ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

3. ايوارڊ

يو اين او پاران اديبن جي ڀلائيءَ لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان اديبن لاءِ ڄڻ ته عيد جو پيغام کڻي آيو. اهو فنڊ سموريءَ دنيا خاص طور تي پٺتي پيل ملڪن جي اديبن لاءِ هو. هنن ان فنڊ مان فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام رٿيا. انهن پروگرامن ۾ مختلف معيار رکيا ويا. اهي ادبي رسرچ ڪرڻ جو شوق رکڻ وارا هئا يا جن ڪا نه ڪا ريسرچ ڪئي هئي انهن لاءِ جدا جدا پروگرام ۽ ايوارڊ رکيل هئا. ادب ۾ ريسرچ ۽ جاکوڙ ڪندڙ ڪيترائي اديب سنڌ مان به انهن پروگرامن مان فائدو وٺڻ لڳا. انهن جاکوڙين ۾ هڪ ظفر به هو.
ظفر شروع کان وٺي ان اداري جي مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيو. هو سنڌ سان محبت ڪندڙ ۽ پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي حقن جي ڳالهه مختلف انداز ۾ ڪرڻ وارو هو. سندس تحريرن ۾ پنهنجي عوام ۽ ديس جي مٽيءَ سان پيار جهلڪندو هو. پنهنجين تحريرن ذريعي پنهنجي ديس جي ماڻهن جو آواز بين الاقوامي سطح تي پهچائڻ سندس پهريون مقصد هو.
چوندا آهن ته جڏهن جذبا صادق هجن ته منزل به آسان ٿي ويندي آهي. ظفر جي تحريرن جي سچائي ۽ ديس سان محبت هن جي ڏات ۾ هڪ جادو ڀري ڇڏيو هو. سندس تخيل، فڪر ۽ ڏات کي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ مان مليو ۽ اديبن لاءِ علاقائي ايوارڊ لاءِ سندس نالو نامزد ٿي ويو.
جيئن ته ظفر جي لکڻين جو موضوع ديس ۽ ديس واسي هئا ۽ کيس ايوارڊ به علاقائي ملي رهيو هو. ان ڪري ٻين مختلف ضروري گهرجن کانسواءِ اهو شرط رکيو ويو ته هن جي ذات ۽ ڏات متعلق پنهنجي سماج، علائقي، دوستن وغيره جا گهٽ ۾ گهٽ پنج رايا پڻ شامل ڪيا وڃن. هر هڪ شخص جي راءِ ۾ ظفر جي شخصيت ۽ فن هڪ جدا طريقي سان بيان ٿيل هجي ۽ اها راءِ گهٽ ۾گهٽ ٻن ٽائيپ ٿيل پنن جيتري هجي.
هاڻي ظفر لاءِ وڏو مشڪل مرحلو شروع ٿي ويو. هو سڄيءَ دنيا ۾ ٻين لاءِ ڳالهائي سگهي پيو پر پنهنجي لاءِ ڪنهن کان رايو وٺڻ يا ڪنهن کي ائين چوڻ ته منهنجي شخصيت ۽ فن تي ڪجهه لکو ته جيئن مون کي ايوارڊ ملڻ ۾ سهولت ٿئي، هن لاءِ دنيا جي مشڪل ترين ڪمن مان هڪ هو. همت نه ساري سوچيائين ته بس ڪاغذ موڪليان ئي نه ٿو.
سندس گهر واري هئي ته هڪ گهريلو عورت پر پڙهيل ڳڙهيل ۽ ادب سان چاهه رکندڙ به هئي. مارئيءَ پاڻ ته ڪڏهن مضمون به نه لکيو هو پر اخبارون رسالا ۽ ڪتاب پابنديءَ سان پڙهندي هئي. مارئيءَ ظفر کي ڏاڍو چيو ته هلون ٿا سڀني ڏي ۽ کين لکڻ لاءِ چئون ٿا پر ظفر چيس ائين گهمڻ لاءِ دل چوئي ٿي ته ڀلي هل پر مان ان ڪم لاءِ ڪنهن کي به نه چئي سگهندس، تنهن تي مارئيءَ پاڻ ئي اهو ذمو پنهنجي سر تي کنيو ۽ اڪيلي سران مهم تي رواني ٿي. هنن وٽ ٽوٽل 7 ست ڏينهن هئا. ستن ڏينهن ۾ ظفر جا گهربل ڪاغذ نيويارڪ يو اين او جي دفتر نه پهچڻ جي صورت ۾ کيس ايوارڊ جي نامزدگيءَ تان هٿ کڻڻو پئي پيو، اها هڪ عجيب ڪشمڪش هئي.
مارئي پهريان ته سڀني سان فون تي رابطا ڪيا پر ڪنهن به مٽ مائٽ، دوستن يا ڄاڻ سڃاڻ واري کي فون تي سمجهائڻ ڏکيو ڪم هو. مارئيءَ هڪ سوال نامو ٺاهيو، سوچيائين ته ان تحت سڀني کان رايا وٺي پاڻ ٽائيپ ڪرائي ۽ پوءِ هر هڪ کان صحيح ڪرائي موڪليان ٿي، اهو ڪم به چڱو ڀلو ڏکيو ڪم هو.
مارئيءَ شروعات پنهنجي ڏير جي گهر کان ڪئي. ڏيرهنس شام جو دير سان گهر موٽندو هو، ان ڪري مارئيءَ کي انتظار ۾ رات ٿي وئي. جڏهن ڏيرهنس گهر آيو ته هن سڄي ڳالهه ڪيس ۽ چيائينس ته ادا مان هيءُ سوالنامو ٺاهيو آهي اوهان ان مطابق پنهنجا ويچار ٻڌايو.
ڏيرهنس ٽوڪ ۾ چيو ”ڀاڄائي هي وري ڪهڙا نوان کٽراڳ شروع ڪيا اٿو؟ ظفر کي مان نه سڃاڻان ڇا؟
هو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي پر حقيقت اها آهي ته جيڏو وڏو اديب سڏائي ٿو اوترو ئي ڪنهن ڪم جو ناهي. مارئي چويس ٿي ادا اوهان ڀائر آهيو، هڪ ٻئي کي گهڻو سڃاڻو، چوندا آهن گهر جي ڪڪڙ به دال جهڙي پر هاڻي ته ظفر کي دنيا ۾ مڃتا ملڻ واري آهي اوهان دل نه لاهيو. ظفر اوهان جي خاندان جو نالو روشن ڪندو.
