چار سهيليون
هڪ ڏينھن چارئي سھيليون ڪاليج جي لان ۾ ويٺي ڳالهيون ڪري رهيون هيون، ٻارهين ڪلاس جو امتحان اچڻ وارو هو ۽ رانيا اهي ئي خوابن ۽ خيالن ۾ رهڻ واري آئيڊيلسٽ (Idealist) ڇوڪري هئي پر... مرڪ .... ادب ۽ فلسفي، آرٽ تي ڳالهائڻ واري هئي ته رانيا وري سائنس ۽ ٽيڪنيڪل حوالن سان پنھنجي سڃاڻپ رکندي هئي. هوءَ ادب ۽ شاعري جھڙيون تحقيقي ڳالهيون ۽ ڳجهارتون ڏيندي هئي ته هوءَ ڪلاس جي سائنس سبجيڪٽ ۽ مئٿ ۾ سٺا نمبر کڻندي هئي.
رانيا جيڪا پاڻ سونھن جي اڻمٽ نقش هئي، سندس صورت ۽ سيرت، ڪردار ۽ نفاست ۾ هن کي ڪاليج جون ٽيچرز کان ويندي شاگردياڻيون ۽ سھيليون پنھنجو آئيڊيل سمجهنديون هيون.
رانيا تصورات جي دنيا سان گڏ ڏکن جي پاسي کي ڪجهه گهڻو محسوس ڪندي هئي. هوءَ پنھنجن کان رتيءَ برابر رُسڻ جي سگهه نه ساريندي هئي. هوءَ بيحد پيار ڪندڙ ۽ پيار ڏيندڙ رانيا هئي. بلڪل ايئن جيئن ”سڄو سون“.
هوءَ پيار جي دنيا جي راڻي هئي، سندس زندگي آخر انهيءَ تي End ٿي ۽ هوءَ پيار جا سڀ ورق ڪائنات جي ازلي سچ سان ملائي پاڻ کي امر بڻائي هتان هلي وئي ۽ اتي وڃي پھتي جتي نيچر هن جي روح ۽ جسم کي آزاد ڇڏيو آهي.
انٽر جي امتحان کان پوءِ رانيا ۽ سندس سھيليون هاڻي صرف فون تي ڳالهائي سگهنديون هيون. پر پاڻ ۾ ملي نه سگهنديون هيون. سِڪَ ۽ اُڪيرَ جو اظھار ڪري هو پنھنجي پنھنجي گهر ڀاتين جو خيال رکندي هئي. بس انهن جي لاءِ ايترو ئي ڪافي هو ته ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي سان ٽيليفونڪ گفتگو ڪري سگهن.
رانيا سڄو ڏينھن پنھنجو پاڻ کي ڪتابن ۾ مصروف رکندي هئي يا ٽي وي ڏسڻ ۾ يا وري وڏين ڀينرن کان هٿ جو ڀرت ۽ سلائي ڪرڻ پڻ. جڏهن ته سيما گهر ۾ اڪيلي هئي، هن جي پوري فئملي ڊاڪٽر هئي تنھنڪري هن کي گهر ۾ اڪيلائي ئي ملي هئي، جڏهن ته رانيا سڀني ڀائر ۽ ڀينرن ۾ ننڍي هئي، سندس ڀائر نوڪريءَ ۾ ۽ ڀينر وڏيون هيون.
رانيا پنھنجي گهر ۽ سيما پنھنجي گهر ۾ لاڏليون هيون. پر سمجهداري ٻنهي جو شيوو هئي. هو ٻئي ڪڏهن به اهڙيون ٻاراڻيون حرڪتون نه ڪنديون جنھن سان سندن پيءُ ماءُ جي دل ڏکي. پر هو ٻئي پنھنجي پنھنجي خاندان جو ساهه هيون. سندن سڀاءَ ۾ ايتري طاقت هئي جو بغير ملاقات جي هڪٻئي جي گهر ڀاتين کي سڃاڻنديون هيون ۽ اهي سڀ هڪٻئي سان غائبانه پيار ڪندا هئا.
امتحانن کان رزلٽ تائين چار کان پنجن مھينن جي عرصي ۾ آخر هو ٻئي ڇا ڪن نيٺ ٽيليفون تي اهو فيصلو ڪيائون ته سيما ڪمپيوٽر ٽرينر جوائن ڪندي ۽ رانيا به گهر وارن سان ڳالهائيندي ۽ اهو فيصلو رانيا جو هئو ...!!
ڇاڪاڻ جو سيما گهر ۾ بور ٿي رهي هئي، اڪيلائي هن کي سڄو ڏينھن کائيندي هئي، ٻيو ته هن جي پلاننگ ميڊيڪل جي وڏي فرصت کان بچڻ پڻ هو، جنھن کان هوءَ ڊنل ۽ خائف رهندي هئي ۽ شديد نفرت ڪندي هئي. هوءَ چوندي هئي،
”ڊيئر رانيا! مون کي ڊاڪٽر اصل نه وڻندا اٿئي. ممي پاپا ڊاڪٽر، ڀيڻ ڀاءُ ڊاڪٽر. حد ته اها آهي جو ڀاڄائي به ڊاڪٽر، انهن سڀني وٽ مون لئه وقت ئي ڪونهي ۽ آءٌ، ماسي ڪم واري ۽ پورو گهر سانءِ سانءِ ڪندو آهي.“
رانيا،”تون به ڊاڪٽرياڻي ٿجانءِ.“
”مون کي ڊاڪٽر نه وڻندا آهن-I hate medical field “
رانيا سندس ڳالهه ٻڌي چپن تي هميشه واري مسڪراهٽ آڻيندي سوچيندي چيو،”ائين ته ٿيندو پر اسان جي Parents جي خواهش اسان جي خواهشن کي هميشه مات ڏئي ڇڏيندي آهي....!!“
**