اڪيلائين جي اذيت
ڪائنات ۾ هوءَ اڪيلي رهڻي هئي، شايد قسمت ڪري به پر هيءَ ته ڪوئي مڃڻ لاءِ تيار نه هو، هر ڪوئي پڇڻ وقت، وقت جي دز جا جوتا ان تي لڳائيندو هو. موٽ ۾ سشما منجهي پوندي هئي. ڪڏهن ڪوئي بھانو ته ڪڏهن ڪو ٻيو بھانو ڪري هوءَ پنھنجي ڄاڻ سڃاڻ مان پنھنجو پاڻ کي پاس ڪرائي ويندي هئي. پنھنجي پر ۾ سندس دوست ته هاڻ ڪائي نه هئي، تنھنڪري پيار ۽ شاديءَ جا سوال سڀ دوستيءَ جو دم ڀريندي پڇندا هئس ۽ اهو ئي باور ڪرائيندا هئس ته اهي سڀئي سندس سڄڻ ئي ته آهن.
هوڏانھن پنھنجي دنيا ۾ اڪيلائين جي اذيت ۾ گذاريندڙ سشما پنھنجي دنيا کان واپس اچي پنھنجي پيار ۾ حاصل ڪيل اذيت کي ڪنھن جي سامھون بيان به نه ڪري سگهندي هئي. سشما پنھنجي خاندان جي اڪيلي پرگهورَ لھڻ واري شخصيت پڻ هئي. هوءَ جڏهن به ان پيهه پيهان واري شھر مان پنھنجي ڪم ڪندڙ اداري مان واپس ٿيندي، اها بس ۽ سندس تنھائي جي لاءِ خوشين جا جهونڪا آڻيندي هئي.
هوءَ پنھنجي فرم مان شام جو ڇھين وڳي نڪرندي هئي. انهيءَ فرم ۾ هوءَ ڪم ڪندي ڪنھن سان به نه ڳالهائيندي هئي. ڪائنات ۾ ان کي دوکا به ايترا ئي مليا هئا. سشما پاڻ کي گهڻو پري ڪري ڇڏيو هو، جتي سندس من جي اڪيلائي سندس سھيلي هئي... بس ۾ شڪر ادا ڪندي هئي ته سندس ڪابه فرم ڪليگ ان روٽ جي نه هئي. نه ته اسٽاپ کان وٺي گهر تائين شايد ان کي اها جهٽ به سڪون جي ملي ها. ڇاڪاڻ ته زندگي زنده آهي، ان کي خوشي پيار ۽ سانت يقين گهرجي ٿي. پر سشما ۽ ٻين ڪيترن انسانن وٽ زندگيءَ ۾ اصل جوهر هجي ئي نٿو، ان تحت هو به هن زندگيءَ کي ماڻي سگهن ۽ زندگيءَ ۾ ڪڏهن رليڪس رهن. سشما کي ڀلا اهو ڏينھن ڪيئن وسرندو جڏهن فائن آرٽ ڊپارٽمينٽ ۾ پاس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ هڪ وڏي پروگرام کي رٿيو ويو، جنھن پروگرام کي هنن پنھنجي استادن سان گڏ ويهي ڊيزائن ڪيو هو ۽ جڏهن پروگرام حتمي شڪل ۾ اچڻ واري صلاح تي پڄڻ لڳندو هو ته سشما جهٽ سان چوندي هئي، ”پر مان شايد پروگرام ۾ پھچي نه سگهنديس.“ ته سڀ ڪلاس فيلوز هن ڏانھن تڪي اهو ئي چوندا هئا، ”ڏسو ايئن نه ٿيندو ته پوءِ اسان پنھنجي ٽارگيٽ تائين ڪونه پڄنداسين، اسان کي هن قسم جا پروگرام پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪرڻا پوندا، ڇاڪاڻ جو اسان آرٽ کي پروموٽ ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اسان سڀ اهو چاهيون ٿا.“
اهي سمورا ويچار پيش ڪيا سندس ان ڪلاس فيلو جيڪو فائن آرٽ مان ۽ هنن جي بيچ مان پھريون شاگرد هو جنھن يونيورسٽيءَ مان گولڊ ميڊل حاصل ڪيو هو.