ڏيرهنس بدستور ٽوڪ مان چوي ٿو ڀاڄائي اسان جي دل ناهي لٿل دل اوهان پنهنجي ڌوئي دکيءَ ۾ رکو. اهي يو.اين.او وارا هروڀرو چريا ناهن ٿيا جو ظفر جهڙن کي ايوارڊ ڏين ۽ ڀاڄائي تو وري هيءَ ڪهڙي سروي شروع ڪئي آهي؟ مڙس بک ٿو مارئي ڇا؟ وڃ وڃي ٻار سنڀال هروڀرو کين اڪيلو گهر ڇڏي آئي آهين. مارئي ڇا سوچي آئي هئي هتي معاملو سندس برداشت کان ٻاهر هو. ڏيرهنس هونئن به هنن سان وڏائيءَ ۾ پيش ايندو هو. پرمارئيءَ سوچيو ته ٻين کان راءِ وٺڻ کان پهريان ادي کان پڇان ائين نه جو هو دل ۾ ڪري پر هت ته معاملو ئي ابتڙ هو. ادو صاحب ڪنهن به طور تي ظفر کي اديب تسليم ڪرڻ لاءِ ئي تيار نه هو.
مارئي لاچار گهر موٽي آئي. ظفر کانئس پڇيو ته ڇو ايڏي دير لاتئه... نٽائي وئي. جيڪڏهن کيس حقيقت ٻڌائي ها ته هو به کيس گهٽ وڌ ڳالهائي ها ۽ ٻئي ڪنهن ڏي وڃڻ کان به روڪي ڇڏيس ها...
ٻئي ڏينهن تي وري همت جي هڙ مٿي تي کڻي وڏيءَ نڻان جي گهر وئي مقصد ته فون تي ٻڌايو هئائينس. سندس نڻان وٽ منافقت جي هڪ خوبصورت لٺ هئي، جنهن سان معاملن کي ڪُٽي سٽي پنهنجي مطلب مطابق آڻي بيهاريندي هئي. سندس اها لٺ تاريخي هئي. ان سان نانگ ماري ماري سندن کوپڙين جو پهاڙ ٺاهي هلاڪو خان جو رڪارڊ ٽوڙڻ واري هئي.
مارئيءَ جڏهن کيس ظفر لاءِ راءِ لکڻ جو چيو ته هميشه وانگر چيائين ته ڀيڻ پهريان اڪبر کان پڇان ته اهو ڇا ٿو چوي يا بلڪه تون هينئن ڪر جو اڪبر کان ئي راءِ وٺ ته بهتر ٿيندو، هن جو به ته لکڻ پڙهڻ سان واسطو آهي نه (اک هڻي) هو به خوش ٿيندو ته مون کي اهميت ڏين ٿا. مان لکندم ته چوندو ته مون کي نظر انداز (Ignore) ٿا ڪن.
مارئيءَ چيو ٺيڪ آهي. انهيءَ Ignore جي ڊپ کان هو هميشه سندس مڙس کان پنهنجي قد کان اڌ فٽ جهڪي ڳالهائيندا آهن. ادي صاحب جو Ignore نڪ جي چوٽيءَ تي چڙهيل هوندو آهي. مارئي اهو سڀ سمجهي پئي پر ڇا ڪري هينئر مجبوري هئس. ٻئي ڏينهن شام جو ٻارڙن کي ماني وغيره ڏئي نڻان جي گهر وئي، سندس مڙس به ان ئي مهل آيو هو. مارئيءَ سوچيو ته سٺو ٿيو، هاڻي ٽائيم گهڻو نه لڳندو پر خدا ڪري ادي صاحب جو موڊ ٺيڪ هجي...
نڻانهنس کيس چيو ته تون ٿورو انتظار ڪر مان اڪبر سان ڳالهائي اچان ٿي. مارئي انتظار ڪندي رهي ڪلاڪ ...گذري ويو ادي وڏي ڪمري کان ٻاهر نڪتي ۽ سڌي رڌڻي ۾ وئي. اتان ماني ٽري ۾ کڻي ڪمري ۾ اندر هلي وئي. وري هڪ ٻيو ڪلاڪ گذري ويو پر ادي وڏي اڃان نه نڪتي، ٿوريءَ دير ۾ ٻارڙا ٽيوشن تان موٽي آيا ۽ مارئي انهن کان حال احوال وٺڻ لڳي، ٻارڙا به هڪ هڪ ڪري ماءُ جي ڪمري ۾ هليا ويا. مارئي اڃان انتظار ۾... نيٺ اها خوشنصيب گهڙي آئي، جڏهن ادو صاحب ۽ ادي وڏي پنهنجي ڪمري مان نڪتا. هيڏي هوڏي ڏٺائون ڄڻ ته پهريدارن کي ڳوليندا هجن ته ”ڪاڏي ويا منادي ڪرڻ وارا... ۽ با ادب باملاحظا هوشيار چوڻ وارا...“ بهرحال ادو صاحب مارئيءَ جي اڳيان اچي تخت نشين ٿيو ۽ کانئس گهر جا حال احوال وٺڻ لڳو. سندس ڳالهين مان محسوس پئي ٿيو ڄڻ ته کيس ڪا خبر نه هئي ته مارئي ڇو آئي آهي... حال احوال پڇي ادو صاحب ٽي وي ڏسڻ ويهي رهيو. مارئي وڏيءَ اُڻ تڻ ۾ هئي ته هاڻي ڇا ڪري!! نيٺ دل ٻڌي چيائينس ته ادا هو... ظفر جي شخصيت ۽ فن متعلق اوهان جي راءِ پئي گهرجي...“
ادو بلڪل اڻڄاڻ ٿي پڇيس ٿو، ”ڇو ادي ڇا لاءِ؟ مارئي حيران ٿي اديءَ وڏيءَ کي ئي ڏسي ته ڇا هن ڪجهه نه ٻڌايو اٿس؟ اديءَ اکين جي ميش ڏنس ڄڻ چوندي هجيس ته ڳالهه اڳتي ڪر. مارئيءَ ادي کي چيو ته ادا اديءَ وڏيءَ اوهان سان ذڪر نه ڪيو آ ڇا؟ ادي صاحب چيس نه مون کي ڪا خبر ناهي... مريم ڇا ڳالهه آهي؟ تو مون کي ته ڪجهه به نه ٻڌايو.ادي وڏي معصوميت جي ايڪٽنگ ڪندي ”او..... هو... مونکان ڳالهه وسري وئي... مان سوچو پئي ته ڀاڄائي پاڻ اوهان کي ٻڌائي. ڀاڄائي تون ٻڌائينس نه... تون مون کان وڌيڪ بهتر نموني اڪبر کي سمجهائي سگهين ٿي. تون پاڻ چئينس... مارئيءَ جي دل چيو ته جيڪر اٿي وڃي پرڦاٿي کانپوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو؟ نيٺ ادي صاحب کي سمورو قصو الف کان ي تائين ٻڌايائين. ادي صاحب ڏاڍي غور سان ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ وڏو ساهه ڀري فيصلو ٻڌائڻ وارو هو.”ادي ڏس! تون منهنجي ڀيڻ وانگر آهين بلڪه منهنجي ڀيڻ آهين. هي مريم جا ڀائر اسان کان زور آهن...۽ وري تنهنجو مڙس ته آهي ئي زور آور... پر (سال چيو) مانس ته منهنجي دوست کي بينڪ کان قرض ٿو کپي سو ضمانت Guarantee ڏي... ته صاحب چوي ادا مان کيس سڃاڻان نه ٿو ۽ ٻيو ته ٻڌو آهي هو پاڻ وڏو ماڻهو ئي قرض ڦٻائي ڦٻائي ٿيو آهي مون غريب کي نه ڦاساءِ... هاڻي مون کي ٻڌاءِ مان ڪو تنهنجي مڙس جو برو پيو چاهيان، مان نه بلڪه هو پيو منهنجو برو چاهي. هن کي منهنجن دوستن ۽ ساک جو احساس نه ٿيو. ڇا ٿيو جو منهنجي دوست کي نه پيو سڃاڻي؟ مونکي ته سڃاڻي پيو نه؟ منهنجي منهن کي ئي ڏسي ها... پر سائين... صاحب سمجهي پيو ته مون ۾ ڪڏهن به ڪو ڪم نه پوندس؟ مان به سوچي ڇڏيو آهي ته هاڻي سندس ٽڪي جو ڪم به نه ڪندس“.
