ڪھاڻيون

عورت ۽ احساس

ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.
Title Cover of book عورت ۽ احساس

نه وسرندڙ سارَ

پيار امرت آ .... اهو ئي ”امرت“ جڏهن جدائيءَ ۾ بدلجي ته زهر بڻجي پئي ٿو پر ان پيار جي امرت پيئڻ اصل موکيءَ ۽ متارن وارو قصو بڻجي پئي ٿو. زندگيءَ ۾ پرهه ۽ سونھن به اهڙي واٽ مان گذريون هيون، سندن جيون بھار مان رڻ بڻجڻ وارو هو. پر انسان کي جيون جي بھارن ۾ اهو پتو ئي نه پوندو آهي ڪيئن نه ننڍپڻ جون سندر ساعتون اسان کان پل ۾ وڇڙي هميشه ننڍپڻ جون يادگيريون، حسرتون ۽ آهون ڏئي وينديون آهن، پر وقت، ها ها وقت جتي سماج جي ظلم جو منصف بڻجي پوندو آهي. اتي ئي اهو وقت وڇوڙي جا ڏهاڳ ۽ انسان جي مٽجڻ جو وارو به جلد آڻيندو آهي ۽ اهڙي ئي وقت مان گذرڻ واريون هيون پرهه ۽ سونھن. سندن اسڪول کان ڪاليج تائين دوستي رهي. هو ٻئي بيحد نفيس، ذهين ۽ پياريون ڇوڪريون هيون، سندن دوستيءَ جا مثال ڏنا ويندا هئا. پرهه صبح جي پھرين ٿڌڙي روشني مثل هئي ۽ سونھن ته هئي ئي وينس، جيڪا سونھن جي ديوي آهي.
پرهه جي پڙهائيءَ دوران سندس شادي ۽ سونھن جي زندگي المين ۽ حادثن جو ڪُن بڻجي پيئي جنھن مان آسانيءَ سان گذري وڃڻ هنن ٻنهي لاءِ وڏو مشڪل مرحلو هو. پرهه ۽ سونھن ٻارهين ڪلاس پاس آئوٽ ڪرڻ شرط ئي سندن نتيجو وڄ بڻجي ڪريو ۽ هنن ٻنهي کي پھريون ڀيرو زندگيءَ پنھنجو اصل رنگ ڏيکاري رهي هئي ته وڇوڙا به ڪي زندگيءَ جا ٿيندا آهن، زندگي صرف ٻاروتڻ کان نوجوانيءَ تائين جي، ٻالڪپڻ کان نازن سان پلجڻ، ذهانت ۽ صرف پيار جو نالو نه آهي. پر اها زندگي ئي آهي ۽ اهو وقت ئي آهي جيڪو اسان کي الميا، حادثا، وڇوڙا، مٽجڻ، بھتر ۽ ابتڙ ٿي حالتون ارپي ٿو ۽ انسان کي زندگيءَ جي وزن جي خبر پوي ٿي. سونھن، ڏاهپ جو ڀنڊار هئي. سندس سونھن وينس ديوي جيان هئي. پر.... ايندڙ وقت پرهه کان به وڌيڪ سندس ڏاهي دوست سونھن ۽ سندس وجود لاءِ ٽريجڊي آڻي رهيو هو.....!؟ پر جتان شروعات ٿي هئي، اهي مشڪل گهڙيون سھڻ نه صرف مشڪل پر مصيبت بڻجي پيون هيون. ٻارهين درجي جي نتيجي انهن کان دوستي جھڙو پاڪ ۽ اعلى رشتو کسي ورتو هو. اهي ٻئي حيرت جي احساسن ۾ هڪجھڙين ڪيفيتن ۾ مبتلا هيون ۽ پنھنجي اندر نراسائي هڪٻئي تائين پڄائي رهيون. اچانڪ سونھن سندس هٿ تي هٿ رکي چيو هو،”ڪو مسئلو نه آهي پرهه؟“.
”مان تنھنجي سليڪشن تي تمام گهڻو خوش آهيان ۽ پوءِ به اسان ٻئي گڏ هونديون سين.“ پرهه خاموش رهي! ۽ پوءِ جڏهن اهي هليون ته انهن جا پير پاڻهي نه ڄاڻ ڪلارڪ آفيس ۽ ڪاريڊور ۽ پوءِ لان ڏانھن هلندا رهين. سندن مارڪ شيٽون کين پنھنجي پنھنجي هٿن ۾ هيون. پرهه جون مارڪون اي ڪلاس جون ٽاپ مارڪون هيون، جڏهن ته سونھن هن کان ٻن مارڪن تان گهٽ هئي.