راول، سشما سان مخاطب ٿيندي چيو،”سشما! توکي هر حال ۾ اچڻو پوندو. توهان کان سواءِ ۽ توهان جي ساٿ کانسواءِ اسان اهو پروگرام نه ٿا ڪري سگهون. اسان جي فائن آرٽ ڊپارٽمينٽ اسان جي بيچ ۾ آرٽ جا مجسمه ته توهان ئي آهيو.“
”ڏسو آءٌ توهان کي سڀني جي سامهون چوان ٿو ته توهان ايئن نه ڪندا، ڇاڪاڻ جو سڀئي پروگرام ڊزائن ڪرڻ وارا آهيون پر آرٽ سان دلچسپي جي ڪري ان ۾ سڀ کان وڌيڪ Contribution به ته توهان جو ئي آهي. اسان جو به آهي اسين سڀ دوست ايئن ئي گڏ هونداسين ۽ اسان گڏجي نئين وٿ سان اهڙا ڪم ڪنداسين. هاڻي ڏسو نه آرٽ جي لاءِ ڪڏهن به يونيورسٽي جو ايڏو وڏو شعبو آهي، ان ۾ ڪابه Exhibition نه لڳائي وئي آهي، پر اسان ڪنداسين.“
راول جي ايڏي وڏي سٺي ڀاشڻ تي چانھه پيئندي سڀني هاڪار ڪئي. ۽ سشما پڻ پنھنجي مجبورين ۽ معذورين کي ڪٿيندي پنھنجي ذهن ۾ نيٺ هاڪار ڪئي.
“Ok - It’s ok”
سشما وراڻيو،”۽ اسان سڀ اهڙيون ڪوششون وٺي فن کي پروموٽ ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اسان سڀئي پنھنجي ڪمٽمينٽ سان سچا آهيون ۽ اهو سڀ ڪندي اسان ڪيڏا نه خوش هوندا آهيون پر هڪ تمام وڏي Exhibition جيڪا اسان پنھنجي استادن کي پنھنجي يونيورسٽي کي Tribute ڪنداسين.“
قلندري طبيعت جو هڪ ٻيو ڪلاس فيلو جيڪو سشما سان مذاق ڪري پنھنجي زندگيءَ جو بار هلڪو ڪندو هو، ان پنھنجا ويچار ڪجهه هيئن پيش ڪيا، ”يار! اهو ڪم آهي ته بھتر ۽ ڀلو پر توهان سڀ رڳو صلاحن جون ٻٽاڪون هڻدؤ يا اسان مان هرڪوئي پنھنجي پنھنجي ڪم کي ورهائي کڻي- پوءِ وري ڪنڊا نه ڪڍڻا پون.“
راول،”تون ته صفا ڄٽ آهين، اڙي چرٻٽ اسان جي بيج مان توهان چار ئي ته آهيو جيڪي ايڏي وڏي آرٽ جي ايگزيبيشن ڪرائيندا. باقي اسان سڀ ساٿ ۾ ئي ته آهيون.“
”ڇا مطلب يار؟“ چرٻٽ چيو.
