ڪھاڻيون

تخليق جو انت

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
Title Cover of book تخليق جو انت

8. غيرتي ڀاءُ

ڪالهه شام هوءَ مون وٽ آئي. ٿڪل ٿڪل ۽ ويڳاڻي پئي نظر آئي. پڇيو مانس ته وري ڇا ٿيو؟ چيائين. ”اڄ وري ڀاءُ“ ائين چئي روئڻ لڳي. روئيندي روئيندي ٻڌايائين. اسان چاچي وارن ڏانهن ويا هئاسين مون وٽ سامان گهڻو هئو ڀاءُ گهر ۾ ويٺو هئو ڏاڍو چيوسينس ته اچ سامان کڻاءِ ۽ هو ان رستي تائين آيو به، پر اهو چئي واپس هليو ويو ته توهان جي مٿي تي روا پاتل نه آهن، ان ڪري مان توهان سان گڏ نه هلندس. امان به ويتر ڪاوڙجي وئي ته توهان چادرون ڇو نه مٿي تي ڪيون ۽ هاڻي ڏسو ڀاءُ کي ڪاوڙائي ڇڏيوَ نه؟ ادي تون ئي ٻڌاءِ ته اها ڪا اهڙي ڳالهه هئي ڇا ناراض ٿيڻ واري؟ منهنجي ٻنهي هٿن ۾ سامان هئو. چادر ته هئي پر مٿي تان سرڪي وئي، سامان کڻان يا چادر سنڀاليان؟ ۽ ڏک ته ان ڳالهه جو ٿو ٿئي جو ڀاءُ کي چادر مٿي تي نه ڏسي غيرت اچي پئي؟ ۽ وچ مارڪيٽ مان ٻنهي هٿن ۾ ڀينرن کي ٿيلها کڻي ويندو ڏسي غيرت نه پئي اچيس. جڏهن مان اها ڳالهه امان کي ڪئي ته مون کي امان چوڻ لڳي ته تنهنجو مٿو گهڻو خراب پيو ٿيندو وڃي ۽ گهڻي زبان هلائڻ لڳي آهين. ادهين توکان ان ڪري ڪاوڙيل آهي جو تنهنجي مڱيندي جو فون آيو هئو ۽ تو ساڻس ڳالهايو هئو. ادي هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇاڪريان؟ مان سمجهان ٿي ته اسان پراڻي دور جا ناهيون جو ايترو قدامت پرست ٿي رهون ۽ مان جڏهن ٻاهر جاب ڪريان ٿي ٻاهرين مردن سان اٿڻو ويهڻو پوي ٿو. ڳالهائڻو پوي ٿو. اتي جيڪڏهن پنهنجي ٿيڻ واري زندگيءَ جي ساٿيءَ سان فون تي ڳالهايم ته ڪهڙو گناهه ٿي پيو؟ مون کيس سمجهايو ته هاڻي تون ائين ڪر جو وڃ پنهنجي مڱيندي کي به آرام سان سمجهاءِ ۽ ڪوشش ڪري هن سان غير ضروري ڪچهريون فون تي نه ڪر، ڇاڪاڻ ته گهڻو ۽ غير ضروري ڳالهائڻ نه رڳو هاڻي تنهنجي مائٽن کي خراب لڳندو بلڪه تنهنجي مڱيندي جي نظر ۾ تنهنجي شخصيت جو اميج به صحيح ٺهي نه سگهندو. تون ڪوشش ڪري اهڙي وقت ان سان ڳالهاءِ جڏهن سامهون تنهنجو ڀاءُ نه هجي. ڇاڪاڻ ته ان رشتي ۾ ۽ ٻين رشتن ۾ فرق ئي حجاب جو ٿئي ٿو پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته تون چوريءَ ڳالهائين! تنهنجي ڀاءُ کي اها خبر هئڻ کپي ته تون پنهنجي مڱيندي سان ڳالهائيندي آهين، پر تون پنهنجي ڀاءُ جي سامهون حجاب جو پردو رکي هن جي ڀاءُ واري رشتي کي مان ڏئي سگهين ٿي. تون بي فڪر ٿي گهر وڃ ۽ مان تنهنجيءَ امڙ کي سمجهائينديس ته هوءَ تنهنجي ڀاءُ کي به اعتماد ۾ وٺي ۽ کيس سمجهائي ته جيئن ته تنهنجي ڀيڻ مردن سان گڏ ڪم ڪري ٿي ۽ ڪو به پردو نه ٿي ڪري بلڪه تمام بردباريءَ سان پنهنجا ۽ گهر جا ڪيترائي معاملا پنهنجي سر تي کنيو ويٺي آهي، اهڙيءَ صورتحال ۾ جيڪڏهن هن کي مڱيندي کان پردو ڪرايو وڃي ته اها انتهائي بي بنياد ڳالهه ٿيندي، پر مسئلو پوءِ به اهو ئي رهندو ته تنهنجو ڀاءُ آهي خر دماغ ويتر ابتو نه سمجهي! پوءِ به مان ڪوشش ڪنديس ته تنهنجيءَ ماءُ کي قائل ڪري سگهان ته هوءَ پنهنجي پٽ کي اهي سڀ ڳالهيون سمجهائي. اهڙي قسم جون ڳالهيون ٻڌي هوءَ ڪجهه مطمئن نظر اچي رهي هئي ۽ نيٺ آسرا دلاسا ڏئي مان کيس گهر اماڻي ڇڏيو. ڪم ڪار لاهي پوءِ مان سندن گهر ويس ته جيئن سندس ماءُ کي سمجهائي سگهان پر هوءَ ابتو مونکي سمجهائڻ لڳي ته ادي ڏس نه هي ته چنڊيون ڇوريون وڃي پنهنجن گهرن جون ٿينديون مون کي ته سڄي زندگي پٽن سان گذارڻو آهي نه؟ مان ڪيئن ٿي کين غلط چئي سگهان. ٻي ڳالهه ته مون کي اهو قطئي پسند نه آهي ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پاڻ ۾ شاديءَ کان پهريان ڳالهائن. هيءَ وڏي آهي هيءَ جيئن ڪندي تيئن ننڍيون به ڪنديون ۽ پوءِ مان ڪاڏي وينديس؟ آخر ته ڀائر ئي هنن جا وارث آهن نه؟ ڏنگا آهن، سمجهن ئي نه ٿا. هي ته پنج سڄيون آهن. منهنجا پٽ ته ڇڙا ٻه (2) آهن؟ مان سندن دل نه ٿي رنجائي سگهان. مان نااميد ٿي واپس ورڻ جي پئي ڪئي ته جواد آيو چيائين ادي ٿورو ڪمپيوٽر ته ڏسي ڏيو، ڪا خرابي ٿي پئي اٿس. الائي ڇو پروگرام بيهجي ويو آهي ۽ انٽرنيٽ به نه ٿي هلي. جواد سميرا جو اهو ڀاءُ آهي، جنهن سميرا کي رئي نه پائڻ تي سامان نه کڻايو هو. مان وڃي ڪمپيوٽر ٽيبل آڏو رکيل ڪُرسيءَ تي ويٺس. هڪ ننڍڙي خرابي هئي سافٽ ويئر جي صحيح ڪري ڪمپيوٽر کي ري سيٽ ڪيم. ڪجهه گهڙين کانپوءِ ڪمپيوٽر صحيح ڪم ڪرڻ لڳو. هڪڙو پروگرام هلائي مان جواد کي سمجهائڻ لڳس ته پروگرام ۾ اهڙي خرابي ٿئي ته اها ڪيئن ختم ڪبي آهي. اهو ڪمپيوٽر صرف جواد جي استعمال ۾ هئو ٻئي ڪنهن وٽ به ان جي چاٻي نه هئي. سو مان جواد کي سافٽ ويئر جي خرابيءَ متعلق پئي ٻڌايو. منهنجي پٺ ڪمپيوٽر ڏانهن هُئي ۽ جواد جي سامهون ڪمپيوٽر هئو. اوچتو سندس چهري جو رنگ ڦڪو ٿي ويو. سندس هٿ ڪي بورڊ تي پهچي نه پئي سگهيو. مان حيران ٿي جيئن ئي ڪمپيوٽر ڏانهن منهن ورايو ته ڏٺم اسڪرين سيور ۾ رڪاڊ ٿيل پروگرام هلڻ شروع ڪري ڏنو هئو، جنهن ۾ هڪ اڌ اگهاڙي انگريزياڻيءَ جي تصوير هئي لاشعوري طور منهنجو هٿ اسپيس بار تي لڳي ويو ۽ تصوير ته غائب ٿي وئي پر جواد جو ڪنڌ جهڪي ويو. مون کي ايتري ته ڪاوڙ آئي جو دل چيو ته ڀرسان ويٺل ماڻس ۽ ڀيڻس جي سامهون پڇانس ته تون ڪمپيوٽر ان لاءِ سکيو آهين؟ جديد ٽيڪنالاجيءَ مان تو اهو فائدو ورتو آهي. 18 سالن جو الهڙ ڇوڪرو جنهن کي دنيا جي خبر نه آهي پاڻ کان وڏين ڀينرن سان غيرت جي آڙ ۾ بدتميزيون ڪري ٿو ۽ پنهنجا افعال اهڙا جو ڪمپيوٽر گهر ۾ رکي اهو سڀ ٿو ڏسي؟ پر مون کيس ڪجهه به نه چيو. ان ڪري جو سندس ڀينرون ۽ ماءُ به اتي ويٺل هئي ۽ اسڪرين سيور واري تصوير هنن به ڏٺي هئي. در ٽپندي مهل مان پاڻ روڪي نه سگهيم، نيٺ کائنس هڪ سوال پڇي ورتم. ڀيڻ جي مٿي تان سرڪيل رئو ڏسي طيش ۾ ايندڙ ڀاءُ جي بغل ۾ اڌ اگهاڙي انگريزياڻيءَ جي تصوير؟ ادا غيرتي! ڀينرن کي تون ڪهڙيءَ نظر ۽ جذبي سان ٿو ڏسين؟