اندر جي روشني
”وعليڪم سلام“ جو آواز ڪجهه هڪ ڪرو مليس ٿو ۽ انهن سڀني جون نظرون ڏانھنس کڄن ٿيون ۽ پوءِ انهن مان ڪوئي هڪ هن کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چئيس ٿو. هوءَ انهيءَ ڪرسيءَ تي ويھندي پوري ڪمري جو دل ئي دل ۾ جائزو وٺڻ جي ڪري ٿي، ٿوري دير پوري ماحول تي سانت ڇانيل رهي ٿي ۽ هوءَ سنڌ جي نياڻي پنھنجي ذهن ۾ سوچيندي انهيءَ سانت کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي. ڇاڪاڻ جو اتي موجود ڪوئي به شخص ان کان اچڻ جو سبب نه ٿو معلوم ڪري. هوءَ جيئن ئي ادا چئي پنھنجو مدعو ٻڌائڻ چاهي ٿي ته انهن مان ڪوئي هڪ ساڻس ڪجهه هينئن مخاطب ٿئي ٿو.
ميڊم پليز- هڪ منٽ.
جي....!! چئي هوءَ خاموش ويٺي رهي ٿي ۽ اندر ئي اندر ۾ ذهن جي پيڙائن ۾ هوءَ سوچي ٿي، هڪ منٽ خاموشي...!!!؟ ڇا مطلب.
ڇا مون کي ايئن ئي ويٺو رهڻ گهرجي ها؟
ڇا مون کي پنھنجي مسئلي تي نه ڳالهائڻ گهرجي ها؟
ڇا مون کي ادا به نه چوڻ گهرجي ها؟
ڇا هنن جو ڪو ٻيو مقصد آهي... ڇا سرڪاري دفتر آهي ته پوءِ مطلب ماٺ جو پئسو ڏيڻ....!!!، يا اڃا ڪجهه ٻيو؟
ڇا هيتري دير کان ڏسان پئي هو فائلن جا پنا پيا اٿلائين؟ اهڙا ڪيترا سوال هن جي ذهن ۾ اڀرن پيا. احساساتي طور تي هوءَ اندران بلڪل ڪنفيوز ٿي وئي هئي. هڪ ته عورت ذات، مٿان نئين نئين بيروزگاري جو ختم ننڍڙو باب ڇا هاڻي... آسودگي اچي وئي. ڇا هتي ڪجهه ڏيڻو پوندو. هوءَ بلڪل خشڪين ۾ وٺجي وئي هئي، ڇاڪاڻ جو سندس پرس ۾ ڪجهه رپيا ئي هئا.
جيڪڏهن هن ڪجهه پئسا گهريا ته ڏيڻا ته پوندا. هوءَ پاڻ سان ڳالهائيندي رهي. گهڻا پئسا گهريائون ته واپسيءَ جو ڪرايو به نه بچندو. هون ته پوءِ ڇا ٿيو رڳو فائيل تيار ٿئي، پوءِ پنڌ هلبو. هن پنھنجي اندر تھذيب سان ڳالهايو. ٻنهي انٽرڪنيڪٽيڊ سسٽم وسيلي هڪٻئي کي دلاسو ڏنائون ۽ جڏهن اندر جي تھذيب جي مڪمل تسلي ملي وڃي ته ظاهر ۾ بھادريءَ جا اهي آثار انسان جي پيشانيءَ تي ايندا آهن جن کان دنيا جي هرباطل قوت ڊڄندي آهي. سندس انهيءَ اعتماد جي ظھور ٿيڻ سان انهن منجهان هڪ بندي هن کان سندس آرڊر گهريو، وڏي اعتماد سان مليل لفافو هُنَ کي ڏيندي هوءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهي. وڏين اکين ۽ خوبصورت انداز جي مالڪ هئي، اها سندرتا جنھن جي اندر جي تھذيب تي ڪجهه خاص دنيا جي شناسائي ٿيل آهي. انهن مان هڪ چئي ٿو، ”ميڊم اوهان اسان کي جوائننگ لکي ڏيو، ته اوهان جو آرڊر فائيل ٺاهي ڏيون ٿا.“
”پر مون کي هڪ پيپر گهرجي.“ هوءَ چوي ٿي.
”جي جي هي وٺو.“
سندرتا پنھنجي جوائننگ لکندي هنن کان ڪجهه معلومات پڻ وٺي ٿي، جتي هوءَ منجهي ٿي پئي.