”ادا ڇڏيو انهن ڳالهين کي. دوستن جي ڪري مائٽن لاءِ ڇوٿا غلط فهميون سانڍيو... ڀلا ڇا ظفر هونئن اوهان کي ڏکيءَ سکيءَ ۾ ڪم نه ايندو آهي، ٻيو ته پنهنجا آهيون، ڌارين جي ڳالهين تي ائين ڌاريو ٿيڻ ڪٿان جو انصاف آهي، ظفر لاءِ اوهان دل ميري نه ڪريو، هو اهڙو ناهي اوهان بس ٻه اکر هن لاءِ لکي ڏيو ته مهرباني ٿيندي.“ مارئي کيس ٿڌو ڪندي وري منٿ ڪريس ٿي پر ادو صاحب لڳي ٿو ته اڄ سڀ حساب چڪتو ڪرڻ وارو هو چوي؛ ها ادي لکي ٿو ڏيانءِ ته هي ماڻهو ڪنهن به ڪم جو ناهي الاءِ ڪهڙو تصور قوم ۽ ملڪ لاءِ پيو ڏيندو آهي” هي ته پنهنجن تي به پورو ناهي، هن کي پنهنجيءَ نياڻيءَ (ڀيڻ) جي گهر جي به پرواهه ناهي... نه دوست چوڻ جهڙو ۽ نه مائٽ سڏائڻ جهڙو؟ لکانس اهو سڀ؟؟
سندس رد عمل اهڙو هوندو؟ مارئيءَ جي تصور ۾ ئي نه هو. هوءَ جڏهن به نڻان جي دعوت ڪندي هئي ۽ 5-7 ڊشون ٺاهي رکندي هئي ته ادو صاحب آڱريون به پيو چٽيندو هو ۽ تعريف لاءِ لفظن جا خزانا پيو ڀريندو هو، هيءُ مزاج نئون هو...
مارئي چپ ڪري گهر موٽي آئي. ظفر پڇيس ڇو ڀلا ايڏي گهڻي دير لاتئه؟ ڪوڙ هڻي چيائينس ته ادي صاحب جي اوچتو ميٽنگ ٿي وئي هئي سو اچي نه سگهيو... ظفر سندس ڀيلو منهن ڏسي سمجهي ويو پر چيائينس ڪجهه به نه ۽ هلڪو مرڪي کيس ڏسڻ لڳو ڄڻ سوال ڪندو هجيس ته ڪيترو ڀوڳيندينءَ؟
مارئي چپ ڪري ڪمري ۾ هلي وئي ۽ سوچڻ لڳي ته سڀاڻي پاڙيواري شڪيل ڀائيءَ سان ٿي ڳالهايان. ان سان ظفر جي ڏاڍي گهرائي آهي،شڪيل ڀائي به سندس ڏاڍي عزت ڪندو آهي هو دير سان پنهنجي آفيس لاءِ نڪرندو آهي، انڪري نيرن ڪري هلي ويندي سانس. هو آهي ته هڪ واپاري ماڻهو پر زباني رايو وٺي مان پاڻ لکندي مانس، ان کان پوءِ هڪ ادبي اداري جي سربراهه ڏي وينديس. صبح جو نيرن ڪري ٻارن کي اسڪول ۽ ظفر کي ڊيوٽيءَ تي موڪلي 10 وڳي ڌاري پاڙيواريءَ ڏي وئي.
ٻئي عورتون هڪ ٻئي ڏي آڌيءَ مانجهيءَ اينديون وينديون هيون انڪري فوزيه سندس سوير اچڻ تي حيران ٿي. بلڪه کيس چانهه ڏئي ۽ شڪيل ڀائيءَ کي سڏي آئي. مارئيءَ چيس شڪيل ڀائي مونکي خبر آهي ته اوهان کي ادب وغيره سان گهڻو چاهه ناهي پر پنهنجو رايو هڪ پاڙيسريءَ جي حيثيت ۾ڏئي سگهو ٿا. اوهان جا خيال مان پني تي لکنديس، مان اهو گهران کڻي آئي آهيان. شڪيل ڀائيءَ پهريان ته چيس ته ظفر ڀائي ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي. اسان خوشنصيب آهيون جو اهڙو سٺو پاڙيسري مليو. هو منهنجي ڀائرن جهڙو آهي پر هاڻوڪيءَ قربانيءَ واريءَ عيد تي مون سان وڏي جٺ ڪري ويو ان ڪري هاڻي مان سندس Favour ۾ ڪجهه به نه چوندس.
