ڪھاڻيون

عورت ۽ احساس

ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.
Title Cover of book عورت ۽ احساس

مهاڳ

ڪھاڻي/آکاڻي، جو سلسلو انسان سان گڏوگڏ هلندو پيو اچي، داستان گو/آکاڻي وغيره يا ڪٿا ان دؤر جون ڳالهيون آهن، جڏهن انسان، اڃا هن ڪائنات ۾ نئون نئون هو. سندس چؤگرد آسمان پکڙيل هو، تارا، چنڊ، سج، هوا، پاڻي، پکي، اونداهي، سوجهرو، رات ڏينھن ۽ صبح و شام هن لاءِ اچرج ۾ وجهندڙ هئا. رات جو جڏهن ڪائنات تي اونداهيءَ جو راڄ پنھنجا پر پکيڙيندو اچي، ويھندو هو، ۽ آسمان تي هزارين ستارا جڳمڳ جڳمڳ ڪندا هئا، اسان تي پنھنجي اسرار جا نت نوان تجلا ڏيندا هئا ۽ اماس راتيون، جڏهن چانڊوڪيءَ ۾ تبديل ٿي وينديون هيون ۽ آڪاس تي ڪي پکي ولر ڪيو اڏامندا هئا ته انسان باهه جا مچ ٻاري، ڪٿا/داستان ٻڌندا هئا. داستان گو ڪھاڻي-ڪٿا ۽ ڪائي داستان ٻڌائيندڙ ماڻهن کي پنھنجي ڳالهه جي اثرات ۾ گم ڪري ڇڏيندا هئا، ان وقت به آکاڻي موجود هئي. وقت ان گڏ، ڪھاڻي/ ڪٿا ۽ داستان ٻڌائڻ جو طريقو به ايئن بدليو، جيئن انسان ترقيءَ جون ڪيئي منزلون ماڻيندو اڳتي آيو آهي.
سنڌ ۾ ڪھاڻيءَ جي تاريخ، يا ائين کڻي چئجي ته جديد ڪھاڻيءَ جي تاريخ ڪا ايتري پراڻي ڪونهي، بلڪه اهو وقت هڪ صديءَ جو آهي. هڪ صدي لنگهي ويئي آهي، موجوده جديد ڪھاڻي جي بنياد کي. اهو سال 1914ع جو آهي، جڏهن لالچند امر ڏني مل ”حُرمَکيءَ جا“ ان کانپوءِ سنڌي ڪھاڻي جو سلسلو هلندڙ آهي.
ورهاڱي کانپوءِ، سنڌ ۾ سنڌي نينگرين سنڌي ادب ۾ پير پاتا. ماهتاب محبوب، ثميره زرين، سنڌي ادب جون اولين ڪھاڻيڪار آهن. ان کانپوءِ سلسلو وڌندڙ آهي. لاڙڪاڻي جي تاريخي علائقي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر آمنه سومرو، بنيادي طور تي شاعره آهي ۽ خير سان پي ايڇ.ڊي به ڪئي اٿس. ساڳئي وقت لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۾ پڙهائي به ٿي. علم ۽ ادب سان شوق شروع کان اٿس. انهيءَ ڪري ئي پاڻ، مشھور سنڌي ڪھاڻيڪار محترم انيس انصاريءَ جي فن ۽ فڪر تي تحقيق ڪري، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ.ڊي ڪري، پنھنجي جداگانه حيثيت مڃرائي اٿس. شابس هجيس جو تدريس سان گڏوگڏ پنھنجي ٻوليءَ سان موهه به جاري رکيون پئي اچي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪھاڻين جي ميدان ۾ پڻ طبع آزمائي جو سلسلو جاري رکيو پئي اچي.
