سُگھَـڙ
مائي سمجهدار هئڻ سان گڏ ڪنھن قدر جواني ۾ خوش شڪل پڻ هئي، نظر محمد، فضيلا جي پيءُ جي وڏي دل هئس. پنجن ٻارن منجهان فضيلا سڀن کان ننڍي، چار ڀائر وڏا هئس پر فضيلا ۽ نذر محمد جو سموريون خوشيون ڄڻ ته فضيلا هئي. سندس ناز ۽ نخري، تعليم ۽ تربيت، پيار ۾ ٻنهي وسان ڪونه گهٽايو هو. جيتوڻيڪ هو ٻين پٽن کي به تمام گهڻو ڀائيندا هئا. پر فضيلا ته سندن نياڻي هئي، سندس هر ضرورت کي پورو ڪيو ويندو هو، ماءُ سگهڙ ته ڌيءُ به سگهڙ ۽ سلڇڻي سو فضيلا کي سندس امڙ هر طرح سان سنواري سينگاري وڏو ڪيو ته اصل مائي جي مٿي ۾ اچي جونءَ پئي سو هيڏانھن نھاري هوڏانھن نھاري ته به مائي اها ئي اوک ۽ ڊوک ته بس فضيلا هاڻي وڏي ٿي وئي آهي. مان پنھنجو فرض پورو ڪيان ۽ کيس شينھن ڪلهي چاڙهيان، سماج ۾ جتي عورت کي مرد مڙس جي حيثيت ۾ سڀڪجهه ۽ سڀ گهر گهر جا گورننگ پاور ڏيندو آهي ۽ مائي جي ئي ٻڌندو آ ته مائي، بس آپي مان نڪرندي ۽ اهو ڪري ويھندي جيڪا سندس حاڪميت جي سوچ ۽ رڳ ظاهر ٿي پوندي آهي. بس پوءِ مڙس به ويچارڙو ٿي گهمندو نه ته اڳتي ماني ڳڀي لاءِ به سڪائيندس، پئسي ڏوڪڙ کان به ويندو ويچارو. دوست داڙين به پئي پڇندس ته ادا ڏسوس حال ويچاري جا اصل مائيءَ جي اڳيان ته هلي ئي ڪونه ٿي. سو نظر محمد به ڪئي بس، جيڪو ڪري فضيلا جي ماءُ ..... ۽ فضيلا جي ماءُ کي وڻي ٺاهه ٺوهه، پئسو پائي... حسب نسب يا مئي جا لشڪارا ته مان فلاڻي نسب جي آهيان..... آهي ڪو ٻيو جو اسان جھڙو جسو رکي نه ته ادي اميران ..... اهي ماڻهو وڏا ڪمينا اٿئي ..... اسان ته ادي پنھنجن کان سوا ڪٿي نه ڪيون، پنھنجا ماري به ڇانوَ ۾ اڇلائين پرايا......... سو منھنجي فضيلا ته وڏن نازن سان پالي اٿئي.
”ادي بس تون ٻيھر تڪليف نه ڪجانءِ.“ فضيلا جي ماءُ چانهه جا ٻه ڪوٽ ۽ بسڪوٽ ٽيبل تي رکندي اميران کي چيو.
اميران چيو ته، ”مائي ڪو آسرو اٿئي، تڏهن پئي ٺپ جواب ڏينم... ادي وڃي پاڻ ڄاڻ .... ڀلا ٻڌائينم ته پوءِ ڪٿي آهن تنھنجا ارادا .... “
”اميران مان ته پنھنجي فضيلا ڪو گهر کان ٻاهر ٿوروئي ڏيندس. ادي منھنجو ته هنيانءُ ڦاٽي پوندو....“
”جيئي شال..... ڪھڙي نه نماڻي آ منھنجي ڌيئڙي....“
”ها ته پوءِ مان به ته تو ڏانھن ان ڪري اهو رشتو آندو آهي... وڌيڪ تنھنجي مرضي... ادي ... ماڻهو ته هي به ڀلا هيئي ڇوڪرو پڙهيل لکيل ۽ انڪم ٽيڪس ۾ آفيسر پڻ آهي. حسب نسب ۽ چڱي پوش وارا هيا.“
”ادي نه نه اميرا! پرايا پرايا آهن.“ فضيلا جي ماءُ وراڻيو.
”ته پوءِ ڀلا کڙڪ ته ڏينم ته تنھنجي ڪٿي مت منجهي آ، آخر تون ڪٿي ڏيڻ ٿي چاهين؟“
”ادي پاڻ تائين رکجانءِ بس منھنجا ارادا اٿئي پنھنجي ماسات ڏانھن .....“
اميران ”هان ... هان چوي ڇا پئي ..... ائي ادي تون پڙهي لکيءَ جون به متيون منجهيل ته پوءِ اسان جھڙين جو ڪھڙو ڏوهه جن اسڪول ڏٺو ئي ڪونه مائي ....“
”ڀلا تنھنجي ماسات ۾ ڪھڙا سرخاب جا پـَرَ آهن، اڙي اِن جي عمر ته ڏس، پنھنجي فضيلا ته هن جي ڌيئن جي برابر آهي.....“
فضيلا جي ماءُ ”بس ادي منھنجي ماسات مُئي ماسيءَ جي نشاني اڪيلو ڇوڪرو .... ڪو نه اٿي! .... سواءِ منھنجي، سو ڪمائي به جام ٿو.... ڪاروبار ڪپڙي جو جام پيو هليس. واپار وڙوته وڌندڙ ٻيو ته پنھنجو آهي. نظر محمد کي به ڪَنَ تي هنيو اٿم. ادي هاڻي توکي خبر پئي سو ٻيلي خدا کي مڃ، ايئن نه ٿئي ته ملڪان ملڪ کڻي مشھور ڪرين.“
”ائي مائي تنھنجي آهي ڌيءُ، شي به تنھنجي- وئي آئينو ڏسي، مت کسي، سو جيئن وڻئي تيئن ڪر. اڳتي جو به سوچ، زماني جي مائي، اولاد جو به سوچ.... ڇوڪري تنھنجي پئسو ڀي ٿي پر ..... اسان جو ڇا ..... وڃي کڏ ۾ پئو .....“
ڪيترو وقت سانت ڇانئجي وڃي ٿي. هن ڄڻ ڪنھن انسان نه پر جانورن جي ڏيتي ليتي لاءِ ڳالهه پئي ڪئي.
**