مارئي حيران ٿي وئي ته ٻڪر جي ران جيڪا شڪيل ڀائيءَ فرمائش تي گهري هئي اِها ته کيس هُن گهر پهچائي ڏني. باقي ڪهڙي جٺ؟ ان تي شڪيل ڀائي کيس دل جي درد جو داستان ٻڌايو ته هن ڪا ظفر کان ٻڪر جي کل گهري هئي، جيڪا ظفر کيس نه ڏني، ڇاڪاڻ ته بلڊنگ جي ڪاميٽيءَ وارا اڳ ۾ ئي کيس پرچي ڏئي ويا هئا. مون ڀائيءَ ظفر تي ڏاڍو زور ڀريو ته انهن کي ٻڪر جي کل ڏيڻ بدران شڪيل ڀائيءَ کي ڏي پر ظفر سندس ڳالهه اهو چئي نه مڃي ته هڪ ڀيرو جن سان زبان ڪئي آهي ان تان نه ڦرندو. شڪيل ڀائي جذباتي ٿي چوڻ لڳو؛
“بھابھی جی ظفر بھائی کے لیے میری جان بھی حاضر ہے، میری چمڑی ادھڑ واکر اس کو جوتے بنوا کے پہن لیتا، مگر بکرے کی کھال مجھے دے دیتا۔ میرے بھائی جان نے مجھے پچاس (50) کھالیں لانے کو کہا۔میں نے (49) انچاس اکٹھی کیں مجھے یقین تھا ایک ظفر بھائی دینگے لیکن انہوں نے میری ساکھ خراب کردی، اب مجھے کچھ کرنے کو نہ بولیں۔”
مارئي سوچڻ لڳي ته هڪ پاسي ته پنهنجي چمڙي لاهرائي جتيون ٺهرائڻ جو ٿو چوي ٻئي پاسي ٻڪر جي کل جو ايڏو ضد!! چُپڙي ڪري ادبي اداري ڏانهن رُخ رکيائين.
مارئي اُڻ تڻ ۾ ويٺي پور پچايا ته هاڻي ڇا ڪريان ڪنهن کان پڇان؟ ڪنهن ڏي وڃان؟ ته اوچتو ان ادبي اداري جو خيال آيس جنهن سان ظفر گذريل ڪيترن ئي سالن کان لاڳاپيل آهي. ڪنهن به ڪتاب جو ترجمو هجي، ايڊيٽنگ هجي يا ڪو خاص مقالو لکڻو هجي ته هو ظفر کي چوندا آهن ۽ ظفر پڻ بنا لالچ لوڀ جي سندن سٿ سان پيو هلندو آهي. يقيناً ان اداري جو چيف ظفر لاءِ سٺا Comments ڏيندو. اهو سوچي اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿي. اڳ ۾ وقت وٺڻ جي گنجائش ئي نه هئي. سوچيائين جيڪڏهن چيف نه مليو ته سيڪنڊ چيف کان ئي Comments وٺي اينديس، ڇاڪاڻ ته ان اداري جا سمورا ئي آفيسر ظفر کي چڱيءَ طرح سڃاڻن پيا.
مارئيءَ جوبخت ڀلو جو چيف ته موجود هو پر مصروف هو. مارئيءَ سندس پي اي جي هٿ نياپو ڪرايو ته هن کيس انتظار ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪو هڪ معمول هوندو آهي.
مارئيءَ کي ويٺي ويٺي ٻه ڪلاڪ گذري ويا پر چيف وٽ مصروفيت کٽڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. مارئيءَ صبح جو تڪڙ ۾ ناشتو به صحيح نه ڪيو هئو سو اچي بک به ورايس. پي اي هڪ ٻه ڀيرا ميار لهڻ لاءِ چانهه جو پڇيس پر هن مرم ۾ انڪار ڪيو.
هاڻي ته ويهڻ ئي محال ٿي ويو هئس. نيٺ سندس پکو کليو ۽ چيف صاحب کيس اندر سڏايو.
مارئي جيئن ئي اندر گهڙي ته چيف ڪرسيءَ تان ٿورو اٿندي آڌر ڀاءُ ڪيس. مارئي ڏاڍي متاثر ٿي ته هيءُ صاحب ڪيڏي نه عزت سان ٿو پيش اچي. جيتوڻيڪ اهو آفيسر هڪ هٿ ٺوڪيو اديب هو، جيڪوادبي ادارن ۾ سڻڀيون پوسٽون وٺي، ويٺو ڀينگ ڪندو آهي.
مارئيءَ کي ڏاڍي سهڻي نموني کيڪاريندي چيائين مسز ظفر اوهان خوش ته آهيو؟ اسان جا ڀاڳ ڀلا جو اوهين آيون؟ ڏيو خبر خير سان هن ناچيز کي ياد ڪيوَ؟
مارئي سندس حسنِ اخلاق کان اڃان به وڌيڪ متاثر ٿي سموري مدعا بيان ڪيس پر محسوس ڪيائين ته صاحب جي منهن جا رنگ مٽجي سٽجي رهيا هئا. مارئيءَ جي ڳالهه پوري ٿيڻ تي جڏهن ڳالهايائين ته سندس لهجو پهريان واري لهجي جي سراسر ابتڙ هو.
مسز ظفر مون ته سمجهو ته ’ٻيو‘ ڪو هوندو پر ظفر صاحب جو جڏهن ذڪر ڇيڙيو اٿوَ ته ٻڌو؛ اوهان جي صاحب اسان سان ڪجهه چڱو نه ڪيو آهي؟ جڏهن منهنجي هت پوسٽنگ جو معاملو ٿي رهيو هئو ته هن بيان ڏنو هو ته اهڙا ماڻهو نه رکيا وڃن جن جو ادب سان واسطو نه هجي ڇو ته مان بنيادي طور پولٽيڪل سائنس جو ماڻهو آهيان پر جيڪڏهن مان اهل نه هجان ها ته سرڪار هروڀرو ڇو مونکي هت موڪلي ها؟ ظفر صاحب سرڪار کان وڏو آهي ڇا؟ اهو ته ٺهيو پر ان کان پوءِ به جتي ڪو پروگرام ٿيندو آهي اتي اسان جي خلاف ڳالهائڻ کان نه مڙندو آهي؟ ڪم ته کڻي اسان ڏيونس ٿا پر هو لهڻي ڪجهه به نه.