هن ڪھاڻين جي ڪتاب ”عورت ۽ احساس“ ۾ سندس ڪھاڻيون شامل آهن، ڪھاڻين جو موضوع عورت ئي اٿس. هن جون لکيل ڪھاڻيون هروڀرو طويل ڪونهن، بلڪه اهي شارت اسٽوريز آهن. بھرحال کيس ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ اڃا گهڻو پڙهڻو پوندو، جو ڪھاڻي، هڪ وڏو فن آهي، جيڪا عبارت ۽ موضوع جي حساب سان پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ گهرجي. هن جي ڪھاڻين جو موضوع ته طويل آهي، پر ٻڌائڻ يعني بيان ڪرڻ جو سلسلو بنهه مختصر آهي. ڄڻ ڳالهه وڏي، پر اها بيان ٿيل بلڪل مختصر آهي.
”نه وسرندڙ سار“ ليکڪه جي هن ڪتاب ۾ پھرين ڪھاڻي آهي، اها پرهه جي ڪھاڻي آهي، جنھن جي پڙهڻ دوران ئي مائٽ شادي ٿا ڪرائي ڇڏين ۽ هي ڪھاڻي ٻن ساهيڙين جي آهي. ليکڪه ڪوشش ڪري سونھن جي احساسن کي ويھي چٽيو آهي.
سندس ڪھاڻي ”سگهڙ“ هڪ ڇوڪري فضيلا جو مختصر داستان آهي، اصل ۾ اڄ به سنڌ اندر، نياڻين جي شاديءَ لاءِ هرهڪ ماءُ وٽ خواب ۽ اميدون هونديون آهن، پر اجائي ضد ۽ هوڏِ انهن خوابن کي برباد ڪري ڇڏيندي آهي. پراڻا رسم و رواج ۽ تعليم جو فقدان انهن مڙني بيمارين جو ڪارڻ آهن، جيڪي اسان جي سنڌي سماج ۾ صدين کان پيون هلنديون اچن.
سندس هڪ ٻي مختصر ڪھاڻي ”پتلي نما زال“، سنجها نالي ڇوڪري ۽ شعيب جي پيار جو مختصر داستان آهن پر شاديءَ کانپوءِ حسب معمول، شعيب به بدلجي، عام مرد ٿي پوي ٿو ۽ پنھنجي محبوبا، جنھن سان هن وهانءُ ڪيو هو، عام رواجي گهرواريءَ جي حيثيت ٿو ڏيئي ڇڏي. هي آهي ته مختصر ڪھاڻي پر هن ننڍڙي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ مڪمل ڪھاڻي موجود آهي. خبر ناهي ڇو ليکڪه، ننڍڙي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ وڏي داستان کي سموهي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پڙهندڙ اڃا به وڌيڪ پڙهڻ گهري ٿو.
ڪھاڻي ”حاصلات“ به حسن آرا جي حياتيءَ جو داستان آهي، جيڪا پڙهي به نٿي ۽ آخرڪار هن جا مائٽ سندس شادي سندس سؤٽ سان ڪري ٿا ڇڏين، جيڪا پڻ پوءِ ائين عام رواجي عورت جي روپ ۾ مومل کي گڏجي ٿي. پر اها به ”ميل شاؤنزم“ جو شڪار ٿي سندس آڏو آهي. محسوس ائين ٿو ٿئي ته ليکڪه هن سماج ۾ مرد طرفان عورت سان ٿيندڙ اڍنگي ورتاءَ جي خلاف آهي ۽ هن اهڙا ڪيترائي مثال ڏنا آهن، جو سندس ڪھاڻين ۾ مرد کي ظلم ڪندڙ ڏيکاريو ويو آهي.
”پرسنٽيج“ ڪھاڻي هڪ مرد جي آهي، جنھن کي نوڪري نه ملي آهي، پر جڏهن هو نوڪريءَ جو آرڊر کڻي صاحب وٽ وڃي ٿو، ته اهو شخص هن جو دوست هو، صاحب کانئس پرسنٽيج طلب ڪري ٿو ۽ اهو مسئلو به اسانجي ڊهندڙ سماج جو جزو بڻجي ويو آهي.