راول،”چريا! Financially توهان چارئي پوزيشن ۾ ۽ نوڪرين وارا آهيو، سو اهو ڪم توهان چئني ئي تي آهي. يعني تون، سشما، سورمي ۽ سورٺ.“
ڪريم ڏني چيو،”۽ سائين توهان پاڻ ....؟؟“
روال ”سائين اسان ته آهيون ئي آهيون.“
سشماپنھنجي بيوقوفيءَ کي ظاهر ڪندي فرمايو،”پر اهو ته ٻڌايو پر هيڊ ڪيترو حصو بيھندو“ ۽ ان سان گڏوگڏ ٿلهي متاري سورمي به چيو، ”حاضر جيڪڏهن توهان سڀ سيريس آهيو ته پوءِ سڀني کي Participate ڪرڻو پوندو.“
راول،”اڇا ڀلا سيريس ڪيئن ٿيون؟ مان چيئرمين صاحب سان ڳالهائي ڇڏيو آ، سائين به راضي آ- ۽ اهو سڀ پھريان، ڇا توهان نه پئي چاهيو...؟؟“
سشما،”او. ڪي“
”هاڻ جڏهن اهو سڀ ڪرڻو ئي آهي ته پوءِ ڪرڻو آ، نه ته پوءِ وقت نه سيڙايو. آخر .... ٻيا به ڪم ڪار آهن، فضول وقت نه وڃايو ۽ بس سڀ ايگريڊ ٿيو ۽ اهو ٻڌايو ڪڏهن تائين پروگرام ڪرڻو آهي؟ ڇاڪاڻ جو موڪل به وٺڻي پوندي. باقي توهان سڀ ته آهيو واندا ماڻهو.“
راول ”ها سائين .... سچ ٿا چئو.“
سشما ”ان ۾ سائين چوڻ جي ڇا ڳالهه آ، مون غلط ته ڪونه چيو. ڪرڻو آهي ته ڪرڻو آ، صبح کان وٺي گهوگهيتي وانگر ڄمي پيا هلو.“
راول ”Ok - Ok“
سشما ”ماءِ ڊيئر! اسان سڀني جي راءِ اها آهي ته جيئن ته برسرِ روزگار آهيو ۽ سڀن کان سينئر آهيو ته هن پروگرام جي Finance ۾ صرف ۽ صرف توهان Participate ڪيو. باقي توهان جي فرم مان اوهان کي موڪل ته ڏکي ملندي ته پوءِ سڀ Arrangements اسان تي آهن.“
”پر...!“ سشما وراڻيو،”اها ته زيادتي آهي، مان اڪيلي سر هن Exhibition لاءِ ڪيئن سڄو امائونٽ ڀرينديس، توهان سڀ ڇا ٿا چاهيو؟“
راول ”اڙي بابا اسان به توهان سان گڏ آهيون.... اسان ۽ توهان ۾ ڪھڙو فرق آ.“ سڀن چيو ايئن نه آهي.
سورمي چيو،”سشما اسان سڀ گڏ آهيون يار!“
سشما ”پنھنجي اندر جي دنيا ۾ ائين فرق ٿي وئي جيئن ٽوٻو پاڻيءَ ۾.“
هوءَ سوچڻ لڳي .... پر اهو سڀ ڪيئن ٿيندو؟ باقي سڀ مسئلا ڪيئن مئنيج ڪنديس.
سورميءَ جي آواز تي سشما خيالن جي دنيا مان واپس وري آهي.
سورمي ”سشما! اسان به ڪنٽريبيوٽ ڪنداسين، تون دل نه لاهه ۽ هي سڀن جو پروگرام تو هڪڙيءَ جو ٿورئي آهي، مون مان صرف موٽ.“
سشما تي دل ڏيندڙ ته گهڻا هئا، پر هن جي ڪنھن تي اک ئي نه ٻڏندي هئي. هن کي اها خبر ئي نه هئي ته جنھن پيار ۽ پاٻوهه ۾ هوءَ پنھنجي ڊپارٽمينٽ جي ناماچاري ۽ آرٽ جي پروموشن لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي، اتي ئي هوءَ سھڻيءَ وانگيان ٻڏندي ......
ڪير ڄاڻي ته اڳيان وقت سندس لاءِ ڪھڙي سوغات آڻي ٿو ۽ چيو جيوَ کي ڪھڙي خبر ته زندگيءَ جي جيو گهرڙن ۾ ساڻس وابسته جيو هن لاءِ ڪيئن نه اذيت جو سمنڊ آڻيو ڇڏين.