جوائننگ لکندي اتي موجود ڪوئي ٻيو بندو هن کان پڇي ٿو، ”ميڊم ڪٿان جا آهيو؟ منھنجو مطلب آهي اوهان سنڌ جي ڪھڙي شھر کان آيا آهيو ۽ توهان پنھنجي شھر ۾ ئي آرڊر ڇونه ورتو؟“
هوءَ چوي ٿي، ”جي ادا! مان لاڙڪاڻي کان آئي آهيان.“
”اڇا! هن هيڏي وڏي شھر ۾ اچڻ جو مقصد؟“
”مقصد ادا، صرف اهو آهي ته وڏن شھرن ۾ اعلى تعليم جاوڌيڪ موقعا آهن ۽ دنيا هڪ هنڌ بيھي رهڻ جو نالو نه آهي. انسان کي پنھنجي وجود ۽ منزلن جي حاصلات لاءِ هڪ هنڌ کوهه جو ڏيڏر ٿي نه رهڻ گهرجي. هميشه تحرڪ ۾ رهڻ سان انسان پنھنجون ۽ پنھنجن لاءِ، ڌرتيءَ لاءِ تياري وٺون، سوچ، سمجهه، سرت ۽ ساڃاهه حاصل ڪندو آهي. هيڏا ڪشالا صرف انهيءَ ڪاڻ ڪٽيا آهن.“
قلم روڪي هن هڪ ساهيءَ ۾ ڳالهايو هئو. اهو سڀ اَنِ پلاننڊ (Un planned) ڳالهائيندي هئي، اها ئي اها وٿ هئي. جنھن تي هلڻ ڪري هوءَ ان ننڍڙي نوڪري مان ڊائريڪٽر جي عھدي تي پڳي هئي. اهڙيون ڪيتريون تڪليفون ۽ آزار هئا، مصيبتون ۽ پريشانيون هيون، بک ۽ بدحالي سان گڏ پيرين پيادل هئي، ڪوئي به ته هن جو ڪونه هئو. هوءَ اڪيلي هئي، سنڌ ڄائي، ويهين ۽ اڪيهين صدي جي سنڌ جي نياڻي سڀڪجهه سهي گهڻو ڪجهه ڏئي وئي. جيڪي ان جا خواب، سچائي، سچتائي، سرت ۽ ساڃاهه جا سبق، عملي طور پنھنجي خاندان کان وٺي پنھنجي شھر جي هر نياڻيءَ لاءِ تعليمي ۽ هنري گهر، اعتماد ۽ عزت ۽ آجپي جو درس ڏيندڙ عورت کي هڪ نئين سنڌ اڏيندڙ جي عظمتن جي ڪناري تي ڏسڻ واري هئي.
آرٽ فنون لطيفه، شاعري، ادب ۽ سياست ۽ فلفو سندس پسند جا موضوع هئا. انهن سڀني ۾ هن ايترو ڪم ڪيو جيترو چوندا آهن، جھڙو حال حبيبان تھڙو پيش پريان. آخر ۾ هوءَ زندگيءَ جا اڃا به وڌيڪ ڏکيا ڏينھن گهاري ٿي جڏهن سڀ ڪجهه سڀ ڪنھن لاءِ ڪرڻ کانپوءِ آخر ۾ انسان بلڪل بيوس ۽ لاچار ٿي پوي ٿو. تڏهن هن جي ”اڪيلائين جو ڪن“ آخر ۾ بلڪل گھرو ٿي وڃي ٿو. هوءَ پنھنجي عمر جون سڀ حدون اورانگهي آئي آدرشي هئي ان لاءِ، شايد نه پر پڪ آدرشي ۽ تھذيب وارو انسان دنيا جي هجوم ۾ اڪيلو رهجي ويندو آهي. هوءَ ڪاميابين لاءِ جوانيءَ ۾ هوءَ دعائون به گهرندي هئي ته بغير هٿ کڻي به ان سان ڳالهائيندي، اهي سڀ ڪاميابيون ته ملي ويون، پر اندر جي دنيا جي روشني به هن وٽ ججهي هئي جا ڪوملتا جي روپ ڏانھن وڃي رهي هئي پر دنيا جي ”لوڪ جا طعنا“ اڃا ختم نه ٿيا هئا، اهي ڳالهيون اڃا وڌي ويون هيون، جيتوڻيڪ انهيءَ دنيا جي ڪاڻ هِن اڪيلو رهڻ پسند ڪيو هو. پر دنيا ته پنھنجي نقطه نظر تي هلندي آهي. ان کي ڪٿي پتو پوندو آهي ته طنز جا تير جڏهن ڪنھن تي تاڻيا ويندا آهن ته اتي ڪيترا زخم ٿي پوندا آهن، وڏي ڳالهه ته اهي زخم پيا رسبا آهن ۽ زندگي ختم ٿي ويندي آهي.
**