پنهنجي پاران
ڪيڏي نه عجب ۾ وجهندڙ حالت آهي انسان جي.... خير سان سندس جھان سڀ رنگ ۽ سروپ کان انسان آشنا ٿيو ۽ پوءِ هو پاڻ کي پاڻ مان ڳولهڻ جو تمنائي پڻ ٿيو. سندس وجود جي جهلڪ مٽيءَ مان نه پر سندس وجود جي حصي مان جوڙي وئي جنھن تي ڪنھن جو متفق هجڻ ضروري نه آهي. ڇاڪاڻ جو اهو بعد جو مسئلو آهي. اڳيان جو ٿيڻو هو سو ٿي چڪو هو، خير اشرف المخلوقات جي لقب سان نوازيل هي انسان شروع شروع ۾ ته پاڻ کي پنھنجي دنيا سان هڪجھڙو ٿيڻ لاءِ پنھنجي شعوري سگهه کي اڀارڻ لاءِ، ان کي ڪڏهن قدرت جي نماءَ ۽ لقائن تي ڇڏيندو ته ڪڏهن پاڻ سان ڳالهائيندي، ووڙيندي ۽ جهيڙيندي گذران ۾ جنبجي ويو.
سونھن ۽ فطرت جي حسين رنگن ۽ لقائن سان آڌرڀاءُ ڪيو هو ۽ هڪ دلڪشيءَ جا سندس وجود مان ٺاهي وئي سان سندس پاڇو بڻجي ساٿ ڏئي رهي هئي. پر وقت جي ظالم وهڪري ۾ هلي اهي ٻئي هڪٻئي لاءِ ڪڏهن پيار ته ڪڏهن پوڄا، ڪڏهن وجود ته ڪڏهن آتما، ڪڏهن ڪل ڪائنات جي سونھن ته ڪڏهن لڇمي ۽ مايا ۽ پوءِ ڇايا ته ڪڏهن آشا ته ڪڏهن وبا، بلا، ڪروڌ بڻجي پئي. اها ڪا ٻي نه پر اهو عورت جو وجود جو دنيا جي مھا ساگر ۾ پنھنجي ساگر هٿان ڪڏهن ٻُڏندو، جُهرندو ۽ جيئندو رهيو آهي.
جھانن جي ڪل جڳ جي تاريخ جا ورق هڪ سِٽَ ۾ ڪڏهن به بيان نه ٿا ٿي سگهن. جڳن کان انسان تاريخ ۾ الميا، حادثا ۽ وبائون هن سان گڏوگڏ رهنديون آيون آهن ۽ ”عورت“ باوجود ان جي پھريون عنصر آهي. سنسار جي جنت ۾ ظلم سھڻ ۽ وفا ڪري ان جي وجود کي بچائڻ ئي سندس پھرين ۽ آخري ڪامنا (خواهش) رهي آهي.
جُڳن کان هوءَ انهيءَ جنگ ۾ پنھنجي سچيتائيءَ جي ڪردار کي نڀائي پئي پر سندس وجود ڪنھن قيديءَ کان گهٽ جو ناهي. هوءَ سنسار ۽ مرد جي زينت ۽ سونھن هئڻ جي بجاءِ سندس قيدياڻي، باندياڻي، ڪنيز، زرخريد وجود آهي. سو هي تاريخ جي ستم ظريفي جو بيان ئي نه آهي پر اڄ جي سڌريل سماج جي منھن تي سواليه نشان ضرور آهي ته ڇا عورت جنھن وجود مان ٺاهي وئي اهو ته ”انسان“ آهي ”اشرف المخلوقات“ آهي پر ”عورت“ ڪجهه به نه آهي. عورت ڪائنات جو حسين راز آهي ۽ هن سونھن ڀري سنسار جي سونھن آهي. هن ڪتاب جي ڪھاڻين ۾ اسان اڄوڪي دؤر ۾ ٿيندڙ ڪجهه ظلمن ۽ وارتائن جو ذڪر اوهان تائين پڄايو آهي. اسان جي سنڌ جي حالت دنيا جي ٻين خطن ۽ علائقن کان مختلف آهي. سنڌ پنھنجي حسناڪين ۾ بيحد بينظير آهي، سندس اوائلي رخن ۾ هن ”سنڌياڻي“ عورت جي حالت زار اڄوڪي نه هئي، پر اڄ جي سنڌ جي عورت پنھنجي بقا لاءِ پنھنجي وجود کي ڳولي رهي آهي. سندس ڳولا جاري رهندي جيستائين کيس منزل ملي ۽ هوءَ پنھنجي منزل کي پُڄي. پر منزل تي رَسائيءَ لاءِ اوهان کي ۽ سندس پاڻ جھڙي سرتيءَ کي به پاڻ موکڻو پوندو ته جيئن اڄ جي سنڌي عورت، سنڌ جي نياڻي، ڌرتيءَ جو قرض لاهي ۽ پنھنجي وجود سان، پنھنجي دنيا کي انڊلٺي رنگ ارپي ۽ پنھنجي جيءَ کي ڪمزور، هيڻو، لاچار ۽ بويس ۽ باندي نه بلڪه هڪ آزاد وجود جي اڏام هڻي سگهي جتي سنڌوءَ جي جل جا سڀ رنگ هن جا ساڻي بڻجي سمبارا کي ”ساهه ڏين“ ته جيئن هوءَ سنڌ ۽ سارنگ سان سکائتي ٿي سنڌڙيءَ جو سينگار بڻجي سگهي.
هيءَ ڪٿا ان عورت جي درد ڪٿا آهي، جنھن صدين تائين ڀوڳيو آهي، هيءُ ڪتاب ان ڀوڳنا جو عڪس آهي.
ڪتاب جي ڏس ۾ انهن سڀني مھربانن جا ٿورا جن هيءُ ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پھچائڻ ۾ ساٿ به ڏنو ۽ سھڪار به ڪيو. انهن ۾ خاص ٿورا عيسى ميمڻ جا، جنھن پورهيا ڪري، ڪتاب کي بھتر کان بھتر ڪرڻ ۾ ڪوششون ڪيون ته ٻئي طرف ڪتاب کي شايع ڪرائي، اوهان تائين پڄايو. ان کان پوءِ سائين مدد علي سنڌيءَ جا به لک ٿورا جنھن ڪتاب جو زبردست مھاڳ لکيو. ڊاڪٽر عابد مظھر ۽ نثار سولنگيءَ جا اڻ ڳڻيا احسان، جن ڪتاب تي پنھنجي راءِ ڏني. مصور منگيءَ جا به ٿورا جنھن ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ٺاهي ڏنو.
وڌيڪ اوهان جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
ڊاڪٽر آمنه سومرو
لاڙڪاڻو