ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

16. مهرالنساءِ

امڙ ٿورو هوريان ڪر، اڳ ۾ ئي هٿ جهرن ٿا. مهرو ننڍڙيءَ فاطمه کي سيسراٽ ڀريندي چيو، جيڪا سندس هٿن کي تيل سان مالش ڪري رهي هئي.
”امان زور سان نه ٿي ڪيانءِ... انهن تنهنجين آڱرين وٽ لڳي ٿو ته ڦٽ ٿي پيا اٿئي، اهي ڏکنئي ٿا.“ فاطمه وراڻي ڏنس. ماءُ جا ڦٽيل هٿ ڏسي سندس اکيون ڀرجي آيون... ستن سالن جي فاطمه پنهنجيءَ عمر جا سال ڄڻ ته ٻٽا گذاريا هئا. ستن بدران چوڏهن سالن جيتري ٿي وئي هئي. کيس ڏسي يقين سان چئي سگهجي پيو ته ڏکن جا سال وڏا ۽ عمر ٻيڻي ٿي ويندي آهي.
”امڙ نه وينديس ته هن پيٽ جو دوزخ ڪير ڀريندو؟... بس هاڻي ڇڏ ، تون وڃ، وڃي ڀينرن کي ماني ڳڀو ڏي. آهي ماني؟؟“
”ها امان... آهي، ٿورڙو اٽو پيو هئو، مڙئي ڦلڪڙيون وڌيون اٿم. گذارو ٿي ويندو... امان تون به کاءُ...“
”نه امڙ... اوهين کائو، مونکي سونيءَ ٿورو ڍوڍو ڏنو هئو. اهو سنڀالي رکيو هئم. سج لٿي مهل هنيانءُ پيو ڪچو ٿئي سو ايندي مهل واٽ تي پاڻيءَ سان کائي ورتم...“ مهروءَ پنهنجي ڊنر (Dinner) جو تفصيل ٻڌايس.
فاطمه اهي ڦلڪڙيون ننڍڙين ڀينرن کي کارايون ته سندس لاءِ هٿ ۾ رهيل رڳو ٻه گرهه بچيا. هن ماءُ کي ڪجهه به نه چيو ۽ پاڻي پي وڃي سمهي پئي.
مهرو هٿن تان تيل اگهيو ته کيس آڱرين تي ڦٽ نظر آيا. سندس اکيون ڀرجي آيون. آڱرين جا زخم ڏسي نه بلڪه دل جا ڦٽ ساري، جيڪي اڄ ٺيڪيدار جي ڳالهين سان اڊڙي پيا هئس.
ٺيڪيدار اڄ نه رڳو کيس سندس اصل نالي سان سڏيو هو بلڪه کيس ميرين نظرن سان به ڏٺو هو.
”لڪشمي! تون اسان لاءِ اها ئي لڇمي آهين. بلڪه مها لڪشمي... هي تنهنجا نازڪ سهڻا هٿ پورهئي ڪرڻ لاءِ نه بلڪه مايا سنڀالڻ لاءِ آهن. منهنجي مڃ ته مايا سان مالا مال ڪري ڇڏيانءِ...
سوچڻ لڳي ته هيءُ ڪهڙيءَ مايا جي سنڀال جي ڳالهه ٿو ڪري. مان جيڪڏهن محنت نه ڪيان ته منهنجين ڌيئرن کي ڪير پاليندو؟
هيءُ اڄ مون ۾ اکيون وجهي ٿو، سڀاڻي منهنجين نياڻين تي نظر وجهندو. مون غريب عورت وٽ صرف هڪ عزت ئي ته آهي، جنهن کي سنڀالي پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ ڌيئرن جي مانَ بچائڻ ۽ سندن انگ ڍڪڻ لاءِ پورهيو ٿي ڪريان. مايا سان موهه ڪندڙ ته هي پاڻ آهن، جيڪي غريب کي پورو اجورو به نه ٿا ڏين.