”سوچ“ ڪھاڻي نماڻي نالي ڇوڪريءَ جي آهي، ڳوٺ جي ماحول ۾ رهندڙ پر پوءِ اتان لڏي پرڏيهه وڃي، پنھنجي ديس جي ماڻهن کي نٿي وساري ۽ ورهين بعد پنھنجي وطن موٽي اچي، پنھنجي ڳوٺ وڃي ٿي، ۽ اتي نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول کولڻ جو عزم ڪري ٿي.
اهڙيءَ ريت ليکڪه جون ٻيون ڪھاڻيون مختصر آهن جن وڌيڪ تفصيل ڏيڻ، يا انهن تي تبصرو ڪري، پڙهندڙن جو وقت ضايع نٿو ڪريان. وڌيڪ پڙهندڙ ئي فيصلو ڪندا ته ليکڪه، پنھنجي ڪھاڻين ۾ جيڪي داستان بيان ڪيا آهن انهن مٿس ڪيترو اثر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته فيصلو ڪندڙ ته پڙهندڙ ئي هوندو آهي.
ليکڪه جي ڪھاڻين جي هن ڪتاب ۾ سندس چئن سٽن واري هيءَ عبارت ”ياد“ ڏاڍي اثرانگيز آهي، جيڪا آءٌ پڙهندڙن سان شيئر ٿو ڪريان ؛
”زندگي جو اهو نه وسرندڙ باب هوندو آهي جيڪو ڪڏهن به نه وسرندو آهي، انسان ترقيءَ جي ڪيترن ئي ڏاڪن تي ڇونه پھچي وڃي، پر هن وٽ هڪ نه هڪ شبِ غم ضرور هجي ٿو.“
۽ سچ به اهو ئي آهي ته انسان جي زندگي ڏکن، سکن ۽ غمن سان ڀريل آهي. پر انهن ڏکن جي لمحن کي ڪھاڻيءَ جو روپ ڏيڻ، ڏکيو فن آهي. پر هڪ ليکڪ، اهو ڏکيو ڪم سرانجام ضرور ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته هر ليکڪ، حساس دل هوندو آهي، ۽ اهو زندگيءَ جي هر پل، ۽ هر ڳالهه کي ڏاڍي ويجهڙائپ ۽ دوربينيءَ جھڙي نگاهه سان ڏسي ٿو.
لاڙڪاڻو، خود هڪ تاريخي علائقو آهي، هزارين سالن جي پراڻي سنڌي تھذيب جو مرڪز رهيو آهي. هزارين سالن کان اتي سنڌو درياءُ وهندو پيو اچي ۽ ان جي ڪناري تي وسندڙ ماڻهو به صدين اهو اتھاسڪ ۽ قديم ورثو پاڻ سان نسل در نسل سانڍيندو پيو اچي. ڊاڪٽر آمنه سومرو صاحبه پاڻ شاعري به ڪري ٿي ۽ ڪيتري وقت کان سنڌي ادب سان سلهاڙيل آهي. سندس ڪھاڻين جو هي پھريون مجموعو آهي. اميد اٿم ته لائق پڙهندڙ سندس همت افزائي ڪندا ته جيئن هوءَ صاحبه اڳتي به سنڌي ادب سان پنھنجو موهه جاري رکي سگهي.
منھنجي کيس به گذارش آهي ته هوءَ سنڌي ادب جي ڪھاڻي کيتر جو مطالعو جاري رکندي اچي، ته جيئن کيس ماضيءَ جي بھترين ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون پڙهڻ جو موقعو حاصل ٿي سگهي.
اميد ته هوءَ پنھنجي ادبي ذوق ۽ شوق کي آئنده به جاري رکندي. ساڳئي وت تحقيق جي شعبي سان به پنھنجو تعلق جاري رکندي، ته جيئن اسان کي سندس پي ايڇ.ڊي ڪيل ٿيسز جو مطالعو حاصل ٿي سگهي.


مدد علي سنڌي
ڪلفٽن ڪراچي.