڻ يا ٺڪرائڻ جو فيصلو ڪرڻ جهڙي هئي. سندس زندگيءَ جا معمول ۽ معيار پنهنجا هئا. معاشي توڙي معاشرتي مدد (Support) لاءِ هن کي ڪنهن به مرد جي ”سهاري“ جي گهرج ڪانه هئي. اهو ئي سبب هو جو مريم کي پنهنجيءَ ڌيءَ تي فخر هو، جنهن زندگيءَ جي چئلينجز کي منهن ڏئي پنهنجو هڪ مقام ٺاهيو هو.
اڄ مريم جي ننڊ ان ڪري به ڦٽل هئي جو اڄ کيس اطلاع مليو هو ته سارنگ وري واپس پيو اچي ۽ سندس خواهش آهي ته هو مومل سان ئي سڱ ڳنڍي . اڄ جيئن ته مومل هڪ پاڻ ڀري ڇوڪري هئي ۽ ماهوار هڪ سٺي آمدني ڪمائي رهي هئي، سندن رهائش به چڱي ٿي پئي هئي ۽ گاڏيءَ وغيره کانسواءِ زندگيءَ جون گهڻيون سهولتون،جيڪي ڪنهن به ماڻهوءَ جي اسٽيٽس (Status) کي ظاهر ڪنديون آهن، سي مومل وٽ موجود هيون، تڏهن سارنگ جي مائٽن کي به ڪو اعتراض نه هو ان رشتي تي.
پر مومل ڏهن سالن جي عرصي دوران ڏکن جي پل صراط پار ڪئي هئي. هينئر هوءَ انهن ماديت پرستي ((Materialism تي ٻڌل رشتن جي اصليت سمجهي چڪي هئي. هن رشتن جي راند ۾ وڏي هار کاڌي هئي ۽ ان هار جو سواد زهر جي ڍڪ وانگر سپ سپ ڪري چکيو هئائين. هينئر ڪنهن به رشتي جي آڙ ۾ هن Exploitٿيڻ نه پئي چاهيو. پرهينئر سارنگ انهن ئي رشتن جو واسطو وجهي سندس دل جو در کڙڪايو هو.