ڪھاڻيون

عورت ۽ احساس

ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.
Title Cover of book عورت ۽ احساس

مـُرڪـَ

هوءَ پنھنجي انٽرويوءَ ۾ ناڪام ٿي هئي، ناڪامي، جنھن کان هوءَ شديد نفرت ڪندي هئي. هوءَ دنيا ۾ هر رنگ ۽ روپ ۾ چاهت جي علَم کي هٿ ۾ رکندي هئي ۽ دنيا کي خوش دليءَ سان چاهيندي هئي. پر جڏهن ناڪام بڻبي هئي ته سندس اندرَ ۾ هڪ لاوو پيو ٻرندو هو.... جنھن ۾ هوءَ پئي سڙندي ۽ جلندي هئي، پر مرڪ تي مک نه ويندي هئس، جيئن جيئن هوءَ زندگيءَ جي سورن کي پيئندي هئي، تيئن تيئن هڪ لازوال طاقت حاصل ڪندي هئي. پر اهي ماڻهو، اهي حالتون، اها جڳهه ۽ رويا هوءَ ڪڏهن نه وساريندي هئي.
هوءَ هئي اهڙي سوڀياون، حسين جنھن کي پنھنجي ديس سان محبت هئي، جنھن کي درد هو پنھنجن جو، جنھن کي درد هو پاڻ لاءِ نه پر نا انصافين تي. هن جو نالو مرڪ هو، هوءَ پنھنجي ڪم سان محبت ڪندي هئي، هوءَ هر ڪم محبت سان ڪندي هئي، هوءَ پنھنجي پروفيشن کي عبادت سمجهندي هئي ڇاڪاڻ جو سندس پروفيشن پيغمبري پيشو هو. تڏهن ئي ته سندس ڏنل پيپر جا سوال کٽڻا ئي نه هئا. شايد قدرت هن کان اڃا به وڏا ڪم وٺڻ چاهي پئي! سندس ناڪام واپس موٽڻ تي ڪوئي سندس همدرد، ته ڪوئي پرپٺ طنز ۽ منھن تي ڦڪي مرڪ سجائي کوڙ سارين دلجائين سان هن سان ملي رهيا هئا ۽ هوءَ هئي جو اندران اچي ڀرپور ٿي پئي سندس سماج جو تاڃي پيٽو اهڙو اُڻجي ويو آهي جنھن جو ڪو جواب نه آهي! پر هوءَ همت هارڻ وارن مان ڪٿي هئي.
هر تنقيد ۽ تنقيدي روين تي هوءَ ڳوڙهي ويچار سان ٻڌندي هئي. سچي دل سان مڃي پنھنجي غلطين ۽ اوڻاين کي سڌارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي هئي. پر زندگي جي مس هٿ کان نڪرڻ ۽ آدرشي هجڻ جي فطرت جتي ڪجهه هن کي ڏئي رهي هئي ته اتي گهڻو ڪجهه هن کان کسي به رهي هئي. مرڪ سماج جي ڪوڙهه ورتل روين ۾ زندگي گذاري رهي هئي جتي آدرشي ۽ سچو هجڻ سڀ کان وڏو ڏوهه آهي. جتي سماج جي تبديلي صليب تي چڙهڻ برابر آهي، جتي حق ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڏک آهي، اتي هوءَ ڪجهه وڏن مقصدن ۾ اڳڀري ٿيڻ بجاءِ پوئتي ڌڪجي رهي هئي. هن ۾ ڪي به ڇڪتاڻ جون ڳالهيون نه هيون پر جڏهن به هوءَ ڳالهائيندي هئي، ان کي اعتراض جوڳو (ڪنٽراڊڪٽِو) سمجهيو ويندو هو. پر هوءَ جيڪو ڪجهه هئي ان ۾ الاهيائي فلسفا، سائنسي کوجنائون، فلسفو، پريت ۽ پريتم، غريب ۽ لاچاري، همدرديون ان جي پٺيان پيار جو سوڳنڌ، انهن سڀني خوبين باوجود سندس همدرد ۽ خيرخواهه هن کي سمجهائڻ ۽ پرچائڻ دلاسا ڏيڻ جا شوقين ماڻهو ظاهر ٿي پيا.