سشما وراڻيو،”ته پوءِ مون کي اجازت ڏيو، مان هلان ٿي، پنھنجي فلائيٽ تيار آهي. ٿوري به دير ٿي ته فلائيٽ اڏامي ويندي ۽ پوءِ ڊيمي رينجر لاؤنچ يعني بس اسٽاپ تي سڄي حياتيءَ جو اڌ حصو ڪنھن ايبسٽريڪٽ پينٽنگ وانگر بڻجي ويندو.“
سڀ هڪ آواز ۾ ”ها صحيح پئي چوين....“
”ايئن ئي ٿيندو....؟؟؟“ سڀ کلندي.
سشما،”هاڻ اٿو به کڻي، شيئر جو فڪر نه ڪريو، متان ساهه وڃيو، مان پارٽيسيپيٽ ڪيان وڏي خود سا دلي سان باقي توهان سڀ پاڻ ڄاڻو.“
”نه سشما سان سڀ گڏجي ڪيون پيا ۽ اسين سڀ ڪلاس فيلوز ۽ دوست آهيون. ڪراين کي سرڪائيندي انهن سڀني پنھنجا پنھنجا لفظ ڀڻڪيا.“
جڏهن هو هوٽل مان نڪتا ۽ پنھنجي منزل ڏانھن راهي ٿيا هئا ته راول چيو، ”بس مھيني ۾ اهو پروگرام ڪرڻو آهي. توهان ٽئي سشما کي اطلاع ڏنو ويندو ڇاڪاڻ جو توهان ڪجهه ڏينھن فرم جي طرف ڪنھن ٽريننگ تي ويندا.“
” Oh! really “ سورميءَ چيو ۽ سڀني مسڪرايو.
سشما،”هون هون ته پوءِ مون کي Inform ضرور ڪجو. جي اچي سگهيس ته اچي وينديس.“
راول، چرٻٽ، سورمي سڀني ”Ok“ وراڻيو.
سشما تڪڙيون وکون کڻندي روڊ ڪراس ڪيو ۽ پرئين پاسي ڏانھن ڪجهه وکون هلندي اسٽاپ تائين پڄي بيھي رهي. بس جيڪا اچڻ جو نالو ئي نه پئي کڻي. پندرهن منٽ ۽ هنن وڏي شھرن جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ اصل دم ڪڍيو ڇڏي. بيھي بيھي پير سُن ٿي وڃن ته به بس جو نالو ئي ڪونهي.
سشما اهو ئي سوچي رهي هئي ۽ بس اچي وئي، وڏي مشڪل سان جڳهه ملي ته ڪجهه ساهه کنيائين بس هلندي هلي ۽ روڊ به ان سان ڀڄندو رهيو ۽ وقت به اهڙو درياءُ آهي ڪڏهن ٻوڙي ته وري ڪڏهن تاري.
سشما هاڻي پنھنجن خوابن ۽ خيالن مان نڪري آئي، عمر جي ان حصي ۾ جڏهن پيار جا ڏانوڻ ڪاٽيا وڃن ته عمر پڪي لڳندي آهي.
سشما پنھنجي اندر جي دنيا ۾ ڀڄي ڀور ڀور ٿيل نازڪ ۽ نفيس روح هئي جنھن وٽ سوا درد ۽ انهن کي جهيلڻ جي ٻيو ڪو وس نه هو. سشما جا والدين انتھائي پيرسن هئا، هوءَ پنھنجي والدين جي پوري پوري سنڀال لھندي هئي. پروگرام جي فنڊنگ ۾ سندس ڪنٽريبيوٽ نه ڪرڻ هن کي پنھنجي فرض سان ڪوتاهي پئي محسوس ٿئي. پر سشما پنھنجي پاڇي وقت مان پينٽنگز ٺاهي پنھنجي واڌو خرچن کي پورو ڪندي هئي ۽ اهي پينٽنگز سندس شھر جي هڪ وڏي بيگم ”بي بي“ وٺندي هئي. هوءَ پنھنجي سڀني پينٽنگز جو ڪوبه ملهه نه رکندي هئي. بس سشما ڏاڍي ڀورڙي ڇوڪري هئي. هوءَ جنھن تنھن جي پيار ۾ پنھنجو سڀ تَنُ مَنُ وسائي ڇڏيندي هئي.
