ڪھاڻيون

عورت ۽ احساس

ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.
Title Cover of book عورت ۽ احساس

سُندرتا ۽ سونهَن

هوءَ سندرتا جو حسين مجسمو هئي ۽ سندس محبوب به ڪوهڪاف جو شھزادو هو، ٻنهي جي جوڙي خوب لڳي ها. جي ٻنهي جي دل لڳي ها.... پر هي ته قصو ئي اُلٽو هو. زندگي به ڪيڏي نه عجيب آهي، اسان سان ڪيڏا ڪيڏا نه کيڏَ کيڏندي آهي. ساهه جي هر تنتي چرپر تي ڪنھن کي پنھنجو رکجي !! ”نتيجو- بي نتيجو“
هي جھان جنھن کي اسان سڀڪجهه سمجهي ويٺا آهيون، اصل ۾ ڪجهه به نه آهي. زندگيءَ جو اچڻ ۽ وڃڻ جو سلسلو جاري رهندو. زندگي ۽ فطرت جون سڀ خوبصورتيون ۽ رعنائيون، دک ۽ سک، سندس وجود ڪڏهن درد ته ڪڏهن پيار پِڻو. ڪڏهن هِجر فراق ته ڪڏهن سُرور بڻجي، ياد بڻجي ڏنگيندو رهيو ۽ نيٺ انسان جي ازل جي ڀل جي خطا وري سامھون ٿي ۽ هوءَ هن جي محبت سندس لاءِ امتحان بڻجي پئي ۽ ان مرد لاءِ ”هوءَ هڪ ڀُلَ“ بڻجي پئي.
سونھن جا پاڇا جهڪا ٿيا، درد جا دؤر وڌي پيا، سِڪَ ۽ اُڪيرَ- تَنَ ۾ تؤنر جا درياءَ وهي پيا پر سندس محبت کي ان جو ڪوبه فرق نه پيو. هوءَ درد جي ايذائن ۾ جلندي رهي، لڇندي پڇندي رهي، پر ڪا سارَ نه هئي جيڪا هن کي ساري.
مرد جي محبت ايئن بدلي جو موسم به مٽجڻ ۾ دير لڳائيندي آهي. هو هن جي زندگيءَ ۾ هوندي ساڳئي شھر ۾ رهندي اوچتو غائب ٿي ويو. سڀ نينھن جا نياپا، سڀ پارپتا، روح جا سڀ قسم بيسود بڻيا. اڳيان اهڙي ڳجهارت سامھون جو نه ڀڄڻ جي هئي ۽ نه ئي سَلِڻَ جي. ساهه کي سارَ جي ڳڻتي ڳاراڻو ڏئي ڇڏيو ۽ هوءَ ازل جي پياسي، پنھنجي محبت جي دنيا ۾ دنيا وارن کان هارائي وئي، جنھن پنھنجي ”الف“ جي ڊائري ۾ ”نه“ سان انڪار ڪڏهن به نه رکيو. اها اندر ئي اندر پچي ڀور ڀور ٿي رهي هئي. پر ڪوئي نه هو جنھن هو درد جو داستان ٻڌائي پنھنجي سور کي هلڪو ڪري. ڪوئي نه هو جنھن کي نياپو ۽ سنديس ڏئي سگهي ۽ سڀ هن وٽ بي بسي هئي، ڳڻتي ۽ سندس محبوب جو آخري تحفو بي وفائي. بي وفائي ۽ وفا جيئن ته ماڻهو مٽجي ٿو، اندر ئي اندر ۾ جنگ ڪري ڪري هاڻي هو ساڻي ٿي پئي هئي. ڪڏهن به سندس محبوب کي هن تي رحم نه آيو، جو هو ”مرد“ هو. مرد سان محبت بيڪار آهي.
هن جھان ۾ محبت ڪرڻ بيڪار آهي، هوءَ اڪيلائين جي زندگيءَ جي ور چڙهي وئي. بس هن سان ملڻ ۽ جدا ٿيڻ تائين جي پوري فلم ان جي اکين ۽ اندر ۾ هلندي رهندي هئي. سندس دل ۽ من اڄ به سندس ياد جا ڏيئا ٻاريندو رهندو آهي.
محبت ڇا آهي، ڪيئن آهي ۽ ڇو آهي؟ ان جا سڀ جواب هن کي ملي ويا ۽ پوءِ هوءَ ”قالو بلى“ جي انهيءَ واعدي ڏانھن وڌي جتي سندس نفسي بدن ۾ قيد روح کي اڃا به ڪجهه ياد ڪرڻو ۽ ڪيئن ڪرڻو ۽ ڪين تي ڪرڻو، ٻئي فيصلا تمام ڏکين حالتن جي سامھون اچڻ کان پوءِ سمجهيائين.
جڏهن هن پيار جي سمورن رشتن سان محبت ڪئي هن ڄاتو سڀ ڪجهه وقتي طور تي جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ انساني محبت جا ڪل رشتا جزوقتي آهن. بس جڏهن محبت ڀريو دائمي نقش چٽيندو انسان، پنھنجي اڻپورتا کان پورنتا تائين پڄندو يا وري زندگيءَ جي آويءَ ۾ پچي راس ٿي ڪنھن نه ڪنھن نينھن سان ملاقات ڪندو. وڇوڙا ۽ ميلاپ، ڄمڻ ۽ مرڻ سڀڪجهه ايئن ئي هلندو رهندو جيستائين هو پاڻ چاهيندو رهندو، ڪوئي به نه، سونھن ۽ سندرتا به اڻ مٽ رهندو، پوءِ ڪوئي منزل تي پڄندو، ڪوئي منزل تي پڄڻ کان اڳ ئي ٿڪجي پوندو.