مايا ته مون ٺڪرائي ڇڏي... هڪ ڪوڙي محبتي ماڻهوءَ جي ڪڍ... سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنم... دوکو، فريب، محبت ڪاٿي آهي؟ ڇا محبت جي سفر جي منزل، مايوسي، مجبوري، مفلسي... ۽ موت؟
هنيانءَ ۾ هڪ هُرَ اٿيس ٿي. مون جنهن کي محبتي ميڻادار ماڻهو سمجهيو، ان مون کي مايادار مڻيو سمجهي پنهنجو ڪيو ۽ پوءِ؟؟؟
سوچي ٿي... هرو ڀرو ٿي ويٺي وري اهي پراڻيون ڳالهيون سوچيان ڇا ٿيندو؟ ڪجهه به نه ورڻو آهي. نه مٽ نه مائٽ نه محبتون. اهي ذهن تان سڀ خيال لاهي درود شريف پڙهي سمهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر تلخ يادن جا ڪنڊا ننڊ اُڏاري ڇڏنس ٿا.
ورهاڱي سندس سڀ ڪجهه ورهائي ڇڏيو. پيار ڪندڙ ماءُ، سهيلين جهڙيون ڀينر، باڊي گارڊ جهڙو اڪيلو سڪيلڌو ڀاءُ، محبتن ۽ شفقتن سان ڀرپور پيءُ. کيس ڪيڏو نه سمجهايو هئائون. گهڙيءَ گهڙيءَ ڇت تي چڙهي، سرور سان ڳالهائڻ لاءِ پئي واجهايائين. هن گهٽيءَ جي موڙ تي اچڻ لاءِ چيو هوس. ماڻس وار وار پئي جهليس. ”لڇي متان هيڏي هوڏي ٿي آهين. ڄاڻ گاڏي آئي... ڇوڪريون سڀ سامان سنڀالي رکو. کڻڻ واريون شيون کڻو، صندوقون چڱيءَ طرح بند ڪري رکجو. بس رڳو ڇهن مهينن جي ته ڳالهه آهي، موٽي اينداسين. خبر ناهي هي ملڪ ڇو ورهائيندا آهن؟ الائي ڇا ڪندا ماريا؟؟ ماڻس مسلسل ڳالهائي ۽ سامان هيڏانهن هوڏانهن سهيڙي رهي هئي. لڪشميءَ کي رڳو هڪ ڳڻتي هئي ته هيءُ ملڪ جو ورهاڱو ڪٿي پيار جو به ورهاڱو نه ڪري وڃي. گاڏيءَ اچڻ ۾ دير لاتي هئي. هيءَ گاڏي ڏسڻ جي بهاني درکا نڪتي ڏٺائين ته گهٽيءَ جي موڙ وٽ سرور پهچي چڪو هو. هيءَ جيئن ئي سندس ويجهو پهتي. هن کنڀي کنيس، چئي: پويان گاڏي اچي ٿي، ائين نه ٿئي جو تون هلي وڃين؟ پوءِ اسين سڄي زندگي نه ملي سگهنداسين.“
”پر امان ته چوي ٿي ته اسين ڇهن مهينن ۾ موٽي اينداسين.“
”چري ٿي آهين؟ ڇهه مهينا ڪنهن ڏٺا؟ ۽ پوءِ اتي جو تنهنجو سڱاپو ڪري ڇڏين ته پوءِ تون ڇا ڪندينءَ؟ مان ڇا ڪندم؟ هينئر موقعو سٺو آهي هل ته کسڪي هلون. هي سڀ هليا ويندا ته پوءِ اسين اچي ساڳيءَ جاءِ ۾ رهنداسين. تون سون ٻون ته هٿيڪو رکيو آهي نه؟ ”سرور اتاولو ٿي پڇيس ٿو.
”ها... ها صندوق کي تالو هنيو اٿم. چاٻي نه لڌي ته کڻي ڀڃنداسين. هن اطمينان ڏياريس.
سرور کيس واپس گهر وڃڻ ئي نه ڏنو. هڪ دوست جي گهر اچي رهايائينس. پٺيان سندس گهر وارن کيس ڏاڍو ڳوليو، پر جيئن ته گاڏيءَ ۾ ٻيا به هندو هئا جن کي تمام تڪڙ ۾ هيءُ ملڪ ڇڏڻو هئو. رستا اڻانگا ۽ خطري وارا هئا. هر پاسي خونريزيءَ وارو ماحول هئو. هڪڙيءَ لڪشميءَ جي ڪري ٻيا ماڻهو رڪي نه پئي سگهيا. ڪيترائي ٻار ٻڍا ۽ نينگريون ائين رهجي ويون هيون.
لڪشمي پورو هفتو سرور جي دوست جي گهر ۾ رهي. ان هفتي جي دوران ملڪ ۾ ڏينهن رات جو ڦيرو اچي ويو.