سشما ”اڄ مون کي ميڊم بي بي سام ملڻ گهرجي.“ هوءَ بس اهو سوچيندي رهي ته ايتري رقم آڻيندي ڪٿان، ڀورڙائيءَ ۾ هوءَ ها ته ڪري ويٺي پر ..... هاڻي ته ڏچي ۾ اچي پئي. هن مھيني سندس امڙ جي دوائن تي گهڻو خرچ اچي ويو هو. بھرحال هاڻي پريشانيءَ ۾ هن پاڻ سان ڳالهايو ۽ ائين سندس گهر جو اسٽاپ به اچي ويو، سشما کي خبر ئي نه پئي.
وقت ڪائنات جو ازلي ۽ ابدي سچ بخشيندو آهي، سو هڪ اهڙو سچ سشما جي لاءِ اچي رهيو هو جنھن جي سشما کي ڪا ڪلَ ئي ڪانه هئي. بس هو را کورا هيس ته پروگرام ٿي وڃي ۽ سندس ڊپارٽمينٽ جو نالو ٿئي، ان بھاني سان هوءَ آرٽ ۾ ڪا خدمت ڏئي سگهي.
سشما بس اسٽاپ تي بس مان لھي پنھنجي امان ۽ بابا کي ياد ڪندي تڪڙيون وکون کڻندي گهر پھتي. سندس امان ۽ بابا جيستائين هوءَ گهر پھچي، در ۾ ديدون وجهي ويٺا نھاريندا هئا. سشما گهر پھچي پنھنجي والدين کي پرنام ڪيو ۽ کٽ تي پيل امڙ جي وجود کي وڏو ڀاڪر پاتو.
سشما جي امان، ”سشما پٽ! ايڏي دير؟“
”ڇا ڪيان امان؟ پنڌ به ته ڏسو، بس جي حالت کان ته توهان واقف آهيو. مان پاڻ ٿوروئي دير ڪئي.“
”چڱو ابا، خير آ، بس اسان جو ٻچو پھچي ويو.“ سندس پيءُ چيو
هوءَ اٿي پنھنجي پيءُ کي به هڪ ڀاڪر پائي ٿي.
سشما جو پيءُ ماءُ ۾ ساهه هوندو هو. هوءَ انهن جي ئي پيار ۾ ديواني رهجي وئي. ساري دنيا ان کي ديوانو ۽ ڀورڙو سمجهندي هئي ۽ هوءَ هئي جو پنھنجي من متي ۽ سادگيءَ ۾ پئي سفر کي جاري رکندي هئي.
ويٺي ويٺي سشما کي خيال آيو،”آئي امڙ روٽيءَ ۾ ڇا ٺاهيان؟“
سندس امان،”جيڪو وڻئي ٺاهه.“ پوءِ هن رسوئي گهر ڏانھن ڊوڙ پاتي. کاڌو تيار ڪري جلدي سان پنھنجي امڙ ابي کي ڏئي پاڻ پوءِ کاڌائين.
برتن رسوئي گهر ۾ رکندي هن کي خيال آيو، ڪاش اڄ ليلى اچي نڪري، شام تائين وجود تي ڪجهه بار هئا. ليلى سندس اڪيلي دوست هئي ۽ هو ٻئي هڪٻئي کي ڏاڍو ڀائينديون هيون.
ڇا ليلى جي سچ ۾ به دوست هئي؟....؟؟؟
ڪڏهن سشما ان باري ۾ به سوچ ويچار ڪندي هئي.
سشما سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏي وئي، پنھنجي پِتا (پيءُ) جي آواز جي سڏ تي هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
**