6. خود غرض ماءُ : هڪ سچي ڪهاڻي
تقريباً مهينو کن اڳ جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏيءَ عمر جي عورت ۽ سندس مڙس هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي اسپتال ۾ وٺي آيا. کيس ڪهڙي تڪليف هئي؟ سو ته سامهون اچڻ بعد جي ڳالهه هئي، ڇوڪري جڏهن ڏاڪڻ چڙهي آئي ته سندس ساهه تمام گهڻو تڪڙو پئي هليو، ايتري ته سهڪي رهي هئي جو ڳالهائي به نه پئي سگهي. ڪجهه مهينا اڳ سندس هڪ ٻار به ضايع ٿيو هئو ۽ نتيجي ۾ هن کي ڪو شديد انفيڪشن ٿي پيو هئو ۽ هاڻي هوءَ هلڻ کان هلاک هئي. جيئن ته اسپتال ۾ ڪيترائي اهڙا شديد نوعيت جي تڪليف وارا مريض ايندا رهندا آهن، هيءَ به انهن مان هڪ پئي لڳي. ان ڏينهن عورتن تي تشدد جو عالمي ڏينهن هئو. ڊاڪٽر سڪندر اسانجو انچارج آهي. سندس ڀائرن جهڙي رويي ڪري مان کيس ادو ڪوٺيندي آهيان. هن مون کي چيو ته توهان عورتن تي تشدد جي ڳالهه ٿا ڪريو. هيءُ ڏسو سامهون جيئرو جاڳندو مثال اٿو. هيءَ پنهنجي مڙس جي خراب رويي جو سبب به نه ٻڌائيندي. مان پاڻ به ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته کانئس ڪجهه پڇي سگهان، پر هوءَ واقعي پنهنجي مڙس جي خلاف هڪ لفظ به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هئي. آخر مون پڇيو مانس ته ڀلا اهو ٻڌاءِ ته جڏهن تنهنجي مڙس جو رويو توسان خراب هوندو آهي ته توکي ڏک ٿيندو آهي؟ چيائين ڪهڙو ڏک ڇا جو ڏک ۽ ڏک ڪري به ڇا ڪندم ؟ ڇا ائين اهو ڏک ختم ٿي ويندو؟ سندس مبهم جواب مان به ڪا خاص ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. ها البت سندس ماءُ پنهنجي ڄاٽي کي خوب برو ڀلو پئي ڳالهايو. سندس چوڻ مطابق ته هو جڏهن زال جي بيماريءَ جو ٻڌندو ته اسپتال ايندو ئي نه پر اڳتي هلي ايئن نه ٿيو. ٽن ڏينهن کانپوءِ هڪ مهذب انداز۽ شائستگيءَ سان ڳالهائيندڙ ماڻهو مان آفيس ۾ ويٺل ڏٺو، جيڪو تمام آرام آرام سان ۽ ٿڌي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هئو. ادي سڪندر پوءِ مون کي ٻڌايو ته اهو انيلا (ساڳي بيمار ڇوڪريءَ) جو مڙس بابر آهي. انيلا جا مائٽ ته هن کي گهرائڻ نه پيا ڏين پر انيلا سندن غير موجودگيءَ ۾ ڊاڪٽر کي چيو ته هو سندس گهرواري کي گهرائي. بابر سان جڏهن سندس گهرواريءَ جي متعلق ڳالهه ڪئي وئي ته هن صورتحال بلڪل ابتڙ ٻڌائي سندس ٻڌايل قصو ڪجهه هيئن آهي.
