ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

13. اُداس مرڪون

نون ڀرتي ٿي آيل ريسرچ آفيسرن ۾ ادو جنيد به هڪ هئو.
چپ چپ رهڻ وارو هروقت ڄڻ ته ڪنهن سوچ ۾ گم رهندو هئو، پر ڪنهن ڪنهن مهل اهڙو ته جملو چئي وٺندو هئو، جو سموريءَ چپ جي ڪسر ڪڍي ڇڏيندو هئو.
اسان جي هيلو هاءِ رڳو ڪاريڊور تائين يا ادي سليم جي آفيس ۾ ئي ٿيندي هئي، ساڻس پراڻا پارٽيءَ وارا تعلقات هجڻ ڪري ڪڏهن هو منهنجي ڪمري ۾ 10-15 منٽ ايندو هو ته ڪڏهن مان هن ڏانهن ويندي هُيس نه ته بنا ڪنهن ڪم جي ڪنهن جي آفيس ۾ وڃي ويهڻ منهنجي عادت نه هئي، سواءِ لائبريريءَ ۾ وڃڻ جي. اها جاءِ سموري اسٽاف جي ڪچهرين جو مرڪز هوندي هئي. خاص ڪري عورتن جي ڇو ته ان جون ٻئي لائبريرين عورتون هيون ۽ ٻئي ملنسار . سڀني سان سندن هيلو هاءِ هوندي هئي. ادو جنيد اڪثر لائبريريءَ ويندو هئو. مون کي تن ڏينهن ۾ سي ايس ايس ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ان معاملي ۾ منهنجي ڏاڍي مدد ڪيائين. سندس جيڪي دوست ان امتحان جي تياري ڪرڻ ۾ رڌل هئا، انهن مان هڪ سان مونکي ملرايائين جنهن مون کي Syllabus وغيره سڀ آڻي ڏنو ۽ مونکي پوري خاطري ڪرايائون ته ان سلسلي ۾ هو منهنجي ڀرپور مدد/رهبري ڪندا.
ان کان پوءِ ادي جنيد سان ٿوري پنهنجائپ وڌي. وري مٿان سندس ڊپارٽمينٽ جو ڪم هئو، اسان گڏجي اهو ڪم ڪيو. ڪم ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن ادو جنيد منهنجي آفيس ۾ اچي ويهندو هئو. پنهنجي ڳوٺ جون ڳالهيون Discuss ڪندو هئو. سندس هڪ شادي شده ڀاءُ هئو، جنهن جي ٻارن جي شاپنگ لاءِ مون کان پڇندو رهندو هئو ته ڪهڙي شئي ڪٿان ۽ ڪيئن وٺان وغيره.
اهڙيءَ طرح هو پنهنجي گهر جا گهڻا معاملا ٻڌائيندورهندو هو. سندس اداسيءَ جو هڪ سبب سندس ڳوٺ ۾ سندس مرضيءَ خلاف ڪرائجندڙ مٽي مائٽي به هئي.
سندس ڀاءُ چاهي پيو ته ان جاءِ تي سندس شادي ٿئي، جڏهن ته ادي جنيد چواڻي ته هو ڪنهن ٻيءَ ڇوڪريءَ کي پسند ڪري ٿو. مونکي ناهي خبر ته هو آفيس ۾ صرف مون سان اهي مسئلا Share ڪندو هئو يا ڪنهن ٻئي سان به. پر سندس هڪ گهرو دوست به ساڳيءَ آفيس ۾ ساڳي عهدي تي هن سان گڏ ڀرتي ٿيو هئو ۽ هو ٻئي پاڻ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندا هئا.
ادي جنيد هڪ ڀيري مونکي ٻڌايو ته ”مان ان ڇوڪريءَ کي ڪيئن سمجهايان؟ هوءَ مونکي شايد پسند نه ٿي ڪري... پر هن کي اها به خبر ناهي ته مان کيس ايڏو چاهيان ٿو....۽ جتي منهنجا مائٽ رشتو ڪرڻ چاهن ٿا، اتي مان ڪرڻ نه ٿو چاهيان، مان سخت پريشان آهيان.
مون کيس چيو ته ان ڇوڪريءَ سان پهريان ڳالهائي يا ڪنهن ٻئي خيرخواهه جي هٿان هن کان سندس مرضي پڇرائي ۽ پوءِ کيس پنهنجيءَ مرضيءَ کان آگاهه ڪري. جيڪڏهن ڇوڪري راضي ٿي وڃي ته پوءِ مائٽن کي پنهنجو مؤقف ٻڌائي... پر هو ائين نه پيو ڪري سگهي... هو طبيعتاً انتهائي سادو ماڻهو هئو. هڪڙو وقت اهڙو به اچي ويو جو اچي چوندو...ادي... چانهه ته گهراءِ ۽ پوءِ چپ ويٺو هوندو ۽ پيو مرڪندو. منهنجي ڏاڍي پڇڻ تي به ڪجهه نه ٻڌائيندو، بس ايترو چوندو هئو ته... ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪريان؟ ۽ چپ چاپ ۾ چانهه پي هليوويندو هو.