سرور به غائب هئو. هفتي کانپوءِ سرور موٽيو. پر چيائينس ته في الحال ان گهر ۾ نه ٿا هلي سگهون، ڇو جو ڪجهه ماڻهن ان تي قبضو ڪري ورتو آهي. لڪشميءَ جا ڄڻ ڇيهه ئي ڇڄي پيا. ڏاڍيءَ ڪوشش جي باوجود به اهو گهر کين واپس ملي نه سگهيو. بلڪه ڪنهن مهاجر ڪٽنب کي اتي رهايو ويو. لڪشمي پاڻ ظاهر ڪري نه پئي سگهي. سرور وٽ ڪا اٿارٽي نه هئي جو گهر واپس وٺي سگهي ها. لڪشميءَ وٽ هاڻي ڪجهه به نه رهيو هئو. نيٺ مهيني کن گذري وڃڻ کانپوءِ سرور کيس مسلمان ٿيڻ لاءِ چيو. لڪشميءَ چيس پر تون پهريان ته اهڙو ڪو شرط نه رکيو هئو. سرور چيس پهريان جو ٻيو معاملو هئو. هاڻي حالتون ٻيون آهن. هاڻي سندس مسلمان ٿيڻ ضروري آهي نه ته ماڻهو رهڻ نه ڏيندا . هونئن به جاڏانهن ڪاڏانهن باهه ٻري پئي هئي. لڪشمي هاڻي مهرالنساءِ سرور بڻجي وئي. سرور جي پنجن ڌيئرن جي ماءُ بڻجڻ تائين هن زندگيءَ جون اهي اذيتون ڀوڳيون جن سندس دل ۽ دماغ تان محبتن ۽ چاهتن تان اعتبار ئي کڻائي ڇڏيو. سندس مائٽن وارو گهر مهاجر ڪٽنب کي ڪليم ۾ ملي ويو. سرور کي لڪشميءَ جي ڪا به ملڪيت نه ملي سگهي. نه سون، نه زيور، نه پئسو ۽ نه ئي گهر. جنهن لالچ ۾ هن لڪشميءَ کي پنهنجي ڦند ۾ ڦاسايو هو ساتهي دامن لڪشمي/مهرالنساءِ پنجن ڌيئرن سميت سرور تي هڪ ٻوجهه هئي، جيڪو هو سر تان لاهي ڦٽي ڪرڻ جا پيو بهانا ڳوليندو هئو. جادل سندن پاڙي ۾ رهندڙ هڪ بيواهه عورت هئي. ڪڏهن ڪڏهن سرور سندس ٻاهرين ڪمن ڪارين ۾ مدد ڪندو هئو. ان ڪڏهن ڪڏهن جي مفاد جادل جي گهر کي سرور جو آشيانو بڻائي ڇڏيو.
فاطمه ۽ حرمت ٿوريون سمجهه ڀريون هيون، جيڪي مهر النساءِ کي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائينديون هيون. سرور انهن کي جادل وٽ ڇڏيو هئو ته جيئن سندس ڪم ڪار ۾ مدد ڪن. هو اڌ ڏينهن اتي هونديون هيون ۽ منجهند کانپوءِ گهر واپس اينديون هيون. مهرالنساءِ جي اکين مان اڄ ننڊ موڪلائي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته پٺيون سڀ ڳالهيون ۽ سرور جي بي مروتيءُ تي افسوس کيس سمهڻ نه پيو ڏئي. مٿان وري صبح جو ٺيڪيدار سان ڏند چڪ ٿيس. پاسا ورائيندي فاطمه تي نظر پيس، ڀرواريءَ کٽ تي ستل فاطمه جون اکيون اڌ کليل هيون. سوچڻ لڳي ڪيڏي نه ڪمزور ٿي وئي آهي... ڇا ستن سالن جي نينگري ۽ ڇا ٻن ٻن گهرن جو ڪم، جادل ته کيس ماني به نه ڏيندي آهي. چي: ”ڪهڙو سرور ڪمائي ٿو ڏينم جو اوهان لاءِ لولا گهڙيان؟ اهي چاڳ وڃي ماءُ سان ڪريو“! مهرالنساءِ سوچڻ لڳي ته ٻه ڏينهن ڪم تي نه وينديس. سڄو ڏينهن پٿر ڪُٽي ڪُٽي هٿ زخمي ٿي پيا آهن. ٻه ڏينهن گهر ۾ رهنديس ته فاطمه کي آرام ملندو... پر فاطمه و ڦلي ڇوٿي؟
ڀرسان وڃي ڏٺائينس هوءَ گهريءَ ننڊ ۾ ستل ڪا نه هئي بلڪه تمام جهيڻي آواز ۾ ڪجهه گهريائين پئي... مهرالنساءِ ويجهو وڃي ڏٺس ته هوءَ بک ۾ ساڻي پئي هئي ۽ چچريل آواز ۾ جيڪي لفظ وات مان پئي اڪريس اهي هئا ”ماني.... ماني....“
مهرالنساءِ جو هنيانءُ جهري پيو. سڄو گهر ڳوليائين پر گهر ۾ ڪو به کاڌي جو سامان نه هئو. جادل جي گهر وئي ته وڃي سرور کي ڪجهه چوان ٿي ته ڪٿان کاڌي جو بندوبست ڪري. اتي پهچي ڏٺائين ته هو ماني کائي چڪا هئا. هن کي ڏسي سندن مُنهَن جا پنائي لهي ويا.