هوءَ بنهه خاموش هئي ۽ سونھن اهڙي خاموش هئي ۽ سونھن جي اهڙي خاموشي ڪنھن جي به پسند نه آهي، سندس پنھنجي به نه. هوءَ اهڙي خاموش جنھن ۾ ٻه انسان هڪ ٻئي کان الڳ هجن، انهن کي اداس ڪري وجهندي آهي ته پوءِ ڪيئن هوءَ پنھنجي هڪڙي سھيلي کي ايڏي گنڀيرتا ڏسي سنگهندين تنھن ڪري سونھن تسلي وارو حصو ادا ڪندي، پنھنجي اداس پرهه کي چيو،”پرهه ان ۾ اداس ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي، تون ۽ مان هر چيز کي منھن ڏيئي سگهون ٿا، پنھنجن همتن ۽ حوصلن سان.“ پرهه چيو ”سونھن اسان ٻئي هڪٻئي کان سوا ڪيئن رهي سگهنديون سين؟“
”مان توکي اڪيلو نه ٿي ڪري سگهان؟ اسان ٻنهي جي هڪٻئي سوا ڪنھن ٻئي سان دوستي به نه آهي ۽ توکي مان ڪيئن اڪيلو ڪريان؟ مون کان نه پڄندو ۽ تون ٻڌاءِ تون مون کان سواءِ ڪيئن رهي سگهندينءَ، تون ته مون کي ئي پنھنجي دوست مڃيندي آهين ۽ صرف مون کي ....“
سونھن اداس ٿيندي ”پرهه اسان جي گهر ۾ ٽيليفون آهي ته اسان جو پاڻ ۾ رابطو رهي سگهندو، تون بس خوشيءَ خوشيءَ سان ميڊيڪل ڪاليج ڏانھن اچڻ جي تياري ڪر. اها تنھنجي مون تي مھرباني ٿيندي. پرهه مان توکي خوش ۽ ڪامياب ڏسڻ گهران ٿي.“
پرهه چيو، ”ڏسجانءِ سونھن اسان ٻئي هڪٻئي کان جدا ٿي ڪٿي اڪيليون نه ٿي وڃون.... ۽ خاص طور ”تون“ سونھن هون .... ائين ٿي سگهي ٿو؟ پرهه ائين به ٿي سگهي ٿو. دنيا ممڪنات جو نانءُ آهي..... پر پوءِ مون کي تنھنجي خوشيءَ لاءِ ۽ تنھنجي سھڻي مستقبل لاءِ اهو سڀڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو ۽ شايد تون به ساڳين ڪينٽين ۾ رهين ..... ۽ شروع ۾ ميڊيڪل ڪاليج تو لاءِ نئون هجي پر پاڻ کي آهستي آهستي ان ماحول ۾ ايڊجسٽ ڪري وڃجانءِ.“
اهي سندن الوداعي ملاقات جا آخري جملا هئا، جنھن کانپوءِ بھرطور ”هنن“ کي پنھنجي پنھنجي زندگيءَ جي رستن تي هلڻو هو. سونھن جي گريجوئيشن جي ڪلاسن جو آغاز نه ٿيو هو پر پرهه ميڊيڪل جي شاگردياڻي بڻجي، پنھنجي والدين سان گڏ وڃي پنھنجي داخلا جي طريقه ڪار کي وڌايو ۽ هڪ نئين وک جيڪا عزم ۽ مستقبل سان ڀرپور هئي ڏانھن وڌي ان کي پنھنجو ڪيو ۽ مستقبل ۾ صرف ۽ صرف بھترين ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواب کي سامھون رکيو.
انسان جي سمورن رشتن ۽ دعوائن کي وقت پرکي اسان کي اها پرک ڏيندو آهي جو اسان پوءِ .... سمجهندا آهيون.... ته کليل۽ بند اکين جا سمورا خواب اجايا هوندا آهن.