ايستائين جو مونکي به سندس مسئلن تي پريشاني ٿيڻ لڳي هئي. ڪجهه ڏينهن کان ته هو وڌيڪ چپ رهڻ لڳو ۽ منهنجيءَ آفيس ۾ به گهڻن ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ به نه آيو ته مون پاڻ وڃي پڇيو مانس”ادا جنيد ٺيڪ ته آهيو؟“، مئل ها ۾ جواب ڏنائين. وري پڇيومانس ته ٻڌايو معاملي جو ڇا ٿيو؟ چيائين ته منهنجي پسند راضي ناهي...مون پڇيو مانس ته توهان کي انڪار ڪيو اٿائين“، چيائين نه مون پڇرايوئي ناهي... پر مون کي لڳي ٿو ته هوءَ راضي ناهي ۽ نه ئي ٿيندي... مون کلي چيومانس ته مونکي ڳوٺ وٺي هلو ته مان ٿي سمجهايانس ته توهان جهڙي ماڻهوءَ کي ڇو نه ٿي سمجهي؟ کلي پيو، چيائين ته ها توهان کي ضرور ڳوٺ وٺي هلندم. منهنجيءَ شاديءَ ۾ توهان ڳوٺ ضرور اچجو. مون چيو مانس ادا مان ته مشڪري پئي ڪريان. اسان ۾ ڪنواريون ڇوڪريون بغير خانداني تعلقات جي ائين ڳوٺن ۾ ڪاڏي نه وينديون آهن، مٿان وري ٿوري حُج ڪئي مانس، جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اسان اوهان جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيون ته پوءِ اوهان کي مورڳو شادي ئي ڪراچيءَ ۾ ڪرڻي پوندي.
هڪ ڀيري ادي سليم جي آفيس ۾ سڀ ويٺا هئاسون. ڪنهن چيو ته جنيد جي اداسي ختم نه ٿي ٿئي. مون مزاق ۾ چيو مانِ ته هڪ PC-1 اهڙي ٺاهيو جنهن تحت ادي جنيد جي ڳوٺ جي ڪا Study ڪجي ۽ پوءِ هلو ته سڀ هن کي ڳوٺ وٺي هلون، مان اڪيلي نه ٿي وڃي سگهان. سڀئي گڏجي هلنداسين ته بهتر ٿيندو. ان تي سڀ کلڻ ۽ بحث ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ طرح مڙئي ڪجهه دير لاءِ ادي جنيد جي اداسيءَ واري ڪيفيت بدلي . وقت ائين ڪڏهن اداس ته ڪڏهن مرڪندي گذرندو رهيو. 7-8 مهينا گذري ويا ۽ منهنجي بدلي ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ ٿي وئي، مان به وري اهڙي ويس جو ڄڻ وري موٽڻو ئي نه هئو.
تقريباً چئن پنجن مهينن گذرڻ کانپوءِ وڃڻ ٿيو. ادي جنيد لاءِ چيائون ڳوٺ ويل آهي.مون وٽ ايترو ٽائيم نه هئو جو ڪنهن کان تفصيل پڇان ها... مون سمجهيو ته ڳوٺ موڪل تي ويو هوندو... ائين وري ٻه ٽي مهينا گذري ويا. وري منهنجو وڃڻ ٿيو ته خبر پئي ته وري ڳوٺ ويو آهي. مون ان کي اتفاق ئي سمجهيو.
ائين پوري سال کانپوءِ جڏهن مان آفيس ويس ته خبر پئي ادو جنيد ته ڪڏهوڪو ڳوٺ بدلي ڪرائي ويو آهي، سندس شاديءَ جو ڪو معاملو هو. مون نمبر وغيره هٿ ڪيومانس. واپس اچڻ تي مان وري پنهنجين مصروفيتن ۾ گم ٿي ويس ۽ ادي جنيد سان ڳالهه ٻولهه، رابطو ئي نه ٿي سگهيو. ٻن ٽن مهينن کانپوءِ وري جڏهن پراڻيءَ آفيس ويس ته ادي سليم چيو ته هاڻي اوهان جيڪڏهن تڪڙ ۾ هليا ويئُه ته اسين ناراض ٿي وينداسين.