تون ئي سمجهائينس ته اهي هروڀرو جي آدرشن جا تاج پائڻ ڇڏي ڏئي ۽ اسان سان سڌو ٿي هلي... باقي مان ڪهڙي راءِ ڏيانءِ؟ هت ته هيانءُ ئي سڙيو پيو آهي. مارئيءَ وٽ اڳتي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه نه هو، چپ چاپ ڪري اٿڻ لڳي ته صاحب جي موڊ وري سانڊي وانگر وارو رنگ مٽيو ”هونئن مسز ظفر... ٻيو ڪو حڪم ڪرڻو هجيو. ته حاضر آهيون. اسان هروڀرو اهڙا ويل به ڪونه آهيون... ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ظفر کي ناهي ته ڇا ٿيو اسان کي ته آهي نه... اوهان گهٻرايو ئي ته... ڪڏهن به ڪنهن به معاملي ۾ مُنجهو ته ٻڌائجو... اوهان ايندا ويندا رهندا ڪجو ته اسان کي به خوشي ٿيندي...“
مارئيءَ جي دل چيو ته مڙي چوانس ته چيف صاحب مون رڳو ٻڌو هو پر هاڻي ڏسي به ڇڏيم ته آفيسن ۾ عورتن کي ڏاڍو احترام ملندو آهي. پر Conditionally، پر هن کيس رڳو ايترو چيو ته چيف صاحب اوهان وڏو ڪم ته ڪري ڇڏيو مونکي تلخ حقيقتونRealize ڪرائي ۽ ٻاهر نڪري آئي.
وقت ڏٺائين ته 12 ٿيا هئا. سوچيائين ته علائقي جي ايم پي اي کان ٽائم وٺان. اليڪشن ڪمپيننگ دوران ايم پي اي جي گهر واريءَ سمورين پاڙي جي عورتن کي هڪ قرآن خواني ڪري گهرايو هو. ان کانسواءِ مارئيءَ کي ڪيترائي ڀيرا تبليغي ليڪچر ۾ ساڻ هلڻ لاءِ چيو هئائين. مارئيءَ سوچيو رخسانه (ايم پي اي جي گهر واري) کان فون ڪري ٽائيم وٺانس ٿي. سندس فون ڏاڍي دير تائين مصروف مليس ٿو. سوچيائين ڇو نه ظفر جي دوست اشرف کان راءِ وٺان.
اشرف جو فون گهمايائين هن ڏاڍيءَ پنهنجائپ مان چيس ته ”ڀاڄائي هليا اچو اڄ ئي3-4 وڳي ڌاري اچو.“ مارئيءَ کي تسلي ٿي وئي، وري جو رخسانه کي Try ڪيائين ته فون ملي ويس. رخسانه چيس ته سڀاڻي ته علي صاحب اسلام آباد وڃي ٿو. تون هڪ هفتي کان پوءِ اچجانءِ پر مارئيءَ کيس چيو ته مون وٽ رڳو ٻه ڏينهن بچيا آهن. تنهن تي رخسانا چيس ته پوءِ هڪڙو ڪم ٿي سگهي ٿو جو سڀاڻي اسان جي ليڪچر ۾ علي صاحب کي اسان مهمان ڪري گهرايو آهي تون به ان ليڪچر ۾ اچ ۽ پوءِ اتي علي صاحب سان ڳالهائي وٺجان ۽ اتان پوءِ وري هو سڌو اسلام آباد هليو ويندو.“
مارئيءَ وٽ ٻئي ڏينهن تبليغي ليڪچر ۾ وڃي ساڻس ملڻ کانسواءِ ٻيو چارو نه هو. ان ڏينهن تي هوءَ منجهند جي ماني وغيره تيار ڪري ظفر جي دوست اشرف جي گهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي. اشرف جي گهرواريءَ نصرت سان به سندس سٺي دوستي هئي. هن سوچيو، ٺهيو گهڻا ڏينهن ٿيا آهن جو نصرت سان به ڪچهري نه ٿي آهي. ان بهاني ان سان به ملاقات ٿي ويندي.
ٻار جيئن ئي گهر واپس آيا ته مارئي کين ماني ڏئي، سمهڻ ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ جو تاڪيد ڪري اشرف جي گهر وڃڻ لاءِ رواني ٿي وئي.
اشرف گهر ۾ سندس منتظر مليو. هيءَ بي ڌڙڪ گهر ۾ هلي وئي ۽ هيڏانهن نصرت کي ڳولڻ لڳي. ان تي مارئيءَ پڇيس ته ادا نصرت ستي پئي آهي ڇا؟ تنهن تي اشرف ٻڌايس ته نصرت 3 ڏينهن اڳ ۾ ڳوٺ وئي آهي. ڳوٺ ۾ ڪا شادي هئي انڪري ان ۾ شريڪ ٿي پوءِ آچر تي هوءَ موٽي ايندي. ”۽ ٻار؟“ مارئي پڇيس ٿي...”ڇوڪرين کي ته نصرت پاڻ سان وٺي وئي آهي البت پُٽڙو احمد شام جو دير سان ايندو، ڇاڪاڻ ته اڄ اسڪول ۾ اسپورٽس جو ڏينهن اٿس.“
مارئيءَ جو ڏٺو ته گهر ۾ ٻيو ڪير به نه آهي ته ٿورڙو هٻڪي پئي، چيائينس ته ادا اوهان مونکي فون تي ٻڌائي ڇڏيو ها ته مان نه اچان ها. اشرف چيس نه ڀاڄائي اهڙي ڪا ڳالهه ناهي اوهان کي مونکان ڊپ ٿو ٿئي ڇا؟ مان ته اوهان جي مڙس جو دوست آهيان. اوهان جو پنهنجو ”سندس لهجو مومل کي ٿورڙو ڦريل لڳو. مومل تڪڙ ۾ کانئس راءِ گهري. اشرف چيس ”تڪڙ ڇاجي آهي؟؟ اوهان اڳ ۾ ته مون کي اها ويب سائيٽ ٻڌايو جتان ظفر کي پيغام ملن ٿا. ظفر اڪيلو ئي ايڏو ڪجهه ڪري ٿو دوستن کان ڪا صلاح ثواب ئي نه ٿو وٺي؟؟ اسان کي به ٻڌائي ها اسان به ڪنهن ايوارڊ شيوارڊ لاءِ نالو موڪليون ها، من اسان جو به ڪو پُکو نڪري پوي ها... ائين چوندي معنا خيز انداز ۾ چوي ٿو ”هونئن اسان ڀلا ڪو ظفر کان گهٽ آهيون ڇا؟“ مارئي اتي ٿوري چوڪس ٿي وئي، هوءَ سمجهي وئي ته اشرف راءِ نه ڏيندو. چويس ٿي ”ادا ٺيڪ آهي ڪا ڳالهه ناهي مان ظفر کي چونديس ته اوهان کي اها ويب سائيٽ ٻڌائي ۽ اوهان پنهنجي راءِ به کيس ٻڌائي ڇڏجو.“ اشرف ان تي چويس ٿو، ”راءِ ته مان اوهان کي ٻڌايان ٿو پر ظفر لاءِ نه اوهان... ڇڏيو ظفر کي اوهان ڪڏهن اهو نه سوچيو آهي ته اوهان ۾ ڪيترو نه گهڻو ٽيلينٽ آهي؟ مان ته صرف اهو ٿو چوڻ چاهيان ته ظفر پاڻ سان گڏ اوهان جهڙي ذهين ۽ خوبصورت گهرواريءَ جي ترقيءَ لاءِ ڇو نه ٿو سوچي؟ هونئن اها حقيقت آهي ته ايوارڊ وٺندي ظفر جي ڀيٽ ۾ اوهان وڌيڪ خوبصورت لڳندؤ... مارئيءَ لاءِ اڃان وڌيڪ تعريف ٻڌڻ ناممڪن هو. سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا، هوءَ سڄو معاملو سمجهي وئي. تڪڙ ۾ اٿي کيس چوي ٿي. اڙي... ادا... مان سارنگ کي ته هيٺ ئي ڇڏي آيس... سارنگ سندس پٽ هو جنهن جو نالو کڻي مارئيءَ اشرف مان جان ڇڏائڻ لاءِ بهانو ٺاهيو ۽ ڊڪ ڀري سندس گهر جو در کولي ”سارنگ سارنگ ڪندي ٻاهر نڪري آئي.”سارنگ ته ٻاهر هوئي ڪونه. هوءَ دوستيءَ جو اهو روپ ڏسي ڀورا ڀورا ٿي وئي گهر ڪيئن پهتي کيس ڪو هوش نه هو. شڪر جو اڄ ظفر اچڻ ۾ دير ڪئي هئي نه ته کيس ڏسي اڃان به گهڻو پريشان ٿي وڃي ها.