اسان جي شاديءَ کي 6 سال ٿيا آهن، پر اسان جي جهول ۾ اڃا تائين اولاد ناهي. ان جو سبب اهو آهي ته انيلا جا ٻار ڄمڻ کان پهريان ئي ضايع ٿي ويندا آهن ۽ هاڻي تائين اسان جا ست ٻار ضايع ٿي چڪا آهن. منهنجي ماءُ فالج (اڌرنگي) جي مريض آهي. کيس هر وقت ڪنهن جي مدد جي ضرورت رهي ٿي. اهو سبب هئو جو مون شادي نه پئي ڪرڻ چاهي. ڇاڪاڻ ته گهر ۾ ڪا به مناسب پهر نه هئڻ سبب اڪيلو ئي سندس گهڻي خدمت ڪرڻ وارو هئس پر دوستن ۽ مٽن مائٽن جو گهڻو اسرار هئو ته مونکي شادي ڪرڻ کپي. مان اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ چاهي جيڪا منهنجي موجوده حالت ۾ تنگ نه ٿئي. انيلا جي مائٽن سان پهريان ڪا به ڏي وٺ نه هئي، شاديءَ کانپوءِ سوچيو هئو ته زندگيءَ جون مشڪلاتون ڪجهه گهٽ ٿينديون پر هاڻي ته روز نئين مشڪل آهي. انيلا شاديءَ کانپوءِ مڪمل هڪ مهينو به گهر ۾ نه رهي. کيس پنهنجي ماءُ بهاني سان وٺي ويندي آهي. انيلا جڏهن ڳورهاري ٿيندي آهي ته سندس ماءُ کيس پنهنجي گهر وٺي ويندي آهي. اهو چئي ته هن جو بهتر علاج ۽ خيال ڪيو ويندو، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. هوءَ جڏهن گهر موٽي ايندي آهي ته نه سندس صحت صحيح هوندي آهي ۽ نه ئي ٻار، ڇو ته ٻار ضايع ٿي چڪو هوندو آهي. سندس موجوده صحت انجو ثبوت آهي ته هينئر جيڪا بيماري کيس لڳي آهي اها به ٻار ضايع ٿي وڃڻ ڪري لڳي آهي ۽ اوهان پاڻ ڏسو ته هاڻي اسان لاءِ ٻار پيدا ڪرڻ ڪيترا نه ڏکيا ٿي ويا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ به انيلا جي ماءُ هن کي پاڻ وٽ رهايو ويٺي آهي. چئي ٿي ته مان سندس علاج مولويءَ صاحب کان ڪرايان ٿي. هوءَ کيس عيد تي به گهر موڪلڻ لاءِ راضي نه آهي. سندس ماءُ جي اها روش آهي جو هوءَ اڪيلي آهي ۽ پٽ ۽ ننهن جدا گهر ۾ رهن ٿا. هوءَ ڪنهن نه ڪنهن ڌيءَ کي پاڻ وٽ رهائيندي آهي. جيڪي ٻه ٻه، ٽي ٽي مهينا هن وٽ رهنديون آهن. اهڙيءَ طرح هر ٽئين چوٿين مهيني هڪ ڇوڪريءَ جو وارو ايندو آهي. ساهرن ۾ نه رهڻ وارو رويو صرف انيلا جو ناهي. بلڪه سندس سڀني ڀينرن جي ساڳي حالت آهي. ڇاڪاڻ ته کين ماءُ جي گهر ۾ رهڻو پوندو آهي. سندن ماءُ پنهنجي اڪيلائپ ختم ڪرڻ ۽ گهر جي ڪم ڪار جي سهولت لاءِ ڌيئرن کي واري واري سان پاڻ وٽ رهائيندي آهي. خود غرض هجڻ ڪري پٽ ۽ نهن سان به نه ٿي لڳيس. سندس خود غرضيءَ جو گهڻو شڪار انيلا ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته انيلا ساهراڻي گهر ۾ به اڪيلي آهي ۽ مٿس اتي به گهڻيون ذميواريون آهن. ٻٽين ذميوارين ڪري بيمار رهي ٿي.
جيڪڏهن ڪير ڪڇي ٿو ته چون ٿا ته توهان جي گهر تي اثر آهي ان ڪري ٻار بيهن نه ٿا ۽ ضايع ٿي وڃن ٿا. مان اهو ٿو پڇان ته اثر رڳو منهنجن ٻارن لاءِ آهي؟ جڏهن ته ٻين ڀائرن کي حيات اولاد آهي ۽ انهن جون گهرواريون مستقل گهر ۾ رهن ٿيون.
