پرسنٽيج (Percentage)
چاچا سارنگ جو اهو هڪ يا ته روز پيو ايندو هيس يا وري مھينن ۾ به ڪونه ڏسندا هئاسين. سندس نالو هو ”سورهيه“ اسان سڀ ان کي به چاچا ئي ڪوٺيندا هئاسين پر هو اسان ٻارن کي ايترو مچلو نه ڪندو هو. پر سندن ٻنهي جي دوستي هئي لازوال ڏسڻ ۾ ئي ايندو هيو ته پر هوندي به هنن جي هڪٻئي سوا سري ئي نه ٿي ۽ شايد دنيا ۾ ٻيو ڪوبه هنن کي سمجهڻ لاءِ رشتو شايد نه مليو هجي. تنھنڪري ئي هو هڪٻئي جا دوست بڻجي ويا هئا. پر خير اسان ته هئاسين پنھنجي راند جي ميڙ ۾ ڪجهه ڳالهائي، راند کيڏي وري هڪ ٽنگ تي ٽپا ڏيندا گهر ڀڄندا هئاسين. امان جي ڊڄ کان ۽ بابا جي اچڻ کان.
چاچا سورهيه هميشه خاموش رهندو هو ۽ چاچا سارنگ وري کل مک انسان هو. اسان جڏهن به ڪجهه سٺو پچائيندا هئاسين ته مان انهن لاءِ امان کان پليٽ ٺھرائي چاچا سارنگ ڏانھن ضرور کڻي ويندي هئس. چاچا سارنگ سورهيه سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو.
هڪ ڀيري چاچا سارنگ مون کي ٻڌايو هو ته سورهيه منھنجي ننڍپڻ جو دوست آهي. منھنجي ذهن ۾ سندن اڪيلائي متعلق سوال ته گهڻا هئا پر آءٌ گهڻي ڀاڱي اهي پڇڻ کان لنوائيندي هئس. ڇاڪاڻ جو چاچا سارنگ جي گهر ۾ رڳو اڪيلائي هئي. پر چاچا سارنگ کان هڪڙو انگل مون به ڪيو هو، جي چاچا سورهيه اوهان جو دوست آهي ۽ ٻيو ڪوبه نه آهي ته چاچا سارنگ مان ......!!!؟؟؟
کلندي چيائين، ”اڙي بابا تون به منھنجي ننڍڙي.... پياري دوست آهين.... پريت تون تمام گهڻي صدوري آهين ۽ ذهين پڻ، تون پنھنجي چاچا جو ڪيڏو نه خيال رکندي آهين ۽هونءَ به نياڻي نماڻي هوندي آهي...... پريت ڌيءَ منھنجي جيڪڏهن ڪا اولاد هجي ها ته مان خدا کان تو جھڙي نياڻي گهران ها. جي چاچا.... پر مان آهيان نه اوهان جي اولاد وانگيان.“
”ها... ڇونه ڌيءُ“
ايتري ۾ دروازو کڙڪيو، مونکي هن ۾ ٿانوَ ڏئي چاچا سارنگ جيئن ئي دروازو کوليو .... ته سامھون وارو ماڻهو ٻيو نه پر .... چاچا سورهيه هو ....
چاچا سارنگ ”سورهيه تون .... اچ اچ .....“
ان ڏينھن چاچا سرويچ تمام پريشان ۽ هاءِ گهوڙا ڪندو گهر اندر داخل ٿيو. سندس غصي ڪري چھرو به لال هيس. مان ته پاسي تي بيٺي ڏسندي رهيس.
ورانڊي ۾ هڪ کٽ پيل هوندي هئي. ان تي ويھندي چاچا سورهيه پنھنجي چپن ۾ ڀڻڪيو....
