ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

14. پُراعتماد چهرو

ڪراچيءَ ۾ اهڙي برسات ڪڏهن به نه وسي هئي. صبح جو امڙ چيس ته اڄ نه وڃ- ڪالهه مينهن پيو هئو متان اڄ به وسي! چيائينس، امي ڪالهه وسي ويو نه؟ اڄ اُس نڪتي آهي. ڪراچيءَ جو مينهن ائين ئي اٿئي. امڙ وراڻيس: ها ڌيءَ صحيح ٿي چوين تون سوچي وٺ ته ڪراچيءَ جو مينهن اهو ئي صبح جو سج، شام جو گوڏي جيڏو پاڻي...
پر هوءَ امڙ کان ڪن لاٽار ڪري هلي وئي، آفيس ۾ڪلاڪ کن مشڪل سان گذريو هوندس ته خبر پيس ته جهڙ ڪڙڪاٽ ڪندو آيو ۽ ڏسندي ڏسندي سڀ شئي جل ٿل ٿي وئي ، سڀ انتظار ڪرڻ لڳا ته جلدي مينهن بس ٿئي پر مينهن جيستائين گوڏي جيتري پاڻيءَ سان روڊ نه ڀريا تيستائين بند نه ٿيو. سوچڻ لڳي ته هاڻي اميءَ کي ڪهڙو منهن ڏيکارينديس؟ جنهن جو صبح چيو نه وٺي زوريءَ آفيس آئي آهيان. بهرحال ڪنهن طريقي سان گهر پهتي ته سٺي ڇنڊ مليس. اڄ سندس رڪارڊ ٿيل پروگرام به ريڊي تي نشر ٿيڻو هئو. چپ چاپ ۾ وڃي ڪمري ۾ ريديو ٻڌڻ لڳي.
اسلام عليڪم... اڄوڪي پروگرام ۾ مان اوهان جو ميزبان آهيان شهمير علي...
هيءُ ته ڪو نئون آواز ٿو لڳي؟ شايد مينهن جي ڪري اصل ميزبان نه اچي سگهيو هوندو. هوءَ جيئن جيئن اهو آواز ٻڌندي وئي تيئن تيئن ان آواز جي سحر ۾ گم ٿيندي وئي.
شهمير عليءَ جو ذڪر ٻين کان ٻڌو هئائين، هو هڪ آل رائونڊر آهي. هو هر نوعيت جو پروگرام لکي به سگهي ٿو ۽ اوچتو مائيڪ اڳيان ويهاريوس ته ڪنهن به موضوع تي ڳالهائي به وڃي ٿو.
سميرا پاڻ هڪ سيکڙاٽ Script reader هئي هڪ پاسي شهمير عليءَ جي ايڏي تعريف ٻڌي هئائين ته ٻئي پاسي هينئر سندس آواز ٻُڌي اڃان وڌيڪ فين ٿي ويس.
تصور ۾ هڪ با رعب اعتماد سان ڀريل نوجوان جو چهرو اچي ويس. سندس نالي جي معنى ته ڪيڏي زبردست آهي. شهمير معنى شاهه امير. شاهه سردار ته مير به سردار ۽ ”علي“ ته آهي ئي بردباريءَ جي علامت.
اهڙي ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ ۽ ان کي Face ڪرڻ واقعي وڏي ڳالهه هوندي. چهري جو اعتماد ڪيڏو هوندس؟
نيٺ سندس ملاقات شهمير عليءَ سان ٿي ۽ سميرا کي جيڪو خوف هئو ته هوءَ شهمير عليءَ اڳيان ڳالهائي نه سگهندي اهو خوف ختم ٿي ويس. هن لاءِ ته بس اها ڳالهه وڏي هئي ته جنهن آواز کي هوءَ ڪنن سان ٻڌي دل تي محسوس ڪندي آهي، اڄ اهو آواز ڳالهائيندڙ چهرو سندس سامهون هو.
جڏهن گهر موٽي ته ائين محسوس پيو ٿئيس ته ڄڻ ڪنهن شئي جي ڪمي رهجي وئي هجي. هن پنهنجي تصور ۾ شهمير عليءَ جي جيڪا تصوير ٺاهي هئي اها نه هئي، هن جي چهري تي حاڪمن وارو اعتماد نه هو. هوءَ سوچڻ لڳي؛ منهنجي آئيڊيل جي چهري تي حاڪمن وارو اعتماد هئڻ گهرجي... هن لاءِ هڪ بارعب نوجوان وارو تصور هئڻ گهرجي. جتان به هو گذري ته سندس شخصيت ڏسندڙن کي متاثر ڪري... شهمير عليءَ جي چهري تي محروميءَ وارو احساس نه هئڻ گهرجي... مان هن جو ساٿ ڏيندس. هن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌائينديس. جڏهن هن کي گهڻا ماڻهو خير خواهه ۽ دوست ملندا، تڏهن هن جي چهري تان اها محروميءَ واري ٻوٿاڙي لهي ويندي ۽ هن جو چهرو پر اعتماد نظر ايندو.
