غربت، جهالت ۽ بيحسي
اسان جي سماج جي جوڙجڪ جا بنياد ڪينسر جي بيماريءَ وانگر وڌي ويا آهن، سو هتي ”عورت“ مرد جي نظر ۾ انسان ته آهي ڪونه!!! باقي رهيو مرد ته ان کي ٻاهرئين ٻاڦ ملي پئي جنھن تي هو وڏا وڏا قھر ۽ ڪلور ڪري پيو. اڃا جي انگريزن جھڙا حق سمجهي وٺي پنھنجي لاءِ ته نه ڄاڻ ڇا ڇا ڪري.... خير قصو هيو اسانجي عزيز ڇوڪري، سندس سنگتياڻيءَ جو پھريان ته مان حيران ٿي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ برهم ٿيندي خديجه جنھن کي ڳوٺ وارا خُدي ڪوٺينداهئا، کانئن پڇيو ته،”آّخر توهان ٻئي ڪيڏانھن ويون هيون؟ ۽ ڪاٿئون پيون اچو؟“ سو سندس سنگتياڻي جواب ڏنو ته، ”خالا! اسان توهان ڏي ئي آيا آهيون، پر جيئن ته توهان نئون گهر ورتو آهي سو ڳوليندي ڳوليندي هاڻي پھتا آهيون. نه ته خالا اسان سوير جو تو وٽ پھچي وڃون ها.“
منھنجي ڪاوڙ منھنجي نَڪ تان لھڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي سو پوءِ به مون پاڻ تي ضبط ڪندي انهن کان پڇيو ته،”توهان ٻنهي مانجهاندو ڪيو هئو نه ته، مان توهان لاءِ ڪجهه ٺاهي وٺان.“ پوءِ مون مرغي روسٽ ڪري گيهه ۾ ٻه مانيون پچائي کين پيش ڪيون، ڇوڪريون سموري ماني کائي ويون... ته مون کي ائين لڳو غربت، جھالت ۽ بيحسي ئي اسان جي ديس جون اصل بيماريون آهن. هو ٻئي منھنجي سِڪَ ۾ هلي آيون هيون، پر منھنجي اندر ۾ جا اڻ تڻ پيدا پئي ٿئي سان اها هئي ته، جواڻ جماڻ ڇوڪريون اڪيليون ڇو هليون آهن. ڇا هنن کي ڪنھن ٻئي پاسي ته نه وڃڻو هو ....!؟.... ڪوئي هنن جو محبوب ته نه هين ساڻ .... ڇاڪاڻ ته ڪوئي ڳجهه ته نه ٿو ڏئي پوءِ ڇا ڪجي؟ بس مان اندر جي اڻ تڻ ۾ ساڻن هليس پئي. پر ڇوڪريون سمجهي ويون سو- چيائون ”خالا توهان پريشان نه ٿيو، جيڪو توهان سوچيو پيون ايئن نه آهي، بس توهان جو گهر ڏسڻ گهريو پئي، هاڻي اسان مامي مجيد وارن ڏانھن وينداسين، توهان دلجاءِ ڪريو.“
سندن پورهيت هٿن، ميرن لٽن، حسرتن ۽ ارمانن جو خون سندن اکين مان جهلڪي رهيو هو، جڏهن هنن منھنجي گهر کي گهمي ڏٺو تڏهن پنھنجي غير تعليمي يافته هجڻ جو احساس شدت سان محسوس ڪيائون، پر غربت ۽ وڏن جي ذهني جھالت تي پڻ افسوس جو اظھار ڪندي پنھنجي اٻوجهائيءَ کي تسليم ڪندي موڪلايائين. پر اهو احساس کين کائي رهيو هو ته هو غربت ۽ جھالت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل بيوس انسان آهن.
**