ڪھاڻيون

عورت ۽ احساس

ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.
Title Cover of book عورت ۽ احساس

ٿـڌا سـاهَه

زهرى اسڪول ۾ اسان کان سينئر هئي. هوءَ ۽ اسان سڀ سھيليون ٿورو گهڻو اسڪول ۾ سلام دعا ڪنديون هيون سين پر جڏهن هوءَ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ پھتي ته اسان به هن لاءِ سِڪي پونديون هيوسين. سندس مزاحيه طبيعت ۽ سڀن سان ميل جول مان ڪٿي به ايئن نه لڳندو هو ته هوءَ اسان کان ڪو عمر ۾ وڏي آهي. مون سان هن جي گهڻي گهاٽي دوستي هئي جيڪا ڪاليج ۾ B. Sc: تائين ۽ ان کانپوءِ جڏهن اسان سڀ ڪونجن جي ولر جيان هڪٻئي کان ڌار ٿيوسين. تڏهن به ڪٿي نه ڪٿي ڳچ وقت کانپوءِ ملاقات ٿي. زهرى هڪڙي گورنمينٽ جي اداري ۾ ڊيٽابيس ايڊيٽر جي طور ڪم ڪرڻ لڳي هئي. ان دوران سندس شادي به ٿي وئي.
هي قصو اڄ کان کان پنجويهه- ستاويهه سال اڳ جو آهي، بيروزگاريءَ جي ڏينھن ۾ تعليم مڪمل ڪري سنڌ جي انهيءَ سھڻي شھر جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ اچي لڳيون سين. وڏن ماڻهن جي ڀينرن ۽ ڌيئن ته ميڊيڪل ڪاليجن جي داخلائن ۽ ڊاڪٽريءَ جي تعليم ورتي پر اسان مڊل ڪلاس پاڻ پنھنجي مدد ڪرڻ واريون سڀئي، آخر انهيءَ شھر جي رستن ۽ روڊن تي پيادل هلندي اسڪول ڏانھن هلي وينديون هيون سين. پنھنجي پنھنجي قسمت کي ٿوروگهڻو ڪوسي، پنھنجي سفر کي جاري رکيوسين. هر روز اخبارن جا پنا اٿلاياسين پر نوڪري هئي جا مَنَ جي محبوب وانگر ڪٿي ڪونه پئي لڀي، ڄڻ ڪنھن چورائي ورتي هئي.
بھرحال اسڪول ۽ ٽيوشن مان جڏهن فارغ ٿياسين ته اچي ستاويهه ۽ اٺاويهه سالن کي پڳاسين پوءِ ڇا ٿيڻو هو جنھن کي شادي جو ٻڌڻ سؤلو لڳو انهن شادي ڪئي، جن کي چونڊ جي تلاش هئي اهي چونڊ ڪرڻ ۾ لڳي ويون، جن کي فقط انتظار هو. اهي من ئي من ۾ انتظار کي پوڄڻ لڳيون. جن کي ذميواريون هيون اهي ذميوارين سان نڀائڻ ۽ انتظار کي ئي سڀڪجهه سمجهڻ لڳيون. پڙهائي ۽ محنت، جفاڪشي، دليري، ڏاهپ ۽ سرت کان وسان نه گهٽايائون. پر قسمت به ڪا شيءِ آهي. عقل ۽ مت کسجي وڃي ته ٻنهي صورتن ۾ انسان ڏهاڳ تي چڙهي ٿو. جن جون شاديون ٿيون ساهرن جي دکن، مڙسن جي الرن، پادرن سختين، صعوبتن ۽ ٻارن پالڻ جي ڌرم کي ڌرم سمجهي پنھنجي لائون لڌن گهوٽ سان هرحال ۾ هلڻ جي هام ڀري جڏهن به اسان سان مليون ته ”ٿڌا ساهه ئي ڀريائون ٿي“.
پاڻ ته جڳ جھڙيون ٿي ويون، هيون به منزل تي ڪونه پر منزل سمجهي سمجهوتو ڪيائون. جيڪي اولاد واريون ٿيون، اهي غير شادي شده ۽ جيڪي ڪجهه عرصي ۾ مڙسن کي ڪجهه قابو ڪيائون هو انهيءَ کي سک سمجهي اسان کان ايئن معلوم ڪنديون هيون ڄڻ اسان ڪا ٻي مخلوق هجون. پر زهرى چوندي هئي،”اڙي- شادي ڇونه ڪيئي ....“ ۽ پوءِ منھنجا ٽھڪ ...... ڪنداسين ..... .
زهرى ”اڃا ڪڏهن ڪندينءَ .... اڇو مٿو اچي ٿيو اٿئي. ٻڌ ڀلا مان ڳوليان ....... .“
”مھرباني، اهو ڪم اسان جو ذاتي آهي، اسان پاڻ ڪري وٺنداسين، توهان زحمت نه ڪيو“ مون چيو
زهرى ”چڱو پوءِ ڪر نه ڀلا .... الا ڙي ٻڌ نه .... شادي سٺي اٿئي .... هون ....“ مان سوچيندي چيو.
جيتري دير ان موضوع تي تي گفتگو رهندي، اوتري دير اسان منھن تي مرڪون ۽ ٽھڪ پڻ. پنھنجي دکن جو پاڻ گڏجي ڪٿارس ڪندي آهي. ”عورت“ شاديءَ کانپوءِ مڪمل ٿئي ٿي ۽ اها ..... جا اڻ پرڻيل .... شايد لوڪ جي دونھين پئي ٻرندي آهي ۽ ان جا ٽانڊا ڪڏهن به نه وسامندا آهن. شايد.... شايد ..... شايد ڪڏهن به نه!!!
**