توکي ڪڏهن به سبجيڪٽِو نه پر آبجيڪٽِو هجڻ گهرجي، تنھنجي سائيڪالاجي جا آرٽيڪل ڇپيل هجن ها ته تون ئي حقدار هئينءَ وغيره وغيره. پر هوءَ ته سڀڪجهه ڄاڻندي هئي، پاڻ کي به ۽ ٻين کي به مرڪ ذهني طور مٿاهين ۽ بلندين واري سوچ رکندڙ هئي. پر جيئن فطرت ۾ ڪجهه شيون هونديون آهن، هو ته جيتري مرڪ هئي اوترو هئي سارنگ، ائين وسائيندي جيئن قدرت هن جي اکين ۾ ۽ روح ۾ ”درد“ جا ڪڪر وسڻ لاءِ ڪجهه سيل ڏنا هجن ۽ هوءَ روئي پئي. پنھنجي ناڪاميءَ تي، پنھنجي درد تي، پنھنجي ڏکن تي ۽ سڀ کان وڌ هوءَ انهيءَ ناڪاميءَ تي ته سندس سماج بدلاءَ لاءِ تيار نه هو. هر منزل تي پڄڻ ته سولو ڪم نه آهي، پر زندگيءَ جي محاذ واري جنگ تي ڪوبه محاذ کليل نه ڇڏيو آهي. هوءِ سڀ ڄاڻندي به خاموش بت بڻجي رهي هئي، جنھن کي شيون وري وري ورجاءَ سان اچي رهيون هيون، ڪنھن چيو هيو ته، عورت جي ڪاميابيءَ پٺيان عورت هجڻ ڪافي آهي ۽ پوءِ پنھنجو پاڻ تي ڪنٽرول رکي نه سگهي.... ۽ چيائين ايئن نه آهي؟! توهان ته وڏي واڪ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهيو، اسان کي چڱي ريت اها ڄاڻ آهي ته مرد عورت جي چونڊ ڪرڻ، سيوا ڪرڻ ۾،پيار ڪرڻ ۾ پنھنجو پاڻ کي حق تي ۽ ان يقين کي رد عمل سمجهي پاڻ کي آجو سمجهندا آهن.
جيڪڏهن ڪابه عورت ڪامياب ٿئي به ٿي تڏهن به اوهان سڀ انهن کي انهيءَ ڳڻپ ۾ شمار ڪري سندس ڪٿ هڪ شو پيس واري رکندا آهيو. توهان مرد ائين ڇو ڪيو ٿا؟ ٺيڪ آ مون کي ناڪامي ٿي ته ڇا ٿيو.... پر منھنجي جڳهه تي آيل به عورت ئي آهي، ۽ مون کي هر عورت لاءِ احترام آهي. ڀل اها مونکان ذهانت جي اسٽيٽس ۽ محنت ۾، سونھن ۾ وڌيڪ هجي يا گهٽ .
مرد ”ميڊم توهان صحيح فرمايو، پر عورت جي وڪالت ڪرڻ ۾ توهان ڪجهه حقيقت کان پاسيرا ٿي رهيا آهيو.“
مرڪ ”ڪو مسئلو نه آهي، مان ايئن نه ٿي سمجهان ۽ منھنجي ائپروچ ڪريل نه آهي. معاشري جا اڏيندڙ اسين سڀ ٻين جي ڪاميابيءَ کي انهيءَ ليکي ۾ آڻينداسين ته پوءِ عام ماڻهو-انسان ڪڏهن بڻبو، اسان سڀ پنھنجي معاشرتي اصلاح وقت ۽ ماحول، دنيا جي مطابق ڪيئن ڪنداسين. اوهان ايئن سمجهو ته ڄڻ مون ئي کٽيو آهي، ڇاڪاڻ جو مان سرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جو سوڳنڌ آهيان جيڪا ڏکن ۽ پيڙائن منجهه به مرڪندي آهي، جيڪا ”مرڪ“ آهي.
**