انکانپوءِ سميرا هن سان گهڻو لهه وچڙ ۾ اچڻ لڳي. اسڪرپٽ چيڪ ڪرائڻو هجي، ڪو شعر پڇڻو هجي، ڪنهن پروگرام بابت ڪا معلومات گهربي هئس ته به شهمير عليءَ کان ئي پڇندي هئي. ايستائين جو ٻاهر ٿيندڙ فنڪشنز متعلق معلومات، يا ڪاڏي وڃڻو هجي ته شهمير عليءَ سان صلاح ڪندي هئي. هو به ساڻس گهڻو هري مري ويو هئو. هاڻي هو ٿوري کل مشڪري به ڪندا هئا.
شهمير علي به گهڻو سوشل ٿي ويو هئو پر سميرا جو خواب شهمير جو پر اعتماد چهرو ڏسڻ اڃان تائين پورو نه ٿي سگهيو هئو. سندن ويجهڙائي وڌندي رهي. شهمير به سندس ڪم ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان ڪرڻ لڳو. هو پڻ ڄڻ موقعي جي تلاش ۾ هوندو هئو ته سميرا کيس ڪو ڪم چوي ۽ هو اهو ڪري. هو هڪ لحاظ کان پاڻ سميرا سان ويجهڙائي چاهڻ لڳو هئو.
سميرا ۽ شهمير ۾ ويجهڙائي وڌندي وئي. شهمير جي پراعتماد چهري ڏسڻ جي خواهش سميرا کي شهمير جي چاهت بڻائي ڇڏيو. حالانڪه سميرا هڪ انسان، هڪ دوست ۽ هڪ فنڪار کان وڌيڪ کيس نه پئي سمجهيو . سندس منزل ته ڪا ٻي هئي. هن اعلى تعليم ۽ الائي ته ڪهڙا ڪهڙا خواب سوچي رکيا هئا. شهمير جي فن لاءِ هن وٽ عقيدت هئي، جنهن کي شهمير محبت جو روپ سمجهيو.
شهمير سان قدرت جو ساٿ هو. قسمت جي ديوي مهربان هئي يا هو پنهنجي عمل ۾ پختو هو. هن جيڪو چاهيو پئي سو پئي حاصل ڪيائين. عزت، شهرت ۽ سندس محبت پڻ. سميرا جي عقيدت جي پويان شايد ڪٿي ڪو شهمير لاءِ محبت جو جذبو هئو، جنهن کان هوءَ پاڻ به اڻڄاڻ هئي. يا وري هوءَ شهمير جي Proposal کي انڪار نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته جنهن چهري تي هوءَ اعتماد ڏسڻ چاهي پئي سو سندس انڪار جي صورت ۾ اڃان به مرجهائجي وڃي ها. هن وٽ شايد اهو ئي اڻڄاتل جذبو هئو سميرا جي دل جي هڪ خاني ۾ لڪل، جنهن کيس شهمير جي زندگيءَ ۾ آڻي ڇڏيو...
سميرا جڏهن شهمير جي خاندان ۾ پهچي وئي، تڏهن هن ڏٺو ته جيڪا صورت ۽ مورت کيس پهريان نظر آئي شهمير جي شخصيت هروڀرو ائين به نه آهي. کيس شروع ۾ ئي ٿورو ٿورو احساس ٿي ويو ته شهمير ڪجهه ڳالهين ۾ پڪائي ڪرڻ وارو آهي، جنهن ڪري هوءَ ٿورڙي پريشان به ٿي پر انهن سمورين ڳالهين کي زندگيءَ جي تبديليءَ جو هڪ حصو سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيائين. ڪجهه ڳالهين ۾ هڪ Embaracement محسوس ڪيائين. پر وقت جو ڦيرو سوچي خاموش ٿي وئي.