بس هن جي آکاڻي به ڪجهه اهڙي ئي روح جي محبت هئي جيڪا غرض جي دنيا کان گهڻو پري هجي ٿي، اتي پڄڻ لاءِ اکين ۾ وسيل ان عڪس جي ڇاڄي جي ڳولا، پنھنجي اڌ جي ڳولا لاءِ هوءَ محبت جي آويءَ ۾ پچي ۽ پوءِ پنھنجي انت کان بي خبر هن اهو سفر شرع ڪيو. قالوبلى جي ڪيل واعدي تائين پڄڻ لاءِ ۽ منطقي انجام تائين تڏهن پھچي ٿي جڏهن اهي سڀ پيار ۽ محبتون توهان کان ڇڏائجي وڃي وري ڪو ٻيو روپ وٺن ٿيون، تڏهن توهان کي واپسيءَ جو رستو کليل رکڻ گهرجي، جتي اوهان ان سان ”قالو بلى“ جو واعدو ڪيو هو. جتي اچي محبت عشق جي روپ ۾ دوام بڻجي پئي ٿي، عشق ۽ حسن ٻئي لافاني بڻجي پوندا آهن. پر عشق جي منزل ايتري سؤلي ۽ سھنجي ڪونهي. اها سچل جي ان شعرن وانگر بلڪل اهڙيءَ ريت پرڪشا ڪري ٿي جو انسان جا سمورا ڪباب بڻجي پون يا وري ڇڻيل اَن وانگر ان کي محنت مان گذاري ان جو ذرو ذرو الڳ ڪري وري ملايو وڃي ته پوءِ ”قالو بلى“ جو واعدو پورو ڪري سگهجي ٿو ۽ ان پل ڳالهه هڪ ڀيرو ٻيھر ياد ڪري سگهجي ٿي.
پـيار جي هر روپ ۾ هوءَ دردوندي ديس کي هارَ ئي هئي ۽ ڪيڏي ۽ ڪھڙي نه جنگ وڙهڻي پئي هيس. هن جھان ۾ فطرتي ۽ انساني راز صرف ۽ صرف امتحان ۽ آزمائش کانسواءِ ڪجهه نه آهن، اسان انهيءَ گهاڻي ۾ پيڙهبا پيا ٿا رهون ۽ پوءِ پنھنجي پنھنجي منزل تي پڄون ٿا. هتي هئا ويچار ان جا جيڪا سونھن، سندرتا ۽ سوچن ۾ ورتل هئي، هن پنھنجو سفر ان تنھائين جي قيد مان شروع ڪيو هو. نه ڄاڻ هوءَ ڪھڙي منزل جي مسافر هئي، جنھن تائين هن کي پڄڻو هو يا صرف ڪن کي منزل تائين رسائڻ جو وسيلو هئي. هوءَ ڇا به ۽ ڪيئن به هئي پر محبت جي ڪُنَ ۾ ڦاٿل هئي. جتي هن جي روح ۾ ”قالو بلى“ جو واعدو وساري نفس جي دنيا ۾ اجنبي بڻجي سندس وجود جي دنيا ۾ اجنبي بڻجي پئي سندس وجود طئي ٿيل مقام ڏانھن راهي هو. هوءَ جڏهن پيدا ٿي هئي پنھنجي امڙ جي بدن مان، چون ٿا، جڏهن ان کي ٻڌايو ويو ته تمام تڪليف کانپوءِ اڃا به وڌيڪ ويجهن کي گهرائڻ جي التجا ڪئي وئي هئي. سندس پيءُ وٽ ۽ هن کي سنديس اماڻيو ويو هو ته ٻنهي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ پوءِ نيٺ ته هن سورن جي سرزمين تي هن کي روئندي اچڻو پيو، جيئن هرڪو آيو آهي. پر هوءَ روئندي نه آئي هئي، پر ماٺ ۾ هئي. خاموشيءَ ۾ هئي. سندس ڀوريون ۽ ڳريون وڏيون اکيون، گول منھن ۽ صحتمند جسم ۽ چپن جي مرڪ ڏسي گهر جي مڙني ڀاتين جا سمورا درد لھي ويا. جڏهن ”الله اڪبر“ جي صدا بلند ٿي، جڏهن آذان ڏني وئي ٻن پھرن جي ته هوءَ پنھنجي وجود سان اچي نڪتي هڪ ڪکائين گهر جي منَھن ۾ جتي سندس امڙ جا سور پنھنجي ٻچي کي ڏسندي لھي ويا.
ڏاڏي امان هن کي ڏسي سرهي ٿيندي چيو، ”هو بھو پنھنجي ناني جي مثل، هاڻي اها به اسان کان ڏاج وٺندي، زندگيءَ جون حسناڪيون ڪيتريون نه دل لڀائيندڙ هونديون آهن. ڪائنات جي مالڪ ڪيڏا نه رنگ ۽ روپ جوڙيا آهن. انهن ۾ ڪيڏي نه سندرتا ۽ سونھَن آهي.
رشتا جن ۾ پيار آ .... امن، احساس ۽ سرور آهي.
ڪيف آهي، مستي ۽ موج آهي، محبت ۽ عشق آهي، ڪيئن نه لازوال آهي. پر ڇا واقعي اهو سڀڪجهه آهي به صحيح يا ڪوئي خواب آهي.
يا ڪائي حقيقت آهي.
يا ڪائي درستگي آهي.
يا ڪائي دنيا الڳ هئي.
هيءَ ان جي بي يقيني آهي .....
بلڪل آهي ..... جيئن يقين ٿئي.

**