”انسان..... انسان .... ماڻهو .... خبر نه آهي!؟ ڇا ٿيو آهي، ڪھڙو واءُ گهليو آهي؟ اڄوڪي انسان کي“ چئي... ڪنڌ هيٺ ڪري ٻئي هٿ منھن تي ڏئي ويٺو رهيو. هوڏانھن مان ۽ چاچا سارنگ ٻئي صفا هڪاٻڪا ٿي وياسون پر مان ته اڃا به وڌيڪ ويس پئي پاڻ کي ڀت ۾ هڻندي. ڇو جو چاچا سورهيه جي اسان ٻارن سان ته پئي ئي ڪونه. ڄاڻڻ گهريم پر ٻنهي چاچن جي حالت کان واقفيت به ضروري هئي. نيٺ چاچا سارنگ پاڻيءَ جو گلاس پنھنجي ٽيبل جي سائيڊ سان رکيل ڪولر مان ڀري سورهيه چاچا کي ڏيندي چيو. سورهيه اچي هي پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ ڀر۽ سامت ۾ اچي ٻڌاءِ يار ٿيو ڇا آهي؟“
چاچا سورهيه گلاس وٺندي پاڻيءَ جا اهي ٻه ڍڪ پي ڪجهه سامت ۾ آيو. بس يار ڪجهه نه آهي، بس اڄوڪي وقت جي ۽ انسانن جي خبر ڪونه ٿي پئي. اهو ڀلا اڄ انسان تي قھري نظر آهي تنھنجي، يار! ڪوئي وظيفو مليو اٿئي اڄوڪي انسان کي انسان ڪرڻ جو.“
”نه يار، اهڙوته ڪو سلسلو نه آهي...... سارنگ!
بس ڳالهه هي آهي ته اڄ صاحب وڏي ڏي ويو هئس، پو اول ته ملڻ سان سڃاتائين ڪونه. پر وڏيءَ ڪوشش سان جڏهن پار پتا ڏنم تڏهن وڃي سڃاتائين پنھنجو ذات ڀائي هجڻ تي به مٺيان لڳي ويس. پوءِ خبر اٿئي ڇا چيائين.
”پيارا آهين ته پنھنجو ذات ڀائي ۽ ڳوٺائي، هاڻي يار توسان ڪھڙا ليکا ڪجن، پر ٻيلي تنھنجي هن آرڊر ۾ ڪا اهڙي چڪ آهي، تنھنجو ڪم ته کـڻي ٿي ويندو پر يار اڄڪلهه هلي پئي ”پرسنٽيج“ جو دؤر، سو بس خيال ڪجانءِ اسان به تنھنجا پنھنجا آهيون.“
سورهيه وڌيڪ چيو، ”يار سارنگ! هڪ هٿ خالي، کيسي ۾ لڀي ٽڪو ڪونه، سرڪاري نوڪري ملي آهي، پر ادا اڄ جي انسان جو واهپو ۽ واسطو اٿئي ”مايا“ سان.
چاچا سارنگ چيس ته، ”توکي اڄ خبر پئي آهي.“
”ها يار... مون کي ته اڄ خبر پئي آهي... مان ته خيالن جي دنيا ۾ رهڻ وارو ماڻهو آهيان، منھنجي اڏام ڪجهه مٿي هئي، اڄ زمين تي هيٺ لھي آيو آهيان.“
”خبر اٿئي سارنگ هو جيئن جيئن منھنجي ئي ڪم لاءِ مون آڏو پنھنجي استدعا رکي رهيو هو، مون کي ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ ته هو ٺھيل ئي نوٽن جو آهي، ڄڻ کائڻ ۾ به نوٽ ڳھندو آهي، سو يار ”پرسنٽيج“ وڏي شيءِ اٿئي.“
”اها منھنجي دوست کي اڄ خبر پئي آهي ۽ اهو سڀ حقيقت ۾ هجڻ باوجود تون چوندي ته تون زمين تي موجود نه آهين.“
”Be practical Surhia“ ۽ پرسنٽيج واري ڳالهه هن جي دماغ کي چڪرائي ڇڏيو هو. مون کي انسانيت جي پرسنٽيج ديوارن مان ڳالهائڻ لڳي هئي.
**