زندگي شديد لاهن چاڙهن جي ور چڙهي وئي. کين ڏاڍين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو هئو. هو هاڻي ننڍين ننڍين ڳالهين تي اٽڪڻ به لڳا هئا. شهمير پنهنجي ان مخصوص لهجي ۾ ئي رهندو هئو. جتي چار ماڻهو گڏبا اتي شهمير ڄڻ پاڻ کي Mis fit سمجهندو يا چپ ويٺو هوندو يا وري وڃي ٻئي ڪمري ۾ ويهندو. ائين محسوس ٿيندو هئو ڄڻ هو پنهنجي Identification ٿو ڳولي يا جيڪو چاهي ٿو سو کيس اڃان نه مليو آهي.
اڃان تائين سندس چهري تان اهو محروميءَ وارو لکاءُ نه ويو هئو.
شهمير ۽ سميرا زندگيءَ جي عام وهنوار واريءَ گاڏيءَ جي ٻن مسافرن وانگر جي رهيا هئا. شهمير هر پاسي بهتر نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هئو. ائين چڱو وقت گذري ويو، پورا پنج سال ڪوششون ڪرڻ کانپوءِ کيس هڪ بينڪ ۾مئنيجر جي حيثيت ۾ نوڪري ملي وئي. هو ڏاڍو خوش هو. هن کي حالتن ڪامرس پڙهڻ تي مجبور ڪيو هئو، جڏهن ته هو ڊاڪٽر ٿيڻ پيو چاهي ۽ هميشه ان اداسيءَ ۾ رهندو هئو ته هن کي پنهنجو من پسند ڪيريئر نه ملي سگهيو. هاڻي ڄڻ ته کيس سندس منزل ملي وئي هئي.
هو ڏاڍو خوش هو سميرا جيڪا ور ور پئي سندس چهري جون اڀرندڙ لهندڙ ريکائون پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي سا سندس مک تي سرهائي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. سمجهيائين دير آئي درست آئي. هاڻي يقيناً هو هڪ پر اعتماد چهري واري شخصيت نظر ايندو. شهمير بينڪ جوائن ڪري ورتي. خوب دل لڳائي محنت ڪيائين.ٻن سالن اندر سندس ترقي ٿي وئي. هاڻي هو بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر ٿي ويو هئو. ترقيءَ جي ڏاڪڻ سندس قدم سڃاڻي ورتا هئا. هاڻي اهي ڏاڪا پار ڪرڻ شهمير لاءِ سولا بڻجي ويا هئا.
تنهن ڏينهن ننڍڙي پٽ جي سالگرهه تي سڀني شهمير جو انتطار پئي ڪيو. گهر ۾ مٽ مائٽ سڀ ڪٺا ٿيا هئا. شهمير جي اچڻ جو انتظار هو، شهمير آيو، ڏاڍو خوش، سميرا کي هڪ پر اعتماديءَ جي جهلڪ سندس چهري تي نظر آئي. هن ڏاڍيءَ اڪير ۾ ڏانهس وڌي پڇيو: شهمير ڪيڪ گاڏيءَ ۾ پيو آهي ڇا؟“... شهمير کيس انتهائي ڪاوڙ ۾ چيو ”ڇو تو نه گهرايو آهي؟“
سميرا چيس: شهمير مون سمجهيو... شهمير رُکي لهجي ۾ چيس: ها سائين تو سمجهيو، تنهنجي سمجهه کي ڪير پڄي؟“
سميرا چيس شهمير توهان پاڻ پنهنجي پسند جو ڪيڪ آڻڻ لاءِ چيو هو.
ها هاڻي مون تي هڻ! تو جهڙي وائڙي عورت ٻيو ڇا ڪندي؟ شيون مئنيج ڪرڻ ته توکي اينديون ئي ناهن.
سميرا واقعي وائڙي ٿي ڪڏهن شهمير جو پر اعتماد چهرو ته ڪڏهن ويٺل مهمانن کي ڏسي رهي هئي . سوچيائين پئي ته ڌرتي جاءِ ڏئي ته جيڪر دفن ٿي وڃان... ايتري تذليل...معمولي ڳالهه تي...
شهمير هن جي انا کي لتاڙي مهمانن سان کلي کلي پئي ڳالهايو... جيڪو ڪنهن سان ويهندو نه هئو! هاڻي سميرا کي ماڻهن جي وچ ۾ ويهڻ جي همت نه هئي. ڪمري ۾ اچي سوچڻ لڳي... شهمير ائين ڇو ڪيو؟ سندس چهري تي ڪيڏو نه اعتماد هئو. جنهن کي ڏسڻ لاءِ سميرا ورهيه انتظار ڪيو هئو پر ان سان گڏ سندس رويو؟ آئيني تي نظر پيس... شهمير جي چهري وارين محرومين واريون ريکائون پنهنجي منهن تي چنبڙيل ڏٺائين.