ٻئي ڏينهن ايم پي اي ڏانهن وڃڻو هوس. پر اڄ واري واقعي کيس ڊاهي وڌو هو. وري به اهو سوچي ته بس هڪ ڀيرو ڪوشش ڪندم، سمهي پئي. ٻئي ڏينهن يارهين وڳي ليڪچر هو. ڀرواري شادي هال ۾ ان جو بندوبست هو. هيءَ به وڃي وقت تي پهتي. رخسانه کيس چيو ته جيئن ئي خاص مهمان تقرير ڪرڻ لاءِ اچي ته تون منهنجي ڀر ۾ اچي وڃجانءِ پوءِ مان توکي علي صاحب سان ملرائيندم.مارئي ڏاڍي خوش ٿي ائين ئي ڪيائين. علي صاحب کي جيئن ئي تقرير لاءِ گهرايو ويو ته هيءَ به پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اٿي وڃي رخسانه جي ويجهو صوفي تي ويٺي. تقرير پوري ٿيڻ تي رخسانه علي صاحب کي پاسي تي وٺي مارئيءَ سان ڳالهائڻ لاءِ چيائين. علي صاحب ته ڄڻ ظفر جي ڪنهن مائٽ سان ملڻ جو انتظار ڪري رهيو هو .
هي اديب ماڻهو اسان کي پنهنجو دشمن ٿا سمجهن، قوم جو ٺيڪو ڄڻ هنن کنيو آهي؟ قومپرست ئي رڳو هي آهن؟ ظفر صاحب اسان کي گهڻا ووٽ ڏنا؟ ورڪ مهل هن پنهنجيءَ زبان سان مونکي چيو ته سائين اوهان ڪجهه ڪيو ئي ناهي ته ووٽ ڇالاءِ ٿا گهرو؟ هاڻي ڏسو ته اسان ”ڪنهن به طريقي سان کٽي آياسين!! ادي! هيءَ جيت ۽ هيءَ سِيٽ اسان کان ڪير نه کسي سگهندو. باقي هاڻي اسان ائين چئي سگهون ٿا ته ظفر صاحب اسان لاءِ ڇا ڪيو جو اسين کيس ليٽر ڏيون؟ اسان وٽ کوڙ درخواستون آهن. ظفر صاحب کي چئوته هو ڪنهن ٻئي کان ليٽر وٺي...“
مومل خاموش سندس دانائيءَ تي حيران ٿيندي رهي ته هيءُ صاحب ڪهڙي ”ليٽر“ جي ڳالهه ٿو ڪري، بيروزگاريءَ جي سمنڊ ۾ شايد اپائنٽمنٽ ليٽر کانسواءِ ڪنهن به ڪاغذ جي اهميت ٻڙيءَ برابر ٿي وئي آهي؟ يا اسان جي سياستدانن وٽ عوام لاءِ علم، قلم ۽ ڪاغذ نوڪريءَ لاءِ درخواست لکڻ ۽ ڪم جي حڪمنامي جاري ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به ٻئي ڪم جا ناهن؟
سخت مايوسيءَ جي حالت ۾ گهر واپس اچي ٿي، جتي ظفر کي ڏاڍيءَ بيچينيءَ سان انتظار ڪندي ڏسي ٿي. ظفر پريشانيءَ ۾ چويس ٿو ڇو هروڀرو اجاين ڏچن ۾ پاڻ کي پريشان ڪيو اٿئي. پنجن ڏينهن ۾ ڏس ته اڌ مئي ٿي وئي آهين؟ ڇڏ سڀني معاملن کي جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو هروڀرو هلاک ٿي آهين.