چوندا آهن ”جو چلهه تي سو دل تي“ وقت جي دوري ڏاڍائي بڻجي اهي وٿيون پيدا ڪندي آهي جيڪي پھريان عذاب، ايذاءَ، پيڙا ۽ پوءِ ڪڏهن به نه ڀرجڻ جا گهاوَ بڻجي پوندا آهن.
پرهه پنھنجي گهر ۾ صبح جي ٿڌڙي هير مثل هئي ته سونھن ته هئي ئي وينس. سونھن، عقل ۽ ڏاهپ جي ديوي هئي. سونھن ۽ پرهه جا گهراڻا روايت پسند گهراڻا هئا پر انهن ٻنهي گهرن جو ناهي گوهر ماڻڪ موتين جيان هيون.
هنن ٻنهي کي نه صرف ٻنهي روايتن سان پيار هو پر ان سان گڏوگڏ هو ٻئي جدت کي پڻ پسند ڪنديون هيون. سندن ارڏائپ جو ويجهو سايو انهن تي اچڻ وارو هو ۽ انهن ٻنهي کي پنھنجي پنھنجي خيالن روايتن ۽ جدت سان گڏ کڻي هلڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو هو، جنھن کان دنيا اڻ واقف هئي.
پر سونھن کي ڪجهه ڪجهه ڄاڻ پئجي رهي هئي. بھرحال هو وقت سان گڏ ڪڏهن سھانجڙيءَ جي ڇانوَ، ڪڏهن نم جي ڇانوَ، بيد مشڪ جھڙي نزاڪت، کان پپل جي جي ڇانوَ جھڙين روايتن مطابق بڻجي پيون ۽ زندگيءَ جي تيش کان پنھنجن کي ۽ پاڻ بچائڻ جي ڪيائون. پرهه ان سلسلي پنھنجي والدين جي چوڻ تي شادي، تعليم ۽ ٻارن جي صورت قرباني ۾ ڏئي، آخرڪار ذات جي قيدي وهڪري ۽ خواهشن، جي پورائي ڪئي ۽ پنھنجي ماءُ جي اسٽيٽس تي ٻه ڀرا قربان ٿي. اسٽيٽس جي ڇانوَ کي سڀڪجهه ڄاتو ۽ پنھنجي اوائلي زندگيءَ اديس رشتن ۽ سڀ کان وڌيڪ سونھن کان پري هلي وئي. جڏهن ته سونھن زندگيءَ جي ڌرتـتين کي منھن ڏئي ٿي، ايستائين جو هوءَ سڳنڌ ۽ سرهاڻ، گلاب، موتيو، رابيل ۽ سوسن، مگرو ۽ مارح بڻجي پئي ٿي پوءِ به دردن جا درياءَ سمنڊ بڻجي پون ٿا.
پرهه جي شادي ميڊيڪل جي چوٿين سال ۾ ٿي ۽ سونھن اڪيلائين ۾ قلم، ڪتاب، ڌرتي ۽ سرتي سان دل لڳائي محبت لافاني جذبي جي آڌار تي مامتا کان شفقت تائين، دوستيءَ کان ويندي پيار جي جدائي ۽ ان جي معراج تائين هجر ۽ وصال جي وارداتن تائين، اڪيلائين جي رڻ کان حقيقي محبوب جي سرمستي عشق تائين پڄي ٿي.
سونھن درد جي سمنڊ ۾ غمِ جانان کان غم دوران تائين پنھنجي سفر کي ڪاٽيندي رهي ٿي، پنھنجي هر ننڍي وڏي منزل صبر سان طئي ڪري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سونھن ئي روئي ٿي، رَڙي ٿي، پوءِ به پنھنجي بنياد جي پاڙن کي نه ٿي ڇڏي. آخر سندس شمار نه صرف سونھن راڻين ۾ ٿئي ٿو پر هو ڪاميابين جا ڪجهه قدم اڳتي ڀري پنھنجي نانءَ کي پنھنجي ڌرتيءَ جي سرتين منجهه شامل ڪرائي ٿي ۽ پوءِ اڪيلايون ئي سندن رشتا، ناتا بڻجي پون ٿيون ۽ هوءَ زندگيءَ جا باقي ڏينھن زندگيءَ جي سارن ۽ ڪاميابين جي خوشين سان گذاري ٿي ۽ رشتن جي خودغرضي کي ڄاڻي پاڻ کي سوڀاري ڪري ٿي. پوئتي صرف ڀوڳنائون ۽ ڀوڳنائن جون يادون رهجي وڃن ٿيون.

**