انيلا جي ماءُ ٻڌايو ته؛ مان هڪ ماءُ آهيان. اوهان پاڻ سوچو ته هڪ ماءُ ڀلا اولاد جي دشمن ٿي سگهي ٿي. مان هن جي تڪليف نه ٿي ڏسي سگهان ۽ جن جو علاج مولوي صاحب کان ڪرايان ٿي. مولوي صاحب چيو هئو ته هيءَ جيستائين ڇهه مهينا مڙس کان پري نه رهندي تيستائين ٺيڪ نه ٿيندي ۽ ان ڳالهه کي ٻه ٽي مهينا ٿي چڪا آهن. جڏهن مولوي صاحب چوندو ته هيءَ ٺيڪ آهي ته پوءِ مان کيس گهر موڪليندس. انيلا جي ماءُ جي ان ڳالهه کان مان ٿوري متاثر ٿيس ۽ کيس مولويءَ جي چڪر ۾ ڦاٿل سمجهيم ۽ کيس سمجهايم به. مون اهو به محسوس ڪيو ته انيلا جيڪا پنهنجن مائٽن جي سامهون ڳالهائي نه پئي سگهي ڏاڍي جرئت سان پنهنجي مڙس اڳيان ڳالهائي رهي هئي. ان مان محسوس ٿئي پيو ته بابر هروڀرو خراب ماڻهو ناهي. مون ڊاڪٽر کان پڇيو ته؛
انيلا کي ڪهڙي تڪليف آهي؟
انيلا جي مسلسل حملن ضايع ٿيڻ ۽ صحيح پر گهور نه ملڻ سبب کيس دل جي هڪ تڪليف ٿي پئي آهي. جنهن جو آپريشن ٿيڻو آهي. سندس ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اها هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ دل جو کاٻو وال متاثر ٿيندو آهي ۽ ان والو (volve) جي تبديلي تمام ضروري هوندي آهي پر والو تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ مريض کي ڪجهه طبي مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي. انکانسواءِ مريض کي هڪ گوري تاحيات کائڻي پوندي آهي. ان گوريءَ جي اثر ڪري عورت ڳورهاري نه ٿي سگهندي آهي يا جيڪڏهن ٿيندي به آهي ته سندس حمل رڪي نه سگهندو آهي. ان لاءِ ٻار ڄڻڻ تائين ۽ فيملي ڪمپليٽ ڪرڻ لاءِ پهريان هڪ آپريشن ٿيندو آهي، جنهن تحت جسم جا ٽشوز ڪمزور والو ۾ هنيا ويندا آهن. جيئن والو پنهنجو ڪم چڱيءَ طرح ڪري سگهي پر اهو ٻن ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ نه هوندو آهي تنهن هوندي به ڪا وڏي ڳالهه نه آهي اهو آپريشن آسان آهي ۽ بغير ڪنهن هاڃي جي ٿي سگهندو آهي.
هڪ ڊاڪٽر جيڪو ان ڪم ۾ مهارت حاصل ڪري ٿو ۽ ان جي سامهون ان قسم جا ڪيئي ڪيس اچن ٿا ۽ انهن جو اهڙن مريضن سان روز واسطو پئي ٿو. ان ڪري ڊاڪٽرن کي ته ڪو مسئلو نظر نه ٿو اچي پر جيڪو ماڻهو سڄي حياتي اهڙي تڪليف کي منهن ڏئي ان لاءِ ضرور پريشانيءَ جي ڳالهه آهي. هتي هڪ انيلا ناهي بلڪه ان جهڙيون ڪيتريون ئي معصوم ڇوڪريون پنهنجن مائٽن جي اٻوجهائپ ۽ ناسمجهيءَ جو شڪار ٿي پنهنجي زندگي زهر بڻائي ڇڏين ٿيون. انيلا ته عيد کانپوءِ پنهنجي گهر وئي ۽ هاڻي هوءَ اتي خوش آهي پر ڪيترن ڏينهن لاءِ اهو چئي نه ٿو سگهجي؟
روزاني عوامي آواز (اربع 25 ڊسمبر 2002ع)