هوءَ خاموشيءَ سان کيس ڏسندي رهي ٿي. ٻنهي جي اکين ۾ اڻ چيل ڏک آهي، جيڪو ٻئي محسوس ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي کان لنوائن ٿا. مارئي چويس ٿي چڱو ڀلا مون کان اڳ ۾ گهر پهتو آهين ته چانهه پيار ته مان هٿ منهن ڌوئي اچان. ٻئي چانهه پيندي سوچن ٿا ته هاڻي ڇا ڪجي؟ ظفر هميشه وانگر کيس چوي ٿو ته مان ڪاغذ ائين ئي ٿو موڪليان پر مارئي به مڙڻ واري نه هئي. سوچي ٿي سڀاڻي پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ٿي آزمايان ۽ صبح جو انهن سان ٿي ڳالهايان. اڄ ڏاڍي ٿڪل هئي ان ڪري ننڊ وٺي ويس ٻئي ڏينهن ٻارن کي اسڪول موڪلي جلدي جلدي گهر جو ڪم ڪار لاهي ورتائين. يارهين وڳي ڌاري ڀاءُ کي فون ڪري پڇڻ لڳي ته وٽس اچي يا نه... ڀاءُ پنهنجائپ مان چيس ... ها ڀيڻ، ڇو نه اچين ... اها ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي. اوهان ڀينرون جڏهن چاهيو اچي سگهو ٿيون. اوهان پڇنديون نه ڪريو، بلڪه هينئن ڪر جو صوفيه کي به فون ڪريس ته پنجين وڳي ڌاري ٻئي اچي وڃجو ته جيئن سٺي ڪچهري ٿئي. اوهان پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ سان ڪچهري ڪجو مان به 8-9 تائين اچي ويندس.“ مارئي چويس ٿي ادا... پوءِ هينئن ڪنداسين ته اوهان جي گهر اسان موڪل واري ڏينهن اينداسين. مونکي ٿورو ڪم آهي اوهان ۾... مان صوفيه کان پڇان ٿي جيڪڏهن هوءَ راضي ٿي ته کيس به ورتيون اينديس پر اڄ تنهنجي آفيس ٿا اچون . جيڪڏهن تون ڪجهه وقت ڪڍي سگهين ته چڱو.“ ڀاءُ چيس ٺيڪ آهي ڀلي اچجو! ڀيڻ کي فون ڪيائين ته هوءَ ان شرط تي راضي ٿيس ته واپسيءَ تي مارڪيٽ مان ڪجهه شاپنگ به گڏجي ڪنديون اينديون. مارئيءَ چيس ڏسنداسين.شام جو ٻئي ڀاءُ جي آفيس پهتيون مارئيءَ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ڀاءُ ڏاڍي اطمينان سان سڄو روداد ٻڌي چويس ٿو ڀيڻ مان توکي ضرور لکي ڏيان پرڪجهه ڳالهيون اوهان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو مان هاڻي يو اين او وارن کي ڇا لکي ڏيان ته منهنجو ڀيڻيويو ڏاڍو چڱو ماڻهو آهي ان ڪري ان کي اوهان ايوار ڏيو، توهان پاڻ سوچو ته اهو ٺهي نه ٿو. دنيا ائين نه ٿي هلي جيئن اوهان ٿيون سمجهو. هت مون وٽ وڏا وڏا آفيسر ۽ ڪاروباري ماڻهو لهه وچڙ ۾ اچن ٿا، مان هر ڪنهن جي نفسيات سمجهان ٿو. ظفر کي چئينس ته پنهنجي کاتي وارن کان هڪ ڪئريڪٽر سرٽيفڪيٽ لکرائي موڪلي (Nothing else) ٻيو ڪجهه نه. عقل سکو، هروڀرو اهڙن معاملن ۾مائٽن کي وچ ۾ نه آڻيو. مارئيءَ جي زبان گنگ ٿي وئي. همت ڪري چويس ٿي، ادا اوهان درست ٿا چئو ائين نه هوندو آهي. پر هن معاملي ۾ خبر ناهي جو هنن اهو شرط رکيو آهي ته ذاتي طور تي ويجهن ماڻهن جا رايا کپن ۽ ذاتي طور تي ويجها ڀلا مٽن مائٽن ۽ دوستن کان سواءِ ڪير هوندا؟ پر ادو به ڄڻ فيصلو ڪري ويٺو هو ٽرڪائي ڇڏڻ جو. چوي ٿو؛ بابا مان دنيا ڏٺي آهي اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن. جيڪڏهن ظفر جي ڪارڪردگي سٺي هوندي ته ان جو ايوارڊ ڪير به روڪي نه سگهندو باقي اهي هروڀرو جون فرمائشون ماڻهن کي Discourage (حوصلي شڪني ) ڪرڻ لاءِ هونديون آهن.
توهان ضرور ڪاغذ اماڻيو، ايوارڊ ملڻو هوندس ته پاڻهي ملندس. مان هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ ظفر هڪ هوشيار ماڻهو آهي تون ڏسجانءِ ته هو پاڻهي ڪونه ڪو رستو ڪڍي وٺندو.
تون انهيءَ معاملي کي ڇڏي ڏي ۽ هاڻي بند ڪر اهو موضوع. مارئيءَ کي اهو موضوع بند ڪرڻ بهتر لڳو، چانهه پي موڪلائي نڪتيون. ٻاهر اچي ڀيڻس چيس، ادي تون دل ننڍي نه ڪر الله ڀلي ڪندو. تون وڏي خوشنصيب آهين جو تنهنجي مڙس ايتري همت ڪري يو اين او تائين رسائي حاصل ڪئي آهي. منهنجو مڙس ته جڏهن کان جپان ۾ پنج سال گذاري واپس آيو آهي ته ان کانپوءِ وري ڪجهه به نه ٿو ڪري. روز اسان جو جهيڙو ٿيندو آهي. مان کيس چوندي آهيان ته ڪو ترقيءَ وارو ڪم ڪر. ڪجهه اڳتي وڌ پر هو ڪجهه به نه ٿو ڪري. تون ته وڏي ڀاڳن واري آهين...“
ڀيڻس جي هميشه واري تون سڀ ڪجهه آهين ۽ مان ڪجهه به نه آهيان واريءَ شڪايت جو دفتر کلي چڪو هو. چويس ٿي ادي الله ڪندو جو توکي مونکان وڌيڪ تمام جهجهو مال ملندو پر هاڻي هل ته گهر هلون. اديءَ کي شرٽ ياد اچي وئي. ڀيڻ هو جيڪو مارڪيٽ هلڻ جو پروگرام رٿيو هيوسين؟ مارئي چويس ٿي ادي پوءِ ڪڏهن ڏسنداسين پر اديءَ کيس مارڪيٽ وٺي وڃي دنگ ڪيو. مارڪيٽ کان موٽندي چويس ٿي ڀيڻ تون اجايو ٿي پريشان ٿين. ڀينرون ڪهڙيءَ ويل ڪم اينديون آهن. مان ئي توکي ٿي لکي ڏيان ان تي مارئيءَ کي وڏو ڏڍ مليو.
