پاتال
جڏهن عورت چانئٺ ٽپندي آهي ته پوءِ تنھن ڏينھن کان ٿيندا فيصلا، رک مولا تي، اصل پيءُ ماءُ، ڀينر ڀائر گهٽ ڪونه ڪندا. باقي رهي سھي ڪسر ٻنهي جا مائٽ اڳتي هلي گڏ پوريون ڪندا. چوندا آهن ته،”مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو.“ سو شينھن ڪلهي چاڙهڻ وارو مرد، جنھن تي چڙهي اهو به مرد، جنھن لاءِ اڳتي جيئندي سو وري ٿيندس پٽ، جنھن آندو اٿس ڪشالا ڪاٽي اهو سھرو. هاڻي ٻه منھپ ڦاٿي.
پٽ يعني مرد هاڻي نه رهيو ابي جو ۽ نه امڙ جو، اهي پيرن تي هٿ رکڻ به وسري ويس. هاڻي ماءُ جو ٿيءُ يا زال جو. هو به اهڙو وائڙو ٿي بيھي ٿو جھڙو شاديءَ جي خفت مھل هيو. پوءِ بس سائين ڇا ٿا پڇو؟
”ڪٿي ڍور سڃيا، ڪٿي چور سڃيا“ واري ڪارِ به ٿئي ته ڪٿي ٻئي اٻوجهه جو ناٽڪ ڪري پيا گاڏي کي گھليندا ويندا. روز ڏاند گاڏي مان جهاڙ جي چڙهڻ جي ڪري. ”اڙي ڇورا مارَ پوئي، ماڻهين اهو سيکاريو اٿئي!“ جي ڏاڏر ڪندڙ، پنھنجي ئي ابي امان جو ظلم.
”پيار ڄاڻي ٿي ڪرائي“ پنھنجي ڌيءُ جي سڱ جي ڳڻتي ڪرڻ وارو مرد.
”اڙي سُکان ٻُڌين پئي، ابو امڙ به ويٺي وارو وڃائي......“
”هائو هائو! ٻُڌم .... رات ياد پيا اٿئي، ائي ماريا ڪھڙن پورن ۾ آهين، ننڊ ته ڪرڻ ڏي.“
”ڪڏهن نه سھجانءِ سک ......“
”بلي ..... اصل بس پڻهين وٽ ته هندورن ۾ پئي لڏندي هئي، منھنجي ابي امان جو ٻڌي ته بس ننڊون ٿيون ڦِٽَني.“
”ٻيو نه ته هي ڪا مھل آ، انهن کي ياد ڪرڻ جي.“
”ڇو؟ ڪونه آ مھل، ماري پَوَئي،هاڻي ٺهيو گهڻو بڪ نه ... صبح ٿئي ته کڻي قرآن بخشرايون، ته من نه من ڪو ڇوٽڪارو ٿين.“
”مار.... توسان ته ڳالهائڻ ئي اجايو آ.“
”مون کي چِٽو ياد آهي، ماسي ڦاپل وارن جڏهن پنھنجي پوٽن جي سنت جو سڏ ڏنو هو، اسان شھري ماڻهو، ڳوٺاڻن جي پھرين ريت ۾ شريڪ ٿي هئس پر اڃا تائين نه وسرندي آهي......“
”اها ريت، اها ڀت برادري، اتي ڪھڙا ڪھڙا لقاءَ ڏٺا هئا.... هڪٻئي جي هٿ رت، ٻني ۽ گهر جي ڀت تان ڪيئن جهيڙي ۾ جهٽجي ويا هئا. ديڳيون ۽ مانيون سڪي رهيون هيون پر سڀني پاڻ کي غلام گردش جي پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.“
**