ان کان اڳ ۾ جو مهرو سرور کي ڪجهه چوي... هو مٿان اڀري آيس ”نڀاڳي رن... هتي به سڪون نه ٿي ڪرڻ ڏين.“ مهروءَ چيس ”گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي.“
”ته پوءِ پٽ ڄڻين ها ته ڪمائي کارائي هان تون به عيش ڪرين هان مونکي به سڪون ملي هان. هاڻي ٽر هتان ته...“
هوءَ وڌيڪ بي عزتي برداشت نه ڪري سگهي، واپسيءَ تي رڌڻي ۾ اوباريل پليٽ ۾ گوشت جون هڏيون ۽ هڪ سڪل نان نظر آيس. فاطمه جو ساڻو پيل جسم ۽ مانيءَ جي تانگهه ياد اچي ويس. دل چاهيس ته جيڪر اهو سڪل نان کڻي وڃي فاطمه کي آلو ڪري کارائي. پر جادل جون طنزيه نظرون ۽ سرور جو بيگانو، بي عزت ڪندڙ چهرو ڏسي واپس هلي آئي.
گهر جي چانئٺ تي ماڪوڙيون ڳڙ جي ننڍڙيءَ ذرڙيءَ کي گهليندي نظر آينس. جهڪي ماڪوڙيون هٽائي اها ڳڙ جي ذرڙي کنيائين. پاڻيءَ جو گلاس ڀري هٿ ۾ لوڻ جي چپٽي ۽ ماڪوڙين کان ڦريل ڳڙ جي ذرڙي کڻي فاطمه کي جاڳايائين فاطمه... اٿ... ماني... اکين جي سمنڊ مان اٿيل لڙڪن جون لهرون سندس انا کي اڃان به مضبوط بڻايو بيٺيون هيون.
ڪڏهن پٿر ڪٽي ڪٽي زخمي ٿيل هٿن کي ته ڪڏهن فاطمه جي لهڪاڻيل چهري کي پئي ڏٺائين. فاطمه... اٿ پٽ... صبح جو مان ڀائو گدوءَ وارن وٽان اٽو آڻي ماني پچائي ڏيندي مانءِ... فاطمه لوڻ پاڻي ۽ ڳڙ جي ذرڙيءَ سان ڊنر ڪري صبح جي مانيءَ جا خواب ڏسڻ لاءِ سمهي پئي.
مهرو به اکيون پٽيون پئي صبح جو انتظار ڪيو. سڀاڻي پَرينءَ ٽَڪر تي ويندم، اتي وڏا پٿر ڪٽڻا آهن. وڌيڪ پئسا ملندا... سڙڪ به ٺهي ٿي... شام جو اتي پٿر وڇائيندا... اتي ويندم ته اهي به هٿو هٿ پئسا ڏيندا... من... ٻه ٽي ڏينهن ٽپي وڃن... ٻارڙين جي خالي پيٽ ۽ ڏرا ڏنل اکين سندس هٿن جي زخمن کي پڪو ڪري ڇڏيو هو.

(نانيءَ جي زماني جي هڪ پورهيتڻ جي سچي ڪهاڻي)
(6-10-2013 ۽ 7-10-2013 جو وچAM 04.00(