چويس ٿي ادي پوءِ مان صبح جو تو وٽ ايندم ڇاڪاڻ ته سڀاڻي آخري تاريخ آهي شام تائين جيڪڏهن ڪاغذ نه موڪليا ته ڪم رهجي ويندو. ڀيڻ تنهن تي چويس ٿي ڀيڻ تون ڳڻتي نه ڪر ۽ تون نه اچجان ۽ مان پاڻ تو وٽ لکي ڪاغذ کڻي ايندم. مون کي تنهنجي گهر پاسي ڪم به آهي. مونکي سڀاڻي اسڪول ۾ دير ٿي ويندي تون گهر اچين ۽ مان توکي نه ملان ته تون پريشان ٿيندينءَ، ان ڪري مان پاڻ تو وٽ هلي ايندم . مارئيءَ کي تسلي ٿي وئي ۽ ٻئي پنهنجي پنهنجي گهر هليون ويون. ٻئي ڏينهن تي مارئيءَ ڀيڻ جو سڄو ڏينهن انتظار ڪيو سج لهي ويو پر ڀيڻس نه آئي. مارئيءَ کي خبر هئي ته سندس ڀيڻ وڏي فنڪار عورت آهي. مجال جو ڪنهن ڪم کان ’نه ‘ ڪري. سندس جهڙو همدرد هڏ ڏوکي ۽ ڀلي مانس انسان خدا تعالى کان ڄڻ ٻيو ڪو ٺاهڻ ئي وسري ويو هو. ڀيڻس کي جيڪو ڪم قطعي نه ڪرڻو هوندو يا ڪنهن ڪم ۾ رخنو وجهڻو هوندو ته ان ڪم کي پنهنجي سر پاڻ ڪرڻ لاءِ اهڙو يقين ڏياريندي هئي جو اڳلو سمجهندو ته هيءَ سِر تريءَ تي رکي به اهو ڪم ذميداريءَ سان ڪندي پر خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳلو چوٽيءَ ڀر اچي ڪرندو پر ڀيڻ کي اف به نه چوندو! ڇو ته پنهنجي مٺڙيءَ زبان سان زهر به امرت ڪري پيارڻ واري هئي. ان ڪم ۾ سندس جهڙو مدبر ڪير به نه هو.
هينئر مارئيءَ وٽ ايترو وقت نه هو جو هوءَ ڀيڻ جي گهر وڃي سگهي.کيس فون ڪيائين جيڪو ڀاڻيجيءَ کنيس. پڇيائينس ته امي ڪاٿي آهي؟ هن وراڻيس ته ستي پئي آهي ۽ جهليو اٿائين ته ڪير به نه اٿاري. مارئيءَ چيس ته ٺيڪ آهي ٿڪل هوندي دير سان آئي هوندي نه؟ تنهن تي ڀاڻيجس چيس ته نه اڄ هوءَ اسڪول وئي ئي ڪانه هئي.
مارئيءَ کان وڌيڪ ٻڌو ڪونه ٿيو فون بند ڪرڻ سان ئي سندس اکين جا بند کلي پيا. هفتي جي سموري جدوجهد، ناڪامي، ماڻهن جا اوڳاريل اندر ، نفرت ڀريل خوبصورت جملا ،لالچي نظرون ۽ انتقامي زهرن سان ڀريل رڪاوٽن جا پهاڙ پنهنجي آڏو نظر آيس. وڏڙن جو قول ياد پويس ٿو. ”ڪم پوي ته ڪَلَ پوي“ سوچي ٿي پر اسان ته ڪڏهن به ائين نه ڪيو آ؟؟ روئي روئي جڏهن اندر جو بار هلڪو ٿئيس ٿو ته اوچتو هڪ خيال ذهن ۾ اچيس ٿو ٽپ ڏئي اٿي ٿي. چوي ٿي، ”خالي ڪاغذ ته مان به ظفر کي موڪلڻ نه ڏيندم “ ۽ اهو سوچي ڪاغذ قلم هٿ ۾ کڻي ٿي. هن ڪڏهن به ڪو مضمون يا ڪهاڻي يا ڪابه ادبي تحرير نه لکي هئي. سواءِ ان جي ته ڪاليج ۾ بهترين مضمون لکڻ تي کيس انعام ملي چڪو هو. بي.اي جي نتيجي اچڻ کان اڳ ۾ هوءَ ظفر جي زندگيءَ ۾ شامل ٿي وئي ۽ گهر ۽ ٻارن جي ذميدارين ۾ ڪڏهن به ڪجهه لکڻ جو خيال نه آيس. اڄ هيترن سالن کانپوءِ اندر جو طوفان جوالامکي بڻجي سندس سيني جي پهاڙ مان اڀري نڪتو. ستن ڏينهن جو سمورو احوال هڪ مختصرخط جي صورت ۾ لکيائين. پوءِ انکي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ آخر ۾ لکيائين ته ”مان راوي آهيان انهن سڀني راين جي جيڪي مون پنهنجي مڙس لاءِ ماڻهن واتان ٻڌا... اهو خدا ٿو ڄاڻي ته سندس من ۾ پنهنجي ديس ۽ ديس وارن لاءِ ڪيتري محبت آهي هو ڪيترو اصول پرست آهي مان فقط انهن سڀني ڳالهين جي هڪ ادنى گواهه آهيان.“
ان کانپوءِ ظفر کي منٿ ميڙ ڪري اهو پنو به سندس ڪاغذن سان گڏ اسڪين ڪري يو اين او جي اي ميل تي روانو ڪري ٿي ڇڏي. هو ٻئي هاڻي ان ايوارڊ واريءَ ڳالهه کي هڪ تلخ تجربو سمجهي هڪ طرح سان وساري ويٺا.
ان ڳالهه کي تقريباً ٻه مهينا گذري وڃڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن شام جو ظفر، مارئي ۽ ٻارڙا ويٺا مڱ ڦريون به پيا کائن ۽ ڪچهري به پيا ڪن ته ٻارڙا وڏا ٿي ڇا ٿيندا. ظفر کين سمجهاين پٽ ڪجهه به ٿيو، اديب نه ٿجو!“ در تي ڪوريئر واري جوآواز آيو. ظفر اٿي کانئس ٽپال ورتي، هڪ لفافو يو اين او پاران هو. ظفر کلي مارئيءَ کي چيو وري يو اين او وارن ڪنهن نئين رينگٽ لاءِ فرمائش موڪلي هوندي، رکي ڇڏينس! سڀاڻي ڏسندو مانس پر مارئيءَ چيس ”کولي ته ڏس آهي ڇا“؟ سارنگ جهٽ هڻي پيءُ کان لفافو ورتو ۽ کوليائين. اهو انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ خط هو. هُو پڙهڻ لڳو ”ايوارڊ اڪثر اهڙن ماڻهن کي ملندا آهن، جن لاءِ پنهنجا توڙي پراوا تعريفن جا ڍڪ ڀريندا آهن. نامناسب ماحول ۾ رهندي منفي ۽ حوصلي شڪنيءَ وارن روين جي باوجود جيڪو ماڻهو ديس ۽ ديس واسين جي حقن جي ويڙهه وڙهي ٿو اسان جو هيءُ ايوارڊ صرف ان ماڻهوءَ لاءِ آهي. ظفر صاحب مهرباني ڪري دعوت قبول ڪندي پنهنجي اچڻ جو ڏينهن ۽ وقتConfirm ڪريو.“