ان ڀيري تفصيلي حال احوال ڏنا/ورتاسون. ادي جنيد جو پڇيو مانس ته ڪيئن آهي، ڳوٺ خوش آهي؟ واپس اچڻ لاءِ چوي ٿو يا ڪراچي مورڳو نه وڻيس؟ ان تي منصور جيڪو سندس گهرو دوست هئو ان چيو اوهان کي ڪا خبر ناهي؟ مان حيران ٿي ويس ڇا جي؟ چيائون ته اوهان کي جنيد جي بيماريءَ جي خبر نه هئي؟ مون چيو بخدا! مون کي سندس ڪنهن بيماريءَ جي ڪابه خبر ناهي؟ ڇا ٿيو خيريت سان آهي ادو جنيد؟ ٻين چيس هن کي ڪهڙي خبر هيءَ ته ايتري وقت کانپوءِ ته سڪون سان آئي آهي؟
منصور ٻڌايو ته هن جي شادي ڀاءُ جي مرضيءَ سان ٿي وئي...۽ هوءَ ڇوڪري جنهن کي پسند ڪري پيو ان جو ڇا ٿيو؟ مون پڇيو مانس! خبر ناهي... پر جنيد ان کي ڏاڍو پيو چاهي شايد اها راضي نه ٿي هوندي... پر ان لاءِ جنيد رڳو ايترو چيو ته ان جو ذڪر نه ڪر اها منهنجي مقدر ۾ ناهي... هن شادي ڪئي پر خوش نه هئو. شادي ڪرڻ جي هڪڙي مهيني کانپوءِ آيو ۽ بدلي ڪرائي ڳوٺ هليو ويو. پنجن مهينن کانپوءِ خبر پئي ته جنيد کي ڪاري ڪامڻ (Hepatitis) آهي. شروع ۾ ته علاج ٿورو فرق ڪيس پر علاج مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي جنيد اسان سان بيوفائي ڪري هليو ويو... سندس آواز ڄڻ ڪنهن پاتال مان پئي اڀريو. منهنجا ڪن هي ڇا ٻڌي رهيا هئا؟ منهنجون اکيون ڦوٽارجي ويون پر منصور جي اکين جا ڳوڙها سندس ڪيل ڳالهه جو ثبوت هئا. ڪنهن ويجهي عزيز جو اڻ مندائتو موت ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪيترو جهنجهوڙي سگهي ٿو؟ مون تڏهن اهو محسوس ڪيو، منهنجي دل پئي چوي ته مان اڏري سندس ڳوٺ وڃان ۽ سندس زندگيءَ جي خوشين کسڻ وارن کان رڙيون ڪري پڇان ته کين ڪنهن اهڙو حق ڏنو هئو؟ هڪ جوان انسان کي بيوسيءَ سان زندگيءَ جي پوپٽ کي هٿن مان اڏارڻ جو!
اها ڇوڪري ڪير هئي؟ ادو جنيد ڇو نه هن کي پنهنجيءَ دل جي ڳالهه چئي سگهيو؟ ڇا ڪو ڀلي مانس انسان ائين ڪنهن جي دل رنجائڻ جي خوف کان دل جي بازي هارائي ويهندو آهي؟ ادي جنيد کي اهو ڊپ هئو ته جيڪڏهن هوءَ راضي نه ٿي ته مان جي نه سگهندم. ڇا هوءَ واقعي راضي نه ٿي هئي؟ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ وارو هينئر هيءَ دنيا ڇڏي چڪو هئو. هينئر بس هن جي چپ چاپ،ڪنهن ڪنهن مهل مرڪندڙ تصوير هئي ۽ ان تصوير ۾ اداس مرڪن سان ڀريل چهرو زندگيءَ جي ستم ظريقيءَ جو هڪ ثبوت نظر اچي ٿو. ٻه سال اڳ جڏهن مان پنهنجيءَ شاديءَ جو ڪارڊ کڻي ادي سليم کي دعوت ڏيڻ سندس آفيس ويس ته هو پهريان ته مون سان ملي خوش ٿيو. ڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ سندس چهري تي اداسي ڇانئجي وئي. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو؟ پڇيومانس ادا ڇا ٿيو؟ خير ته آهي ڇو اداس ٿي ويا؟ چيائين بس ائين ئي... ڪجهه ياد اچي ويو... مون پڇيومانس اهڙي ڪهڙي ڳالهه ياد اچي ويوَ، جو اوهين اداس ٿي ويا؟ ڪجهه مون کي به ته ٻڌايو! چيائين ڇڏيو ادي... اجايو اوهان کي به تڪليف ٿيندي بس. الله سائين اوهان کي خوش رکندو...پر منهنجي من ۾ آنڌ مانڌ اڃان وڌي وئي، پڇيومانس ادا منهنجي تڪليف کي اوهان ڇڏيو... اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا اوهان مون کان لڪايو به ٿا ۽ اوهان کي پريشان به ڪري ٿي... ڇا مون کان ڪا غلطي ٿي آهي؟ چيائين ”نه ڀيڻ اوهان کان ڪابه غلطي نه ٿي آهي، اوهان تي ته اسان کي فخر آهي اوهان جهڙيون بردبار ڇوڪريون ئي اسان جي قوم جو مانُ آهن. ڪڏهن ڪڏهن مقدر غلطي ڪري وجهندو آهي. مان به ان مقدر تي ٿو پيون حيران ۽ پريشان ٿيان... اوهان جي مائٽن اوهان لاءِ ڏاڍو سٺو جيون ساٿي چونڊيو آهي. مونکي ته بس هڪ پنهنجو وڇڙيل دوست ياد اچي ويو. هو ٻڌو اَٿَوَ ته،
“ہے عجیب داستاں کچھ یہ ہماری داستاں بھی
کبھی تم سمجھ نہ پائے، کبھی ہم سنا نہ پائے۔”
هو پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ته سگهيو پر سمجهائي نه سگهيو، هار کائي ويو،سمجهڻ ۽ سمجهائڻ کان به ته زندگيءَ کان به... اوهان به ته کيس نه سمجهي سگهيا!!