جياپي جو سوال
مون چيو ”ڪٿي به نه. عورت ڪٿي ئي ڪونهي. ڪجهه پڙهي وٺان هان ته پاڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهان ها پر .... ماهم زندگيءَ، مرد جي دوکي جو نانءُ ۽ اهڃاڻ بڻجي پئي. توهان جي شفٽ ٿي وڃڻ کانپوءِ مئٽرڪ تائين پڙهيس ۽ پوءِ منھنجي شادي ڪرائي وئي ۽ مان هڪ پڃري جو قيدي پکي بڻجي رهجي ويس ۽ سڄي حياتي ايئن ئي گذرندي، ابي امان، ڀائر، ڀينرن جو سوچيندي، پھه پچائيندي آءٌ گذارو ڪريان پئي. خبر اٿئي، بابا ۽ امان وڏيءَ کانپوءِ ته هاڻي آءٌ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهان.“ اهو سڀ ٻڌائيندي سندس لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا.
”تون ٻڌاءِ ماهم مرد ائين ڇو هوندا آهن؟، سماج جون سڀئي ڪڌيون رسمون ۽ ڏاوڻ اسان لاءِ ڇو؟، ماهم اسين ڪٿي به نه آهيون ۽ ڪجهه به نه آهيون. عورت مرد جي نظر ۾ ڪجهه به نه آهي؟ جي ڪجهه آهي ته ڪنھن رانديڪي کان وڌيڪ نه آهي؟ ايئن ڇو؟!“ هن نھايت معصوم انداز ۾ پنھنجي لڙڪن کي اگهندي پنھنجي هٿن کي منھنجي هٿن ۾ ڏيندي چيو،
”مرد سچائيءَ سان دوکو ڪندو اٿئي... هن کي سچائيءَ سان پيار نه آهي ؟ هوڪوڙ ڳالهائيندو آهي؟ هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ايئن آهي يا نه ماهم ....؟“
مان پنھنجي انتھائي پياري دوست سان ملي پنڊ پھڻ ٿي وئي هئس، سندس سڀ ڏکارا سوال ۽ جياپي جو سوال وڏي اذيت وارو هو.
”ماهم! ڇا واقعي ”عورت“ مرد جي پاسريءَ مان ٺاهي وئي آهي؟“ هن پڇيو، سندس ڪنھن به سوال جي جواب ۾ آءٌ ڪجهه ڪڇي سگهڻ جي طاقت نه ساري مون ”ها“ چيو. پر هاڻي مرد، عورت جون پاسراٽيون ڀڃندي، سڪون محسوس ڪندو آهي.
**